Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 12:7 - Muslim Sindhi Bible

7 تڏهن ناتن دائود کي چيو تہ ”اهو ماڻهو تون ئي آهين. خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ’مون ئي تو کي مسح ڪري بني اسرائيل جو بادشاهہ بڻايو ۽ تو کي سائول جي هٿان پڻ ڇڏايم.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 تڏهن ناتن دائود کي چيو، تہ اهو ماڻهو تون آهين. خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ مون توکي اسرائيل جي مٿان مسح ڪيل بادشاهہ ڪيو، ۽ توکي سائول جي هٿان ڇڏايم؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 12:7
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ عورت کيس چيو تہ ”پوءِ توهان ڪهڙي سبب خدا جي قوم جي خلاف اهڙي ڳالهہ ڪئي آهي؟ جيئن تہ بادشاهہ پنهنجي پٽ کي شهر نيڪالي ڏيئي ڇڏي آهي ۽ کيس وري گھرائي بہ نہ ٿو وٺي ۽ انهيءَ ڳالهہ ڪرڻ ڪري بادشاهہ پاڻ کي ڏوهاري ٿو بڻائي.


جڏهن خداوند دائود کي سندس سڀني دشمنن ۽ سائول جي هٿان بچائي آرام ڏنو، تڏهن هن خداوند جي حضور ۾ هي گيت ڳايو تہ


۽ جنهن مون کي دشمنن کان بچايو آهي، تنهن جي شل واکاڻ پيئي ٿئي! اي خداوند! مخالفن جي ظلم کان تو ئي مون کي بچائي ورتو آهي، بلڪ مون کي انهن مٿان سرفراز ڪيو اٿيئي.


تنهنڪري اي ناتن! هاڻي تون منهنجي ٻانهي دائود کي مون قادرِمطلق خداوند جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’مون تو کي رڍن پٺيان هلندڙ ريڍار مان ڦيرائي پنهنجي قوم بني اسرائيل مٿان حاڪم مقرر ڪيو آهي.


وڃ، وڃي يربعام کي ٻڌاءِ تہ خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ’مون تو کي ٻين ماڻهن ۾ عزت وارو ڪيو ۽ پنهنجي قوم بني اسرائيل جي ڏهن قبيلن مٿان تو کي اسرائيل جو بادشاهہ بڻايم.


الياس ورندي ڏيئي کيس چيو تہ ”مون اسرائيل کي نہ آزاريو آهي. پر تو ۽ تنهنجي پيءُ عمريءَ جي گھراڻي اسرائيل کي آزاريو آهي. تو خداوند جي حڪمن کي مڃڻ ڇڏي ڏنو آهي ۽ بعل ديوتا جي پٺيان لڳو آهين.


پر جڏهن آءٌ ڪن ڪمن ۾ مصروف هئس تہ اهو ماڻهو ڀڄي ويو.“ تنهن تي اسرائيل جي بادشاهہ کيس وراڻيو تہ ”تو پنهنجو فيصلو پاڻ ڪري ڇڏيو آهي. سو تو کي هرجاڻو ڀري ڏيڻو پوندو.“


پوءِ انهي نبيءَ چيس تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’تو هڪ واجب‌القتل ماڻهوءَ کي ڇڏي ڏنو آهي، تنهنڪري هن جي جان جي عيوض تنهنجي جان ورتي ويندي ۽ تنهنجي فوج کي هن جي فوج جي عيوض تباهہ ڪندس.‘“


اي خداوند! تون جيڪو منهنجي طاقت آهين، آءٌ تو کي پيار ڪريان ٿو.


تڏهن مون يرمياہ اهي سڀ ڳالهيون يروشلم ۾ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي اچي ٻڌايون.


اي بادشاهہ سلامت! اهو وڻ توهين ئي آهيو، جيڪي وڌي مضبوط ٿيا آهيو. توهان جي عظمت وڌي آسمان سان وڃي لڳي آهي ۽ توهان جي حاڪميت ڌرتيءَ جي آخري ڇيڙي تائين وڃي پهتي آهي.


جڏهن عيسيٰ ٻيڙيءَ مان لٿو تہ هن هڪ وڏو ميڙ ڏٺو. سندس دل رحم سان ڀرجي ويئي، سو اچي انهن جي بيمارن کي شفا ڏيئي چڱو ڀلو ڪيائين.


سموئيل سائول کي چيو تہ ”تو بي‌وقوفيءَ وارو ڪم ڪيو آهي. جيڪڏهن تون خداوند پنهنجي خدا جي ڏنل حڪم تي پوريءَ طرح عمل ڪرين ها تہ اڄ خداوند تنهنجي بادشاهي بني اسرائيل تي هميشہ جي لاءِ قائم ڪري ڇڏي ها.


سموئيل چيس تہ ”جيتوڻيڪ تون پنهنجيءَ ئي نظر ۾ تمام خسيس هئين، تڏهن بہ ڇا تو کي بني اسرائيل جي قبيلن جو اڳواڻ مقرر نہ ڪيو ويو؟ بلڪ خداوند تو کي چونڊي مسح ڪرائي بني اسرائيل جي مٿان بادشاهہ بڻايو.


پوءِ سموئيل سڱ ۾ پيل زيتون جو تيل کنيو ۽ هن کي سندس ڀائرن جي روبرو مسح ڪيائين. انهيءَ ڏينهن کان وٺي خداوند جو روح دائود تي هميشہ نازل ٿيندو رهيو. پوءِ سموئيل اٿيو ۽ رامہ شهر ڏانهن روانو ٿيو.


سو هن ائين دل ۾ چوندي پنهنجو نيزو اڇلايو تہ ”آءٌ دائود کي ڀت ۾ ٽُنبي ڇڏيندس.“ پر دائود ٻہ دفعا سندس نشانو گسائي ويو.


هن سوچيو تہ ”آءٌ اها دائود کي ئي ڏيندس تہ ڀلي اها هن جي لاءِ ڦندو ٿئي ۽ هو فلستين هٿان مارجي وڃي.“ تڏهن هن ٻئي ڀيري دائود کي چيو تہ ”تون هاڻي منهنجو ناٺي ٿيندين.“


دائود زيف شهر جي ويجھو بيابان واري جابلو علائقي ۾ وڃي لڪي رهڻ لڳو. سائول روزانو دائود جي ڳولا ڪندو پئي رهيو، پر خدا کيس سندس هٿن ۾ نہ ڏنو.


سائول کي جڏهن خبر پيئي تہ دائود قعيلہ شهر ۾ آيو آهي، تڏهن هو چوڻ لڳو تہ ”خدا دائود کي منهنجي چنبي ۾ آندو آهي، ڇاڪاڻ تہ هو اهڙي شهر ۾ اچي گھڙيو آهي جنهن کي چوڌاري ڪوٽ آهي، سو هو هاڻي قيد ۾ آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ