Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 10:18 - Muslim Sindhi Bible

18 آخرڪار ارامي بني اسرائيل جي اڳيان وٺي ڀڳا. دائود ارامين جا ست سؤ گاڏين وارا ۽ چاليهہ هزار پيادا قتل ڪيا ۽ سندن لشڪر جي سپهہ‌سالار سوبڪ کي اهڙو ڌڪ هنيو جو هو اتي ئي مري ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 نيٺ ارامي اسرائيل جي اڳيان ڀڄي ويا؛ ۽ دائود ارامين جا ست سؤ گاڏين وارا، ۽ چاليهہ هزار گهوڙي سوار قتل ڪيا، ۽ سندس سپهہ سالار سوبڪ کي اهڙو ڌڪ هنيائين جو هو اتي ئي مري ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 10:18
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن دائود کي اها ڳالهہ ٻڌائي ويئي تڏهن هن سڄي بني اسرائيل کي گڏ ڪيو. پوءِ هو اردن درياءُ پار ڪري اوڀر طرف حلام وٽ اچي پهتو. تڏهن ارامين دائود جي سامهون صفون ٻڌيون ۽ ساڻس جنگ ڪيائون.


دائود انهيءَ جا هڪ هزار ست سؤ گھوڙي سوار ۽ ويهہ هزار پيادا پڪڙي ورتا. هن هڪ سؤ جنگي گھوڙي گاڏين لاءِ ڪافي گھوڙا رکيا ۽ باقي سڀني گھوڙن کي جڏو ڪري ڇڏيائين.


هن آس‌پاس جا ماڻهو پاڻ سان گڏ ڪيا ۽ ان ٽولي جو سردار بڻيو. جڏهن دائود ضوباہ جي ماڻهن کي قتل ڪيو تڏهن رزون پنهنجي ماڻهن سان دمشق ڏانهن هليو ويو ۽ اتي ئي رهڻ لڳو. پوءِ رزون کي ارام جو بادشاهہ بڻايو ويو.


آخرڪار ارامي بني اسرائيل جي اڳيان وٺي ڀڳا. دائود ارامين جا ست هزار جنگي گھوڙي گاڏين جا سوار ۽ چاليهہ هزار پيادا سپاهي ماري وڌا. هن سندن فوج جي سپهہ‌سالار سوبڪ کي پڻ ماري وڌو.


هائو، مون کين اهڙو چڪناچور ڪيو جو اهي اُٿي ئي نہ سگھيا، بلڪ سندن لاش اچي منهنجي پيرن ۾ ڪريا.


قادرِمطلق خداوند اسان سان گڏ آهي. اهو ئي يعقوب جو خدا اسان جي پناهہ آهي.


جيئن دونهون اُڏامي وڃي ٿو تيئن شل هو کين اُڏائي ڇڏي! خدا آڏو بڇڙا شل ائين فنا ٿين جيئن ميڻ باهہ تي رجي وڃي ٿي.


تنهنڪري خداوند انهن کي ڪنعان جي بادشاهہ يابين جي حوالي ڪري ڇڏيو جيڪو حصور شهر ۾ راڄ ڪندو هو. انهيءَ جي فوج جو سپهہ‌سالار سيسرا هو جيڪو حروست هگوئيم ۾ رهندو هو.


برق بہ سيسرا جو پيڇو ڪندو اتي اچي نڪتو. تڏهن ياعيل ٻاهر نڪري اچي ساڻس ملي ۽ کيس چيائين تہ ”اچ تہ آءٌ تو کي اهو ماڻهو ڏيکاريان جنهن کي تون ڳولين ٿو.“ سو هو ساڻس گڏ اندر ويو ۽ ڇا ڏٺائين تہ سيسرا مئو پيو آهي ۽ تنبوءَ جي ڪلي سندس لوندڙيءَ ۾ لڳي پيئي آهي.


پوءِ هن پنهنجي کاٻي هٿ ۾ ڪِلي کڻي ورتي، ۽ ساڄي هٿ ۾ واڍڪي مترڪي کنيائين. هن انهيءَ مترڪيءَ سان سيسرا جي لوندڙيءَ ۾ ڪِلي لنگھائي، هائو، هن ڌڪ هڻي سندس کوپڙي ڀڃي وڌي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ