Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 12:24 - Muslim Sindhi Bible

24 پوءِ دائود پنهنجيءَ زال بت‌سبع کي دلاسو ڏنو. تنهن کان پوءِ جڏهن هو وٽس وڃي ساڻس هم‌بستر ٿيو تہ انهيءَ مان کيس پٽ ڄائو، جنهن جو نالو هن سليمان رکيو. خداوند انهيءَ ٻار سان محبت رکي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 ۽ دائود پنهنجي زال بت سبع کي دلاسو ڏنو، ۽ وٽس وڃي ساڻس ستو: ۽ هن کي پٽ ڄائو، جنهن جو نالو هن سليمان رکيو. ۽ خداوند انهيءَ سان محبت رکي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 12:24
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو خداوند ناتن نبيءَ جي معرفت پيغام موڪليو، جنهن انهيءَ ٻار جو نالو خداوند خاطر يديدياہ رکيو.


جيڪي ٻار هن کي يروشلم ۾ ڄاوا تن جا نالا هي هئا: سموعہ، سوباب، ناتن، سليمان،


جڏهن تنهنجا ڏينهن پورا ٿيندا ۽ تون وفات ڪري وڃي پنهنجي ابن ڏاڏن سان آرامي ٿيندين، تڏهن تو کان پوءِ تنهنجي اولاد مان هڪڙي کي آءٌ کڙو ڪندس ۽ هن جي بادشاهت بہ قائم ڪندس.


پر هن ناتن نبيءَ، بناياہ، بادشاهہ جي محافظن ۽ پنهنجي ويڳي ڀاءُ سليمان کي نہ سڏايو.


تڏهن ناتن سليمان جي ماءُ بت‌سبع کي چيو تہ ”تو نہ ٻڌو آهي ڇا تہ حجيت جو پٽ ادونياہ پاڻ کي بادشاهہ بڻائي ويٺو آهي؟ اسان جي آقا دائود بادشاهہ کي انهيءَ باري ۾ ڪابہ خبر ڪانهي.


دائود بادشاهہ سڄيءَ قوم کي چيو تہ ”منهنجو پٽ سليمان، جنهن کي ئي خدا چونڊيو آهي سو اڃا نوجوان ۽ ناتجربيڪار آهي ۽ ڪم تمام وڏو آهي، ڇاڪاڻ تہ اها هيڪل انسان لاءِ نہ آهي پر خداوند خدا جي لاءِ آهي.


يروشلم ۾ کيس هي ٻار ڄاوا: سمعي، سوباب، ناتن ۽ سليمان. اهي چار ئي ڄڻا کيس عمي‌ايل جي ڌيءَ بت‌سبع مان ڄاوا.


جيئن تہ بني اسرائيل جو بادشاهہ سليمان، جنهن سان خدا جو تمام گھڻو پيار هو ۽ کيس سڄي اسرائيل ملڪ تي بادشاهہ مقرر ڪيو هئائين ۽ جنهن جهڙو بادشاهہ ڪنهن بہ قوم ۾ ڪونہ ٿيو هو، تنهن بہ اهڙو ئي گناهہ ڪري وڌو جو ڌارين عورتن سان شادي ڪيائين.


جيئن تہ آءٌ والدين جو اڪيلو ۽ لاڏلو پٽ هئس، سو ماءُ مون کي بيحد پيار ڪندي هئي. جڏهن آءٌ اڃا ننڍڙو ٻار هئس


يسيءَ مان دائود بادشاهہ پيدا ٿيو. دائود کي سليمان انهيءَ زال مان پيدا ٿيو جيڪا پهريائين اورياہ جي زال هئي.


بنيامين قبيلي بابت هن چيو تہ ”بني بنيامين خداوند جا پيارا آهن، جيڪي وٽس سلامتيءَ سان رهن ٿا. جيئن تہ خداوند انهن منجھہ رهي ٿو، سو هو ڏينهن رات سندن حفاظت ڪندو رهي ٿو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ