Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 12:25 - Muslim Sindhi Bible

25 سو خداوند ناتن نبيءَ جي معرفت پيغام موڪليو، جنهن انهيءَ ٻار جو نالو خداوند خاطر يديدياہ رکيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 ۽ هن ناتن نبيءَ هٿان چوائي موڪليو، ۽ خداوند واسطي هن جو نالو يديدياہ رکيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 12:25
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ دائود پنهنجيءَ زال بت‌سبع کي دلاسو ڏنو. تنهن کان پوءِ جڏهن هو وٽس وڃي ساڻس هم‌بستر ٿيو تہ انهيءَ مان کيس پٽ ڄائو، جنهن جو نالو هن سليمان رکيو. خداوند انهيءَ ٻار سان محبت رکي.


هوڏانهن يوآب عمونين جي گاديءَ واري شهر ربہ وٽ جنگ جاري رکي ۽ شهر کي گھيرو ڪري ورتو.


پر انهيءَ ئي رات خداوند ناتن سان ڳالهائيندي کيس فرمايو تہ


تڏهن ناتن سليمان جي ماءُ بت‌سبع کي چيو تہ ”تو نہ ٻڌو آهي ڇا تہ حجيت جو پٽ ادونياہ پاڻ کي بادشاهہ بڻائي ويٺو آهي؟ اسان جي آقا دائود بادشاهہ کي انهيءَ باري ۾ ڪابہ خبر ڪانهي.


بادشاهہ کي ٻڌايو ويو تہ ناتن نبي آيو آهي. جڏهن ناتن نبي بادشاهہ جي اڳيان آيو، تڏهن ڪنڌ جھڪائي بادشاهہ کي تعظيم ڏنائين.


پر صدوق ڪاهن، بناياہ ولد يهويدع، ناتن نبي، شمعي، ريعي ۽ دائود جي محافظن ادونياہ جو ساٿ نہ ڏنو.


ناتن جو پٽ عزرياہ جيڪو ضلعي عملدارن جو نگران هو، ناتن جو پٽ زبود جيڪو ڪاهن ۽ بادشاهہ جو مشير هو،


پر تو کي هڪڙو پٽ ڄمندو جيڪو صلح پسند هوندو ۽ آءٌ کيس سڀني آس‌پاس وارن دشمنن کان آرام ڏيندس. هن جو نالو سليمان هوندو ۽ آءٌ هن جي بادشاهيءَ جي ڏينهن ۾ بني اسرائيل کي امن ۽ سلامتي ڏيندس.


يروشلم ۾ کيس هي ٻار ڄاوا: سمعي، سوباب، ناتن ۽ سليمان. اهي چار ئي ڄڻا کيس عمي‌ايل جي ڌيءَ بت‌سبع مان ڄاوا.


جيئن تہ بني اسرائيل جو بادشاهہ سليمان، جنهن سان خدا جو تمام گھڻو پيار هو ۽ کيس سڄي اسرائيل ملڪ تي بادشاهہ مقرر ڪيو هئائين ۽ جنهن جهڙو بادشاهہ ڪنهن بہ قوم ۾ ڪونہ ٿيو هو، تنهن بہ اهڙو ئي گناهہ ڪري وڌو جو ڌارين عورتن سان شادي ڪيائين.


اڃا هو ڳالهائي ئي پيو تہ ڇا ڏسن تہ هڪ چمڪندڙ ڪڪر اچي انهن کي ڍڪيو ۽ انهيءَ ڪڪر مان آواز آيو تہ ”هي منهنجو پيارو فرزند آهي ۽ هن مان آءٌ گھڻو خوش آهيان. اوهين هن جي ڌيان سان ٻڌو.“


پوءِ آسمان مان هڪ آواز آيو تہ ”هي منهنجو پيارو فرزند آهي ۽ آءٌ هن مان ڏاڍو خوش آهيان.“


بنيامين قبيلي بابت هن چيو تہ ”بني بنيامين خداوند جا پيارا آهن، جيڪي وٽس سلامتيءَ سان رهن ٿا. جيئن تہ خداوند انهن منجھہ رهي ٿو، سو هو ڏينهن رات سندن حفاظت ڪندو رهي ٿو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ