Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 12:16 - Muslim Sindhi Bible

16 سو جيستائين ٻار بيمار هو تيستائين دائود انهيءَ ٻار جي لاءِ خدا کي منٿون ڪيون، روزا رکيا ۽ رات ڏينهن ڪمري اندر زمين تي ليٽندي ٻاڏائيندو رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 تنهنڪري دائود انهيءَ ٻار جي لاءِ خدا کي عرض ڪيو؛ ۽ دائود روزو رکيو، ۽ اندر وڃي سڄي رات زمين تي سمهي رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 12:16
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ ناتن پنهنجي گھر ڏانهن هليو ويو. تڏهن جيڪو ٻار اورياہ جي زال مان دائود کي ٿيو هو، تنهن کي خداوند سٽي وڌو ۽ هو سخت بيمار ٿي پيو.


دائود وراڻيو تہ ”جڏهن ٻار اڃا جيئرو هو تڏهن مون روزا رکيا ۽ رنس بہ، ڇاڪاڻ تہ مون سوچيو تہ ڪهڙي خبر تہ خدا مون تي مهربان ٿئي ۽ ٻار کي جيئرو رهڻ ڏئي.


تڏهن بادشاهہ اُٿي بيٺو ۽ ڏک وچان پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي پاڻ کي زمين تي کڻي اڇلايائين. سندس جيڪي بہ عملدار وٽس بيٺا هئا تن سڀني بہ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا.


الياس جي انهن ڳالهين ٻڌڻ کان پوءِ اخي‌اب پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا، جسم تي کٿو ڍڪيائين ۽ روزو رکيائين. هو کٿي تي سمهڻ لڳو ۽ اداس رهڻ لڳو.


جڏهن مون اهي ڳالهيون ٻڌيون تڏهن ويهي روئڻ لڳس. ڪيترائي ڏينهن آءٌ روئندو رڙندو رهيس ۽ ڪجھہ بہ کاڌم پيتم ڪونہ. مون خداوند، عرش عظيم جي خدا کان دعا گھري تہ


”وڃ، سوسن شهر ۾ هن وقت جيڪي بہ يهودي آهن تن سڀني کي گڏ ڪري کين تاڪيد ڪر تہ اهي ٽن ڏينهن تائين منهنجي لاءِ روزو رکن، رات جو توڙي ڏينهن جو هو نڪي کائين نڪي پيئن. آءٌ ۽ منهنجيون ٻانهيون بہ ائين ئي روزو رکنديونسين. پوءِ آءٌ شهنشاهہ وٽ وينديس، جيتوڻيڪ ائين ڪرڻ قانون جي خلاف آهي، پوءِ جي منهنجي جان وڃي تہ ڀلي وڃي.“


اوهين مصيبت جي ڏينهن تي مون کي پڪارجو، آءٌ ئي اوهان کي ڇڏائيندس تڏهن اوهين منهنجي واکاڻ ڪندا.“


جڏهن مون روزو رکي پنهنجيءَ جان کي ڏک ڏنو، تڏهن انهيءَ جي لاءِ بہ مون کي مهڻا ئي مهڻا ٿا ملن.


انهيءَ وقت خداوند، قادرِمطلق خدا اوهان کي روئڻ رڙڻ، ۽ سوڳ طور مٿي جا وار ڪوڙائڻ ۽ کٿو ڍڪڻ جو حڪم ڏنو.


اي خداوند! مصيبت جي وقت اسين تنهنجا تابعدار بڻياسين. هائو، جڏهن تو اسان کي اهڙي سيکت ڏني، تڏهن اسان تو آڏو اچي ٻاڏايو.


تنهن کان پوءِ بادشاهہ پنهنجي محل ۾ ويو ۽ سڄي رات فاقو ڪڍيائين. هن پنهنجي آڏو ڪابہ وندر واري شيءِ آڻڻ نہ ڏني ۽ سندس ننڊ اڏامي ويئي.


سو مون پنهنجو منهن خداوند خدا ڏانهن ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ سندس راضپي لاءِ روزو رکي، کٿو ڍڪي ۽ خاڪ تي ويهي کانئس دعا گھران ۽ کيس منٿ ڪريان.


شايد خدا پنهنجو ارادو بدلائي پنهنجي شديد قهر کان باز اچي ۽ اسين برباديءَ کان بچي وڃون.“


اتي هو ٽن ڏينهن تائين انڌو رهيو ۽ ان عرصي ۾ هن نہ ڪجھہ کاڌو ۽ نہ پيتو.


تڏهن يشوع ۽ بني اسرائيل جي اڳواڻن ڏک وچان پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ خداوند جي عهد واري صندوق جي اڳيان شام تائين زمين تي منهن ڀر پيا رهيا. هنن پنهنجن مٿن ۾ مٽي پڻ وڌي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ