Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 11:26 - Muslim Sindhi Bible

26 جڏهن اورياہ جي زال ٻڌو تہ سندس مڙس مري ويو آهي، تڏهن هوءَ پنهنجي مڙس لاءِ روئڻ ۽ سوڳ ڪرڻ لڳي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 ۽ جڏهن اورياہ جي زال ٻڌو تہ سندس مڙس اورياہ مري ويو آهي، تڏهن هوءَ پنهنجي مڙس لاءِ روئڻ ۽ ماتم ڪرڻ لڳي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 11:26
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ عيسو يعقوب کان نفرت ڪرڻ لڳو، ڇاڪاڻ تہ سندس پيءُ هن کي دعا ڏني هئي. هن دل ۾ سوچيو تہ ”منهنجي پيءُ جي مرڻ جو وقت ويجھو آهي، تنهن کان پوءِ آءٌ پنهنجي ڀاءُ يعقوب کي قتل ڪندس.“


جڏهن اهي اتد علائقي جي ڳاهہ ڳاهڻ واريءَ جاءِ وٽ پهتا، جيڪا اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر آهي، تڏهن اُتي هو دل ڏاريندڙ وڏي آواز ۾ رنا. يوسف اُتي پنهنجي پيءُ جي لاءِ ست ڏينهن سوڳ ڪيو.


تنهن تي دائود قاصد کي چيو تہ ”تون وڃي يوآب کي همت ڏياري چئجانءِ تہ ’انهيءَ ڳالهہ جي ڪري تون دلگير نہ ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ جنگ ۾ ڪير بہ مري سگھي ٿو. شهر تي وڌيڪ زور سان حملو ڪر ۽ انهيءَ کي برباد ڪري ڇڏ.‘“


تڏهن هن تقوع شهر ڏانهن ماڻهو موڪلي اتان هڪڙي سياڻي عورت گھرائي ۽ کيس چيائين تہ ”تون سوڳ ڪرڻ واريءَ جو ويس ڪري ماتمي ڪپڙا پاءِ ۽ پاڻ کي تيل نہ مک، بلڪ اهڙي عورت وانگر ٿيءُ، جنهن گھڻن ڏينهن تائين ڪنهن مئل جي لاءِ سوڳ ڪيو هجي.


پوءِ دائود يوآب کي ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس گڏ هئا تن سڀني کي چيو تہ ”اوهين پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيو ۽ کٿا ڍڪيو ۽ ابنير جي جنازي اڳيان روئندا هلو.“ دائود بادشاهہ پاڻ جنازي جي پٺيان هلڻ لڳو.


جڏهن اخي‌اب نابوت جي مرڻ جي ڳالهہ ٻڌي تڏهن وڃي سندس انگورن جي باغ تي قبضو ڪيائين.


بني اسرائيل جي ماڻهن موسيٰ جي لاءِ موآب جي ميدان ۾ ٽيهہ ڏينهن سوڳ ملهايو. هو تيستائين موسيٰ جي لاءِ روئندا ۽ سوڳ ڪندا رهيا، جيستائين اهي ڏينهن پورا ٿيا.


پوءِ انهن جون هڏيون کڻي يبيس شهر ۾ هڪڙي لئي جي وڻ هيٺ دفن ڪري ڇڏيائون ۽ ستن ڏينهن تائين ڪجھہ بہ نہ کاڌائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ