Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 11:15 - Muslim Sindhi Bible

15 انهيءَ خط ۾ يوآب کي لکيائين تہ ”جتي سخت لڙائي هلندي هجي اتي تون اورياہ کي سڀني جي اڳيان بيهارجانءِ ۽ کانئس پري هٽي بيهجو تہ ڀلي هو ڦٽجي مري وڃي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ۽ انهيءَ خط ۾ لکيائينس تہ اوهين اورياہ کي جتي لڙائي سخت هلندي هجي، اتي سڀني جي اڳيان بيهارجو، ۽ اوهين کانئس پري هٽي بيهجو تہ ڀلي هو ڦٽجي مري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 11:15
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو جڏهن يوآب شهر جو گھيرو ٿي ڪيو تڏهن هن اورياہ کي انهيءَ هنڌ بيهاريو جتي خبر هئس تہ دشمن جا بهادر جوان بيٺل آهن.


جڏهن دشمن سپاهي شهر مان نڪري آيا ۽ اچي يوآب سان جنگ ڪيائون، تڏهن دائود جي سپاهين مان ڪي مارجي ويا، جن ۾ اورياہ حتي بہ مارجي ويو.


تہ پوءِ تو ڇو مون خداوند جي فرمان کي خسيس ڄاڻيندي اهڙو ڪم ڪيو، جيڪو منهنجي نظر ۾ برو آهي؟ تو اورياہ حتيءَ کي جنگ ۾ مارايو. هائو، تو هن کي بني عمون جي هٿان قتل ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ سندس زال کي پنهنجي زال بڻايو آهي.


ڇاڪاڻ تہ دائود اهي ڪم ڪيا هئا جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا. اورياہ حتيءَ جي ڳالهہ کان سواءِ هو پنهنجي سڄي عمر ۾ خداوند جي ڏنل ڪنهن بہ حڪم کان نہ ڦريو هو.


اي خدا! اي منهنجا نجات ڏيندڙ! مون کي خون واري ڏوهہ کان ڇڏاءِ. پوءِ منهنجي زبان تنهنجي ان سچائيءَ جا گيت ڳائيندي.


مون رڳو تنهنجو ئي گناهہ ڪيو آهي، مون اهڙو ڪم ڪيو آهي جيڪو تنهنجي نظر ۾ برو آهي. سو تون مون تي فتويٰ ڏيڻ ۾ سچار ثابت ٿيندين، ۽ جڏهن تون عدالت ڪندين تہ تو تي ڪو الزام نہ ايندو.


جيئن تہ بدڪاريءَ جي سزا دير سان ڏني ٿي وڃي، جنهن کي ڏسندي ٻين ماڻهن جي دل بہ گناهہ واري زندگيءَ ڏانهن مائل ٿئي ٿي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”دل سڀني شين کان وڌيڪ پُرفريب آهي، انهيءَ جي ٺڳي لاعلاج آهي، انهيءَ جي ڳُجھہ کي ڪير سمجھي سگھي ٿو؟


بيشڪ اي خداوند! آءٌ تنهنجي واکاڻ ٿو ڳايان، اي خداوند! آءٌ تنهنجي ساراهہ ٿو ڪريان. تون ئي تہ آهين، جيڪو مظلومن جي جان بدڪارن جي هٿان ڇڏائين ٿو.


پوءِ سائول دائود کي چيو تہ ”ڏس، آءٌ پنهنجي وڏي ڌيءَ ميرب تو کي پرڻائي ٿو ڏيان. پر تون رڳو منهنجي لاءِ بهادريءَ جا ڪم ڪر ۽ خداوند لاءِ جنگيون وڙهندو رهہ.“ سائول سوچيو ٿي تہ ”دائود منهنجي هٿان نہ، پر ڀلي تہ هو فلستين جي هٿان ماريو وڃي.“


هن سوچيو تہ ”آءٌ اها دائود کي ئي ڏيندس تہ ڀلي اها هن جي لاءِ ڦندو ٿئي ۽ هو فلستين هٿان مارجي وڃي.“ تڏهن هن ٻئي ڀيري دائود کي چيو تہ ”تون هاڻي منهنجو ناٺي ٿيندين.“


سائول کين چيو تہ ”اوهين دائود کي وڃي چئو تہ ’بادشاهہ ڪوبہ ڪابين وٺڻ نہ ٿو گھري. هو رڳو پنهنجي دشمن فلستين کان بدلي وٺڻ طور هڪ سؤ مئل فلستين جون طهر واريون کلڙيون وٺندو.‘“ اهڙيءَ طرح سائول منصوبو ٺاهيو تہ جيئن دائود فلستين جي هٿان مارجي وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ