جڏهن بني عمون ڏٺو تہ ارامي ڀڄي ويا آهن، تڏهن هو بہ ابيشيءَ جي اڳيان وٺي ڀڳا ۽ شهر ۾ گھڙي ويا. پوءِ يوآب بني عمون سان جنگ ڪرڻ کان پوءِ موٽي يروشلم ۾ آيو.
هددعزر بادشاهہ ماڻهو موڪلي انهن ارامي جنگي جوڌن کي گھرائي ورتو، جيڪي فرات نديءَ جي اوڀر طرف هئا. اهي حلام ۾ هددعزر جي فوج جو سپهہسالار سوبڪ جي هٿ هيٺ اچي گڏ ٿيا.