27 پر ابيسلوم کيس اهڙو تہ زور ڀريو جو هن امنون ۽ ٻين سڀني شهزادن کي بہ ساڻس گڏ وڃڻ ڏنو.
27 پر ابي سلوم اهڙو زور ڪيس جو هن امنون، ۽ ٻين سڀني شهزادن کي ساڻس وڃڻ ڏنو.
تڏهن ابيسلوم چيس تہ ”ڀلا جي ائين نہ، تہ پوءِ گھٽ ۾ گھٽ منهنجي ڀاءُ امنون کي تہ اسان سان گڏ هلڻ جي اجازت ڏي.“ تنهن تي بادشاهہ پڇيس تہ ”هو تو سان گڏ ڇو هلي؟“
پوءِ ابيسلوم پنهنجي نوڪرن کي حڪم ڏيئي چيو تہ ”هاڻي نظر رکجو تہ جڏهن امنون مئي پي مست ٿئي ۽ آءٌ اوهان کي چوان تہ امنون کي ماريو، تڏهن اوهين انهيءَ کي قتل ڪري ڇڏجو، ڊڄجو نہ. آءٌ پاڻ اوهان کي اهو حڪم ڏيان ٿو. سو همت وارا ۽ بهادر ٿجو.“