Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 10:14 - Muslim Sindhi Bible

14 جڏهن بني عمون ڏٺو تہ ارامي ڀڄي ويا آهن، تڏهن هو بہ ابي‌شيءَ جي اڳيان وٺي ڀڳا ۽ شهر ۾ گھڙي ويا. پوءِ يوآب بني عمون سان جنگ ڪرڻ کان پوءِ موٽي يروشلم ۾ آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ۽ جڏهن بني عمون ڏٺو تہ ارامي ڀڳا آهن، تڏهن هو بہ ابيشيءَ جي اڳيان اُٿي ڀڳا، ۽ شهر ۾ گهڙي ويا. تڏهن يوآب بني عمون وٽان موٽي يروشلم ۾ آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 10:14
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن ارامين ڏٺو تہ هو بني اسرائيل جي هٿان شڪست کائي چڪا آهن، تڏهن هو سڀ وري گڏ ٿيا.


جيئن تہ بهار جي موسم ۾ بادشاهہ اڪثر جنگ تي ويندا آهن، سو ايندڙ بهار جي موسم ۾ دائود پنهنجي سالارن ۽ بني اسرائيل جي سڄي لشڪر کي يوآب سان گڏ جنگ تي روانو ڪيو. هنن بني عمون کي ماري چٽ ڪري ڇڏيو ۽ سندن شهر ربہ کي گھيرو ڪيائون. پر دائود پاڻ يروشلم ۾ ئي رهيو.


تڏهن دائود ابي‌شيءَ کي چيو تہ ”سبع ولد بڪري اسان کي ابي‌سلوم کان بہ وڌيڪ نقصان پهچائيندو. سو تون منهنجو لشڪر وٺي انهيءَ جي پٺيان ڪاهي پئُہ، متان هو قلعي وارا شهر هٿ ڪري ۽ اسان کان بچي وڃي.“


مون پنهنجي دشمنن جي پٺيان پئي کين ناس ڪري ڇڏيو، آءٌ تيستائين ڪين موٽيس جيستائين اهي چٽ نہ ٿي ويا.


انهن ”ٽيهن جو ٽولو“ جي بهادرن مٿان يوآب جو ڀاءُ ابي‌شي اڳواڻ هو، جنهن جي ماءُ ضروياہ هئي. هن پنهنجي نيزي سان ٽي سؤ ماڻهن تي ڪاهہ ڪري کين قتل ڪيو ۽ انهن ”ٽن جو ٽولو“ وارن بهادرن جهڙو نالي وارو ٿيو.


يعني ادومين، موآبين، بني عمون، فلستين، عماليقين ۽ ضوباہ جي بادشاهہ هددعزر ولد رحوب جي لٽ جي مال مان پڻ.


ابي‌شي، جنهن جي ماءُ جو نالو ضروياہ هو تنهن ارڙهن هزار ادومي ڪلر واري ماٿريءَ ۾ ماري وڌا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ