Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 13:22 - Muslim Sindhi Bible

22 جڏهن تہ ابي‌سلوم امنون کي ان وقت ڪوبہ ڀلو يا برو تہ نہ چيو، پر هو کانئس نفرت ڪرڻ لڳو، ڇاڪاڻ تہ هن سندس ڀيڻ تمر جي بي‌حرمتي ڪئي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 ۽ ابي سلوم امنون کي نہ ڀلو چيو نہ برو: ڇالاءِ جو ابي سلوم امنون کي ڌڪاريندو هو؛ ڇالاءِ جو هن سندس ڀيڻ تمر سان زور زبردستي ڪئي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 13:22
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن لابن ۽ بيتوايل وراڻيو تہ ”اها ڳالهہ خداوند جي طرفان آهي، سو اسين ڪجھہ بہ نہ ٿا چئي سگھون.


پر خدا رات جو خواب ۾ لابن اراميءَ کي چيو تہ ”خبردار، متان يعقوب کي ڪجھہ چڱو مَٺو چوين.“


اهو منهنجي وس ۾ آهي تہ آءٌ تو کي ڪنهن بہ تڪليف ۾ وجھي ڇڏيان، پر ڪالهہ رات تنهنجي پيءُ جي خدا مون کي چيو تہ ’خبردار، متان يعقوب کي ڪجھہ چڱو مَٺو چوين.‘


جڏهن دائود بادشاهہ اهي سڀ ڳالهيون ٻڌيون، تڏهن هو ڏاڍو ڪاوڙيو. پر هن پنهنجي پٽ امنون کي سزا ڏيڻ نہ ٿي چاهي، ڇاڪاڻ تہ هو سندس سڪيلڌو پٽ هو جنهن سان هو محبت ڪندو هو.


جيڪو پنهنجي نفرت کي لڪائي ٿو، سو ڪوڙو ماڻهو آهي، ۽ جيڪو گلا غيبت ٿو ڪري سو بي‌وقوف آهي.


جيڪڏهن اوهان جو ڪنهن ٻئي سان ڪو معاملو آهي، تہ اهو پاڻ ۾ ويهي نبيريو، پر انهيءَ معاملي جو راز ڪنهن ٽئين سان نہ سليو.


نفرت رکندڙ ماڻهو پنهنجي مٺڙين ڳالهين سان ڪيني کي لڪائي ٿو، مگر دل ۾ هو بڇڙائيءَ وارا منصوبا ٿو جوڙي.


جيتوڻيڪ هو چالاڪيءَ سان ڪيني کي ڍڪي ٿو، تڏهن بہ سندس بڇڙائي هر ڪنهن آڏو ظاهر ٿيو پوي.


پنهنجيءَ ڪاوڙ تي ضابطو رکو، ڇاڪاڻ تہ ڪاوڙ رڳو بي‌عقلن جي دلين ۾ رهي ٿي.


”جيڪڏهن اوهان جو ڪو هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ اوهان جو ڪو ڏوهہ ٿو ڪري تہ هن کي اڪيلائيءَ ۾ وڃي سمجھايو. جيڪڏهن هن اوهان جي ڳالهہ مڃي تہ اوهان هڪ هم‌ايمان کي موٽائي آندو.


جيڪڏهن اوهان کي ڪاوڙ اچي وڃي تہ گناهہ نہ ڪجو، بلڪ سج لهڻ کان اڳ اوهان جي ڪاوڙ بہ ختم ٿي وڃي.


هر قسم جي ڪيني، غضب، ڪاوڙ، هل هنگامي ۽ گھٽ وڌ ڳالهائڻ کي هر طرح جي بدنيتيءَ سميت پاڻ کان پري ڪريو.


پر جيڪو پنهنجي هم‌ايمان سان نفرت ٿو ڪري، سو اونداهيءَ ۾ آهي ۽ اونداهيءَ ۾ هلي ٿو. کيس خبر نہ آهي تہ ڪيڏانهن ٿو وڃي، ڇاڪاڻ تہ اونداهيءَ سندس اکين کي انڌو ڪري ڇڏيو آهي.


جيڪو دعويٰ ٿو ڪري تہ ”آءٌ روشنيءَ ۾ آهيان،“ پر پنهنجي هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ سان نفرت ٿو ڪري، سو اڃا تائين اونداهيءَ ۾ آهي.


سو ڪير خدا جو ٻار آهي ۽ ڪير ابليس جو؟ اهو هن مان معلوم ٿئي ٿو تہ جيڪو سچائيءَ جا ڪم نہ ٿو ڪري ۽ جيڪو پنهنجي هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ سان پيار نہ ٿو ڪري سو خدا جو ٻار نہ آهي.


اوهين قابيل وانگر نہ ٿجو، جيڪو ابليس جي ٽولي مان هو ۽ پنهنجي ڀاءُ جو خون ڪيائين. قابيل پنهنجي ڀاءُ جو خون ڇو ڪيو؟ انهيءَ ڪري جو قابيل جا ڪم بڇڙا هئا، جڏهن تہ سندس ڀاءُ جا ڪم سچائيءَ وارا هئا.


جيڪو بہ پنهنجي ڪنهن هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ سان دشمني ٿو رکي سو خوني آهي ۽ اوهين ڄاڻو ٿا تہ ڪوبہ خوني دائمي زندگيءَ جي حالت ۾ نہ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ