Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 12:13 - Muslim Sindhi Bible

13 تڏهن دائود ناتن کي چيو تہ ”بيشڪ مون خداوند جو گناهہ ڪيو آهي.“ ناتن دائود کي چيو تہ ”پوءِ خداوند بہ تنهنجو گناهہ معاف ڪري ڇڏيو، سو تون مرندين ڪين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 تڏهن دائود ناتن کي چيو تہ مون خداوند جو گناهہ ڪيو آهي. ۽ ناتن دائود کي چيو تہ خداوند بہ تنهنجو گناهہ معاف ڪيو آهي؛ تون مرندين ڪين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 12:13
46 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن گھر ۾ مون کان وڏو ٻيو ڪوبہ ڪونهي. هن ڪابہ شيءِ مون کان پري نہ رکي آهي، سواءِ توهان جي، ڇاڪاڻ تہ توهين سندس زال آهيو. پوءِ ڀلا آءٌ ڪيئن ههڙو بڇڙو ڪم ڪريان ۽ خدا جو ڏوهاري ٿيان؟“


پر ماڻهن جي شمار ڪرڻ کان پوءِ دائود جي دل بي‌چين ٿيڻ لڳي. سو هن خداوند کي چيو تہ ”جيڪي مون ڪيو آهي، سو هڪڙو وڏو گناهہ ڪيو اٿم. پر هاڻي اي خداوند! آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ تون پنهنجي ٻانهي جو گناهہ معاف ڪر، ڇاڪاڻ تہ مون هي ڏاڍو بي‌عقليءَ وارو ڪم ڪيو آهي.“


ان دوران دائود جڏهن ماڻهن کي مارڻ واري ملائڪ کي ڏٺو، تڏهن خداوند کي چيائين تہ ”ڏس، مون ئي گناهہ ڪيو آهي ۽ آءٌ ئي ڏنگي هلت هليو آهيان، پر هنن مسڪينن جو ڪهڙو قصور آهي؟ سو آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ تنهنجو هٿ منهنجي ۽ منهنجي پيءُ جي گھراڻي جي ئي خلاف ٿئي.“


جڏهن بادشاهہ يربعام انهيءَ خدا جي ٻانهي جي اها ڳالهہ ٻڌي جيڪا هن قربان‌گاهہ خلاف چئي، تڏهن يربعام قربان‌گاهہ تان هٿ ڊگھيري حڪم ڏنو تہ ”انهيءَ شخص کي پڪڙيو.“ پر جيڪو هٿ هن انهيءَ خدا جي ٻانهي ڏانهن ڊگھيريو هو سو اهڙو تہ سڪي پيو جو هو وري انهيءَ کي پاڻ ڏانهن ڇڪي نہ سگھيو.


جڏهن اخي‌اب الياس کي ڏٺو تڏهن کيس چيائين تہ ”اي منهنجا دشمن! تو مون کي هتي بہ اچي ڳولي لڌو؟“ الياس کيس وراڻيو تہ ”هائو، مون تو کي ڳولي لڌو آهي. تو پاڻ مڪمل طرح اهو ئي ڪم ڪيو آهي جيڪو خداوند جي نظر ۾ برو آهي.


اخي‌اب وراڻيو تہ ”هائو، هڪڙو نبي باقي آهي جيڪو املہ جو پٽ ميڪاياہ آهي. انهيءَ کان اسين خداوند جي مرضي معلوم ڪري سگھون ٿا پر مون کي کانئس نفرت آهي، ڇاڪاڻ تہ هو منهنجي حق ۾ ڪڏهن بہ ڪا چڱي پيشن‌گوئي نہ ٿو ڪري، بلڪ هميشہ منهنجي خلاف ٿو ڪري.“ يهوسفط کيس چيو تہ ”اوهان کي ائين چوڻ نہ گھرجي.“


تڏهن بادشاهہ پنجاهہ سپاهين جي هڪڙي سالار کي سندس سپاهين سميت هن ڏانهن موڪليو. ان وقت الياس ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي ويٺو هو، سو سالار وڃي کيس چيو تہ ”اي خدا جا ٻانها! بادشاهہ چويئي ٿو تہ ’هيٺ لهي اچ.‘“


پوءِ دائود خدا کي چيو تہ ”اهو ڪم ڪري مون وڏو گناهہ ڪيو آهي. هاڻي آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ پنهنجي هن ٻانهي جو گناهہ معاف ڪر. مون ڏاڍي بي‌عقلي ڪئي آهي.“


انهيءَ ڳالهہ تي آسا ڏاڍو ڪاوڙيو، سو حناني غيبدان کي زنجيرن سان ٻڌي قيد ڪرائي ڇڏيائين. انهيءَ سان گڏوگڏ هن ڪن ٻين ماڻهن تي بہ ظلم ڪيو.


جيئن تہ اڃا هو بادشاهہ سان ڳالهائي رهيو هو تہ بادشاهہ وچ ۾ چيس تہ ”ڇا مون تو کي پنهنجو صلاحڪار بڻايو آهي؟ هاڻي بس ڪر تہ مارائي نہ ڇڏيانءِ.“ تڏهن نبيءَ کڻي بس ڪئي، پر ويندي ويندي بادشاهہ کي ائين چيائين تہ ”هاڻي مون کي معلوم ٿي ويو تہ خدا تو کي ناس ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ تو اهڙو ڪم ڪيو آهي ۽ منهنجي صلاح بہ ٻڌڻ نہ ٿو چاهين.“


پوءِ اهو انسان ماڻهن جي اڳيان اعتراف ڪندي چوي ٿو تہ ’بيشڪ مون گناهہ ڪيو هو، ۽ سچائيءَ جي راهہ کان ڦري ويو هئس، پر خدا مون کي سزا ڪين ڏني، جنهن جو آءٌ لائق هئس.


جيترو اوڀر اولهہ کان پري آهي، اوترو ئي هو اسان جا گناهہ اسان کان پري ڪري ٿو.


تون نہ ڪنهن نذراني کان نڪي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪرڻ کان خوش ٿو ٿئين، نہ تہ آءٌ اهي ئي پيش ڪريان.


مون رڳو تنهنجو ئي گناهہ ڪيو آهي، مون اهڙو ڪم ڪيو آهي جيڪو تنهنجي نظر ۾ برو آهي. سو تون مون تي فتويٰ ڏيڻ ۾ سچار ثابت ٿيندين، ۽ جڏهن تون عدالت ڪندين تہ تو تي ڪو الزام نہ ايندو.


ڏس، تون باطن جي سچائيءَ کي پسند ٿو ڪرين، تنهنڪري باطن منجھہ ئي مون کي دانائي سيکار.


تڏهن فرعون ماڻهو موڪلي موسيٰ ۽ هارون کي گھرايو ۽ چيائين تہ ”هن ڀيري مون برابر گناهہ ڪيو آهي. خداوند حق تي آهي ۽ آءٌ ۽ منهنجي قوم قصوروار آهيون.


نصيحت تي ڌيان ڏيڻ واري ماڻهوءَ لاءِ، ڏاهي ماڻهوءَ جي تنبيهہ نج سون جي زيورن کان وڌيڪ ملهہ واري آهي.


جيڪو پنهنجا گناهہ نہ ٿو باسي، سو زندگيءَ ۾ ڪڏهن بہ ڪامياب نہ ٿيندو. مگر جيڪو پنهنجا گناهہ قبول ڪندي انهن کان توبهہ‌تائب ٿئي ٿو، تنهن تي خدا پنهنجو رحم نازل ڪندو.


بيشڪ تو منهنجي سخت تڪليفن کي مون لاءِ راحت جو سبب بڻايو آهي. تو منهنجي جان تي مهربان ٿي مون کي برباديءَ جي کڏ مان بچائي ورتو آهي، ڇاڪاڻ تہ تو منهنجي سڀني گناهن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي.


اوهان منهنجي لاءِ پئسا خرچ ڪري لوبان ڪونہ ورتو، نڪي پنهنجن جانورن جي قربانيءَ واري سڻڀي مال سان مون کي راضي ڪيو اٿوَ. اٽلندو اوهان پنهنجي گناهن سان مون کي تڪليف ڏني، ۽ پنهنجي بدڪارين سان مون کي بيزار ڪري ڇڏيو.


مون اڳ ئي اوهان جا گناهہ ڌوئي ٻاڦ وانگر اُڏائي ڇڏيا آهن. سو هاڻي اوهين مون آڏو اچي توبهہ‌تائب ٿيو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ئي آهيان جنهن اوهان کي بچايو آهي.


جيتوڻيڪ هو اسان کي گھڻا ئي ڏک ڏئي ٿو، تہ بہ پنهنجي واعدي وفائي ڪندي هو رحم بہ ڪري ٿو.


جيڪو ماڻهو ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ يعني پنهنجي ڪنهن پاڙيسريءَ جي زال سان زنا ڪندو، تہ انهيءَ زناڪار مرد ۽ عورت ٻنهي کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي.


جيڪڏهن ڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي ماري وجھي تہ انهيءَ کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي.


سو ملائڪ پنهنجي سامهون بيٺلن کي چيو تہ ”هن جا ميرا ڪپڙا لاهيو.“ پوءِ هن يشوع کي چيو تہ ”ڏس، انهيءَ مان مراد آهي تہ تو تان تنهنجا گناهہ لاٿا ويا آهن ۽ هاڻ آءٌ تو کي عمدا ڪپڙا ڍڪائيندس.“


سو ماڻهو موڪلي جيل ۾ يحيٰ جي سسي لهرايائين.


تڏهن پٽ چيس تہ ’اي بابا! آءٌ خدا جو ۽ اوهان جو ڏوهاري آهيان ۽ انهيءَ لائق نہ آهيان جو اوهان جو پٽ سڏايان.‘


پر ٽيڪس اُڳاڙيندڙ پري بيٺو رهيو ۽ آسمان ڏانهن اکيون کڻي بہ نہ نهاريائين، بلڪ ڇاتي پٽيندي چوڻ لڳو تہ ’اي خدا! مون گنهگار تي رحم ڪر.‘


جڏهن ماڻهن اهو ٻڌو تہ اها ڳالهہ سندن دلين ۾ چڀي ويئي. سو هنن پريشان ٿي پطرس ۽ ٻين سڀني رسولن کي چيو تہ ”ڀائرؤ! اسين هاڻي ڇا ڪريون؟“


نہ تہ جهان جي شروعات کان وٺي ڪيترائي ڀيرا کيس تڪليف سهڻي پوي ها. پر هاڻي زمانن جي پڇاڙيءَ ۾ هو هڪڙو ئي ڀيرو ظاهر ٿيو، انهيءَ لاءِ تہ پاڻ کي قربان ڪرڻ سان گناهہ کي مِٽائي ڇڏي.


پر جيڪڏهن اسين روشنيءَ ۾ هلون ٿا، جيئن خدا پاڻ روشنيءَ ۾ آهي، تہ پوءِ اسان جو هڪٻئي سان ميل ميلاپ آهي ۽ سندس فرزند عيسيٰ جو رت اسان کي سڀني گناهن کان پاڪ ڪري ٿو ڇڏي.


۽ عيسيٰ مسيح وٽان بہ، جيڪو سچو شاهد، مئلن مان جيئرو ٿي اٿڻ وارن ۾ پهريتو ۽ ڌرتيءَ جي بادشاهن تي حڪم هلائيندڙ آهي. عيسيٰ مسيح، جيڪو اسان سان پيار ٿو ڪري، جنهن پنهنجو رت وهائي اسان کي گناهن کان ڇوٽڪارو ڏنو آهي


تڏهن سائول سموئيل کي چيو تہ ”مون تہ پاڻ خداوند جو حڪم مڃيو آهي. جنهن مقصد لاءِ خداوند مون کي موڪليو هو، تنهن تي ئي آءٌ هليو آهيان. مون عماليقين کي بلڪل برباد ڪري ڇڏيو آهي ۽ سندن بادشاهہ اجاج کي پڪڙي آيو آهيان.


تڏهن سائول چيس تہ ”مون گناهہ ڪيو آهي، پر آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجي قوم جي اڳواڻن ۽ بني اسرائيل جي اڳيان منهنجي آبرو رکو. اوهان مون سان گڏجي موٽي هلو تہ آءٌ خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، تنهن کي سجدو ڪريان.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ