2.سموئيل 11:11 - Muslim Sindhi Bible11 تڏهن اورياہ دائود کي وراڻيو تہ ”يهوداہ بلڪ سڄي بني اسرائيل جا ماڻهو ۽ عهد واري صندوق جنگ جي ميدان ۾ هجي، منهنجو سپهہسالار يوآب ۽ منهنجي آقا بادشاهہ جا سالار کُليل ميدان تي منزل ڪيو لٿا پيا هجن ۽ آءٌ پنهنجي گھر وڃي کاوان، پيئان ۽ پنهنجيءَ زال سان وڃي سمهان؟ هرگز نہ، اوهان جي سر جو ۽ اوهان جي جان جو قسم آهي تہ مون کان اهو ڪم ڪين ٿيندو.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible11 تڏهن اورياہ دائود کي چيو تہ صندوق، ۽ اسرائيل، ۽ يهوداہ، تنبن ۾ ٿا رهن؛ ۽ منهنجو ڌڻي يوآب ۽ منهنجي ڌڻيءَ جا نوڪر کليل ميدان تي منزل ڪيو لٿا پيا آهن؛ تڏهن آءٌ پنهنجي گهر وڃي کاوان ۽ پيئان، ۽ پنهنجيءَ زال سان سمهان ڇا؟ تنهنجي سر جو، ۽ تنهنجي جان جو قسم آهي، تہ آءٌ اهو ڪم نہ ڪندس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
بادشاهہ پڇيس تہ ”انهيءَ سڄيءَ ڳالهہ ۾ تو سان گڏ يوآب جو بہ هٿ آهي ڇا؟“ عورت ورندي ڏيئي چيو تہ ”اي منهنجا آقا بادشاهہ! اوهان جي سر جو قسم آهي تہ آءٌ بادشاهہ جي فرمان کان ساڄي يا کاٻي پاسي ڪين ڦرنديس. حقيقت ۾ اوهان جي ٻانهي يوآب ئي مون کي ائين ڪرڻ لاءِ چيو هو ۽ اهي سڀ ڳالهيون انهيءَ ئي اوهان جي ٻانهيءَ کي سيکاريون هيون.