Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 13:19 - Muslim Sindhi Bible

19 تڏهن تمر پنهنجي مٿي ۾ رک وڌي ۽ بدن تي پهريل خاص نقشيدار گھگھرو ڦاڙي ڇڏيائين. پوءِ پنهنجا هٿ مٿي تي رکي، وڏي آواز سان روئندي رڙندي رستو وٺي هلي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 ۽ تمر پنهنجي مٿي تي خاڪ وڌي، ۽ جيڪي رنگين ڪپڙا پيل هئس سي ڦاڙي ڇڏيائين؛ پوءِ پنهنجو هٿ مٿي تي رکي رستو وٺي هلي وئي، ۽ وڏي سڏ دانهون ڪندي وئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 13:19
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن روبن موٽي کوهہ وٽ آيو ۽ جيئن جو ڏٺائين تہ يوسف تہ منجھس آهي ئي ڪونہ! تڏهن هن وٺي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا.


تڏهن دائود ڏک وچان وٺي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ جيڪي ٻيا ماڻهو ساڻس گڏ هئا تن بہ ائين ئي ڪيو.


ٽئين ڏينهن تي هڪڙو ماڻهو سائول جي لشڪر‌گاهہ کان آيو، جنهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا هئا ۽ مٿي ۾ مٽي وڌي هئائين. هو جڏهن دائود وٽ پهتو تہ زمين تي پيشاني رکي کيس تعظيم ڏنائين.


تڏهن سندس ڀاءُ ابي‌سلوم کيس چيو تہ ”تنهنجي ڀاءُ امنون تو سان زيادتي ڪئي آهي ڇا؟ چڱو، اي منهنجي ڀيڻ! هاڻي ماٺ ڪر. هو تنهنجو ماٽيلو ڀاءُ آهي، سو انهيءَ ڳالهہ جو دل ۾ فڪر نہ ڪر.“ پوءِ تمر پنهنجي ڀاءُ ابي‌سلوم جي گھر ۾ دل شڪستہ رهندي آئي.


جڏهن مردڪئيءَ کي انهيءَ سڄي ڳالهہ جي خبر پيئي تڏهن هن وٺي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ مٿي ۾ رک وجھي بدن تي کٿو ڍڪي شهر جي رستن تي اچي رڙيون ڪري روئڻ پٽڻ لڳو.


جڏهن اڃا هو پرڀرو ئي هئا تہ ايوب تي نظر پين، مگر کيس سڃاڻي نہ سگھيا. پر جڏهن کيس سڃاتائون تڏهن اهي رڙيون ڪري روئڻ ۽ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙڻ لڳا ۽ پنهنجن مٿن ۾ مٽي وڌائون.


تڏهن نہ رڳو پنهنجي چيل ڳالهين جي ڪري آءٌ پاڻ کي ننديان ٿو، بلڪ مٽي ۽ رک مٿي ۾ وجھي توبهہ ٿو ڪريان.“


تون پنهنجي وطن مان بہ قيد ٿي نڪرندينءَ، ڇاڪاڻ تہ جن تي تنهنجو ڀروسو آهي تن کي مون خداوند رد ڪيو آهي. انهن کان تو کي ڪابہ مدد ڪانہ ملندي.“


تڏهن يشوع ۽ بني اسرائيل جي اڳواڻن ڏک وچان پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ خداوند جي عهد واري صندوق جي اڳيان شام تائين زمين تي منهن ڀر پيا رهيا. هنن پنهنجن مٿن ۾ مٽي پڻ وڌي.


تڏهن بنيامين قبيلي جو هڪڙو ماڻهو جنگ جي ميدان کان ڀڄندو ساڳئي ئي ڏينهن اچي سيلا ۾ پهتو. هن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا هئا ۽ مٿي ۾ مٽي وڌي هئائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ