Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 11:13 - Muslim Sindhi Bible

13 رات جي مانيءَ تي دائود هن کي سڏايو ۽ پوءِ کيس مئي پيئاري مدهوش ڪيائين. تڏهن هو ٻاهر نڪري پنهنجي آقا بادشاهہ جي نوڪرن سان گڏ پنهنجي هنڌ تي وڃي ستو ۽ پنهنجي گھر وري بہ ڪين ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ۽ جڏهن دائود سڏيس تڏهن هن سندس اڳيان کاڌو ۽ پيتو، ۽ هن شراب پياري مست ڪيس: ۽ شام جو هو نڪري پنهنجي ڌڻيءَ جي نوڪرن سان گڏ پنهنجي هنڌ تي ستو، پر پنهنجي گهر نہ ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 11:13
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر اورياہ بادشاهہ جي محل جي دروازي وٽ پنهنجي آقا بادشاهہ جي سڀني نوڪرن سميت سمهي پيو ۽ پنهنجي گھر نہ ويو.


تڏهن ابي‌سلوم چيس تہ ”ڀلا جي ائين نہ، تہ پوءِ گھٽ ۾ گھٽ منهنجي ڀاءُ امنون کي تہ اسان سان گڏ هلڻ جي اجازت ڏي.“ تنهن تي بادشاهہ پڇيس تہ ”هو تو سان گڏ ڇو هلي؟“


موسيٰ هارون کي چيو تہ ”هنن ماڻهن تو سان ڇا ڪيو هو جو تو هنن کي اهڙي وڏي گناهہ ۾ ڦاسائي ڇڏيو؟“


شراب يا مئي جي زيادتي طعنن جو سبب بڻجي ٿي. بيشڪ اهڙو نشو انسان کي جھڳڙالو ٿو بڻائي، ۽ نشي ۾ ڦاسندڙ ڏاهو ناهي.


ڪير هميشہ مشڪلاتن ۾ آهي؟ ڪير ڏک ۾ ٿو گذاري؟ ڪير جھيڙا جھڳڙا ٿو ڪري؟ ڪير شڪايتون ٿو ڪري؟ ڪنهن کي اجايا زخم رسيا آهن؟ ڪنهن جون اکيون رت جهڙيون لال آهن؟


ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي پنهنجي آس‌پاس وارن ملڪن جي ائين بي‌حرمتي ٿا ڪريو، جيئن ڪو پنهنجي پاڙيسريءَ کي مئي جي سانداريءَ مان ايستائين پيئاريندو رهي جيستائين هو نشي ۾ مدهوش ٿي وڃي، تان‌تہ هو انهيءَ جي اوگھڙ ڏسي سگھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ