Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 12:14 - Muslim Sindhi Bible

14 تنهن هوندي بہ جيئن تہ اهو ڪم ڪري تو خداوند جي نالي کي خسيس سمجھيو آهي. سو جيڪو ٻار تو کي ڄائو آهي سو ضرور مرندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 تڏهن بہ انهيءَ ڪم ڪري تو خداوند جي دشمنن کي ڪفر بڪڻ جو وڏو وجهہ ڏنو آهي، ۽ جيڪو ٻار توکي ڄائو آهي سو بہ ضرور مرندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 12:14
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ ناتن پنهنجي گھر ڏانهن هليو ويو. تڏهن جيڪو ٻار اورياہ جي زال مان دائود کي ٿيو هو، تنهن کي خداوند سٽي وڌو ۽ هو سخت بيمار ٿي پيو.


مون کين وڌيڪ چيو تہ ”جيڪي اوهين ڪريو ٿا، سو ٺيڪ ناهي. اوهان کي خدا جو خوف ڪرڻ گھرجي تہ جيئن اسان جون دشمن غير قومون اسان کي ملامت نہ ڪن.


اي خداوند، قادرِمطلق خدا! جيڪي تو تي توڪل رکن ٿا، سي شل منهنجي ڪري ڪڏهن شرمندا نہ ٿين! اي بني اسرائيل جا خدا! منهنجي ڪري تنهنجا طالب بدنام نہ ٿين.


اي خدا! تنهنجا دشمن ڪيستائين تو تي ٺٺوليون ڪندا رهندا؟ ڇا اهي هميشہ تنهنجي نالي جي بي‌حرمتي پيا ڪندا رهندا؟


اي خداوند! اهي سڀاڳا آهن جن کي تون سيکت ڏين ٿو، بيشڪ اهي ئي سڀاڳا آهن جن کي تون شريعت سيکارين ٿو.


اي خداوند اسان جا خدا! تو پنهنجي قوم جي ٻڌي آهي. تون اهو خدا آهين جيڪو کين معاف ڪندو رهيو آهين، تنهن هوندي بہ سندن ڪمن جي سزا کين ضرور ڏني اٿيئي.


هاڻي اها ساڳي ڳالهہ بابل ۾ ٿي رهي آهي، جو اوهان کي قيد ڪيو پيو وڃي. اوهان جي مٿان حڪمراني ڪندڙ هر روز گھڙيءَ گھڙيءَ ٻٽاڪ ۽ لٻاڙ هڻندي منهنجي نالي تي ڪفر ٿا بڪن.


”مون دنيا جي سڀني قومن مان رڳو اوهان کي ئي چونڊيو آهي. تنهنڪري آءٌ ئي اوهان کي اوهان جي سڀني گناهن جي سزا ڏيندس.“


حيف آهي هن دنيا تي، جنهن جون شيون ماڻهن کي گمراهہ ٿيون ڪن. ماڻهو گمراهہ تہ ضرور ٿيندو پر مصيبت آهي اُن ماڻهوءَ لاءِ جنهن جي وسيلي اهو گمراهہ ٿئي ٿو.


اهو ئي سبب آهي جو پاڪ ڪلام ۾ چيو ويو آهي تہ ”اوهان يهودين جي ڪري ئي غير قومون خدا جي نالي خلاف ڪفر بڪين ٿيون.“


پر خداوند اسان کي سيکت ڏيئي اسان جي تربيت ٿو ڪري، تہ جيئن اسين دنيا سان گڏ گنهگار قرار نہ ڏنا وڃون.


ڏس، خداوند جنهن سان محبت ٿو رکي، تنهن کي سيکت بہ ڏئي ٿو، ۽ جنهن کي پنهنجو ٻار ٿو بڻائي، تنهن کي سزا بہ ڏئي ٿو.“


آءٌ جن سان پيار ڪندو آهيان تن کي تنبيهہ ۽ سيکت بہ ڏيندو آهيان، تنهنڪري سرگرم ٿيو ۽ توبهہ‌تائب ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ