Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 12:31 - Muslim Sindhi Bible

31 هن شهر جي ماڻهن کي ٻاهر وٺي وڃي ڪرٽن، لوهي ڏاندارين ۽ ڪهاڙن جي ڪم تي لڳايو ۽ بٺن ۾ سرن ٺاهڻ جي بيگر ۾ هنيو. هن بني عمون جي سڀني شهرن جو اهو ئي حال ڪيو. پوءِ دائود ۽ سندس سڀيئي ماڻهو يروشلم ۾ موٽي آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 ۽ انهيءَ ۾ جيڪي ماڻهو هئا تن کي ڪڍي ڪرٽن هيٺ، ۽ لوهہ جي ڏاندارين ۽ ڪهاڙين هيٺ رکيائين، ۽ سرن جي کوري مان لنگهايائين: ۽ هن بني عمون جي سڀني شهرن جو اهو حال ڪيو. پوءِ دائود ۽ سڀ ماڻهو موٽي يروشليم ۾ آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 12:31
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن موآبين کي پڻ شڪست ڏني ۽ انهن کي زمين تي قطار ۾ سمهاري رسيءَ سان انهن جي ماپ ورتائين. هر ٻن رسين جي ماپ وارا ماڻهو هن مارائي ڇڏيا ۽ ٽين رسيءَ جي ماپ وارا جيئرا ڇڏي ڏنائين. اهڙيءَ طرح موآبي دائود جا ٽيڪس ڀريندڙ تابعدار ٿيا.


ان مهل دائود بہ آيل هو ۽ هن عمونين جي ديوتا مولڪ جي مٿي تان سونو تاج لاهي ورتو، جنهن جو وزن چوٽيهہ ڪلوگرام هو ۽ انهيءَ ۾ هڪ قيمتي هيرو جڙيل هو. اهو هيرو دائود جي تاج ۾ لڳايو ويو. هن شهر مان تمام گھڻو لُٽ جو مال پڻ هٿ ڪيو.


انهيءَ شهر ۾ جيڪي ماڻهو هئا، تن کي هن ٻاهر وٺي وڃي ڪرٽن، لوهہ جي ڏاندارين ۽ ڪهاڙين جي ڪم تي لڳائي ڇڏيو. دائود بني عمون جي سڀني شهرن سان ائين ئي ڪيو. پوءِ دائود پنهنجي سڄي لشڪر سميت يروشلم ۾ موٽي آيو.


”تون وڏا وڏا پٿر کڻي تحفنيس واري فرعون جي محل جي دروازي جي سامهون رستي واري فرش ۾ يهوداہ وارن جي روبرو چوني سان هڻي ڇڏ.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”عمون علائقي وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هنن پنهنجي سرحدن کي وڌائڻ جي انڌ ۾ جِلعاد علائقي جي حاملہ عورتن جا بہ پيٽ ڦاڙي ڇڏيا.


تنهنڪري آءٌ ربہ شهر جي ڪوٽ تي باهہ ڀڙڪائيندس، جيڪا ان جي محلاتن سميت سڀني کي جنگ جي ڏينهن تي طوفاني واچوڙن وانگر للڪار ڪندي برباد ڪري ڇڏيندي.


ارام وارن بابت خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”دمشق شهر وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هنن جِلعاد شهر وارن کي ڳاهڻ وارن لوهي اوزارن سان ڳاهي ڇڏيو آهي.


ڪي ماڻهو سنگسار ڪيا ويا، ڪي ڪرٽ سان چيريا ويا ۽ ڪي تلوار سان قتل ڪيا ويا. ڪي ماڻهو محتاجيءَ، مظلوميءَ ۽ بدسلوڪيءَ جي حالت ۾ رڍن ۽ ٻڪرين جون کلون پائي


پوءِ يشوع بني اسرائيل جي سڄي لشڪر سميت خيمي‌گاهہ ڏانهن جِلجال ۾ موٽي آيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ