Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.پطرس 3:7 - Muslim Sindhi Bible

7 پر وجود ۾ آڻڻ واري ساڳئي ئي حڪم جي وسيلي موجودہ زمين ۽ آسمان باهہ لاءِ بچائي رکيا ويا. هائو، اهي انهيءَ ڏينهن لاءِ رکيا ويا آهن جنهن ڏينهن بي‌دينن جي عدالت ڪري کين ساڙي ناس ڪيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ۽ آسمان ۽ زمين جي موجود آهن، سي انهي ساڳئي ڪلام جي وسيلي هن لاءِ رکيا ويا آهن، تہ ساڙيا وڃن، ۽ اُهي عدالت جي ڏينهن ۽ بي دين ماڻهن جي برباديءَ تائين موجود رهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 پر وجود ۾ آڻڻ واري ساڳئي ئي حڪم جي وسيلي موجودہ ڌرتي ۽ آڪاش باهہ لاءِ بچائي رکيا ويا. هائو، اهي انهيءَ ڏينهن لاءِ رکيا ويا آهن جنهن ڏينهن بي‌ڌرمين جي عدالت ڪري کين ساڙي ناس ڪيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 انھيءَ ساڳئي حڪم جي وسيلي موجودہ آسمان ۽ زمين انھيءَ لاءِ بچائي رکيا ويا آھن تہ ساڙيا وڃن. اھي عدالت جي ڏينھن تائين موجود رھندا، جنھن ڏينھن بدڪار ماڻھن کي ناس ڪيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.پطرس 3:7
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي سڀ نابود ٿي ويندا، رڳو تون ئي باقي رهندين. سڀيئي شيون پوشاڪ وانگر پراڻيون ٿي وينديون، انهن کي تون ڪپڙن جيان هٽائيندين ۽ اهي نابود ٿي وينديون.


اسان جو خدا اچي ٿو، هو ماٺ ڪري ڪين ويهندو. هن جي اڳيان ڀسم ڪندڙ باهہ آهي ۽ چوگرد وڏو طوفان اٿس.


اوهين پنهنجيون اکيون مٿي آسمان ڏانهن کڻو، ۽ هيٺ زمين ڏانهن پڻ نهاريو. ڏسو، آسمان دونهين وانگر گم ٿي ويندو، ۽ ڌرتي ڳري ويل ڪپڙي وانگر ختم ٿي ويندي، ۽ انهيءَ جا رهاڪو مڇرن وانگر مري کپي ويندا. پر منهنجو بچائڻ ابد تائين رهندو. ھائو، منهنجي بچائڻ واري قدرت ڪڏهن ختم نہ ٿيندي.


ڏسو، خداوند، جنهن جون جنگي گھوڙي گاڏيون واچوڙي جهڙيون هونديون، سو باهہ سان ايندو، انهيءَ لاءِ تہ هو پنهنجي غضب جي باهہ سان پنهنجي دشمنن کي سزا ڏئي.


منهنجي ڏسندي ڏسندي هيئن ٿيو جو هڪدم تخت وڇايا ويا، ۽ هڪ ازلي هستي اچي پنهنجي تخت تي ويٺي. ان جي پوشاڪ نوراني هئي، ۽ سندس مٿي جا وار اڇا کير جهڙا هئا. ان جو تخت باهہ جي شعلي جيان هو، جنهن جا ڦيٿا ٻرندڙ باهہ جيان هئا.


تنهنڪري خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم وارؤ! اوهين منهنجي انهيءَ ڏينهن جو انتظار ڪريو، جڏهن آءٌ اُٿي قومن کي ڏوهاري قرار ڏيندس. مون سڀني قومن ۽ بادشاهتن کي عدالت ۾ آڻي مٿن پنهنجو سمورو غضب نازل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هائو، منهنجي غيرت جي باهہ سڄيءَ دنيا کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي.“


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”جڏهن اهو ڏينهن ايندو تڏهن سڀ مغرور ۽ برا ڪم ڪندڙ بُهہ وانگر ساڙيا ويندا. اهو ڏينهن کوري وانگر ساڙيندڙ هوندو ۽ کين ساڙي رک ڪري ڇڏيندو. اهو سندن پاڙن ۽ ٽارين کي بہ ساڙي ڇڏيندو.


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ قيامت جي ڏينهن انهيءَ شهر وارا سدوم ۽ عموراہ وارن کان وڌيڪ ڀوڳيندا.“


آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ قيامت جي ڏينهن اوهين صور ۽ صيدا جي ماڻهن کان بہ وڌيڪ ڀوڳيندا.


تہ پوءِ آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ قيامت جي ڏينهن اوهين سدوم شهر وارن کان بہ وڌيڪ ڀوڳيندا.“


آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ قيامت جي ڏينهن هر هڪ کي پنهنجي بيڪار ڳالهايل لفظن جو حساب ڏيڻو پوندو.


زمين ۽ آسمان ٽري ويندا پر منهنجيون ڳالهيون هرگز نہ ٽرنديون.“


پوءِ هو کاٻي پاسي وارن کي چوندو تہ ’اي لعنتيؤ! منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃو ۽ وڃي ڪڏهن نہ وسامندڙ باهہ ۾ پئو، جيڪا ابليس ۽ سندس ملائڪن لاءِ تيار ڪئي ويئي آهي،


جيڪڏهن ڪنهن اهڙي هنڌ وڃو جتان جا ماڻهو اوهان کي قبول نہ ڪن، تہ پوءِ اتان رواني ٿيڻ وقت پنهنجي پيرن جي مٽي اتي ڇنڊي ڇڏجو تہ جيئن مٿن شاهدي ٿئي.“


جيڪو مون کي ۽ منهنجي ڳالهين کي قبول نہ ٿو ڪري، تنهن کي گنهگار قرار ڏيڻ وارو هڪڙو ئي آهي، يعني منهنجو پيغام، جيڪو آخرت جي ڏينهن هن کي گنهگار قرار ڏيندو.


پر تنهنجي دل ايڏي سخت ٿي ويئي آهي جو تون توبهہ نہ ٿو ڪرين، سو تون تہ خدا جي انهيءَ قهر واري ڏينهن واسطي پاڻ پنهنجي لاءِ غضب ميڙي گڏ پيو ڪرين، جنهن ڏينهن خدا جو پورو پورو انصاف ظاهر ٿيندو.


تہ سندس ڪم ظاهر ٿي پوندو، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ڪم کي عدالت جي ڏينهن ظاهر ڪيو ويندو. انهيءَ ڏينهن باهہ ئي هر ڪنهن جو ڪم پرکيندي تہ ڪهڙي قسم جو آهي.


آءٌ اهو بہ ٻڌان تہ اوهين پنهنجن مخالفن کان ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ نہ ٿا ڊڄو. اوهان جي ايمان واري اهڙي هلت هنن جي لاءِ برباديءَ جي نشاني آهي، پر اوهان جي لاءِ ڇوٽڪاري جي. اها نشاني خدا جي طرفان آهي،


مطلب تہ ڪنهن بہ طرح ڪنهن ماڻهوءَ جي دوکي ۾ نہ اچجو. آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ اهو ڏينهن تيستائين نہ ايندو، جيستائين خدا جي خلاف وڏي بغاوت نہ ٿئي ۽ اهو وڳوڙي جنهن جي پڇاڙي بربادي آهي ظاهر نہ ڪيو وڃي.


پر جيڪي ماڻهو دولتمند ٿيڻ ٿا گھرن، سي آزمائش ۾ پون ٿا ۽ گھڻين ئي بي‌وقوفيءَ ۽ نقصان وارين خواهشن جي ڦندي ۾ ڦاسجي تباهيءَ ۽ برباديءَ ۾ غرق ٿي وڃن ٿا.


ڇاڪاڻ تہ اسان جو خدا ساڙي رک ڪرڻ واري باهہ آهي.


انهن مثالن مان اهو ظاهر ٿو ٿئي تہ خداوند ڄاڻي ٿو تہ ديندارن کي آزمائش کان ڪيئن بچائي ۽ بدڪارن کي عدالت جي ڏينهن تائين ڪهڙيءَ طرح سزا هيٺ رکي،


ياد رکو، خداوند جو ڏينهن چور وانگر اوچتو ايندو. انهيءَ ڏينهن جڏهن آسماني شيون سخت باهہ جي ڪري ڳري ناس ٿي وينديون، تڏهن آسمان وڏي ڪڙڪي سان ختم ٿي ويندا ۽ زمين ۽ جيڪي ڪجھہ مٿس آهي سو سڀ سڙي ناس ٿي ويندو.


جيئن تہ اوهين انهيءَ ڏينهن جي اچڻ جو انتظار ڪريو ٿا، جڏهن خدا اچي عدالت ڪندو، تڏهن اهڙي ئي زندگي گذاريو، بلڪ اهڙا عمل پڻ ڪريو جيڪي انهيءَ ڏينهن جي جلد اچڻ جو سبب بڻجن. انهيءَ ڏينهن تي آسمان باهہ ۾ سڙي ناس ٿي ويندا ۽ آسماني شيون سخت باهہ جي ڪري پگھرجي ختم ٿي وينديون.


خدا ۾ رهڻ ڪري پيار اسان ۾ مڪمل ٿئي ٿو. سو عدالت جي ڏينهن اسين پوري اعتماد سان بيهي سگھنداسين، ڇاڪاڻ تہ جيئن مسيح خدا ۾ آهي تيئن ئي هن دنيا ۾ اسين بہ خدا ۾ آهيون.


ساڳئي نموني سدوم، عموراہ ۽ انهن جي آس‌پاس جي شهرن وارا انهن ملائڪن وانگر زناڪاري ۽ حرامڪاريءَ جي پٺيان پئجي ڪڏهن نہ وسامندڙ باهہ جي سزا پيا ڀوڳين ۽ اهو ٻين لاءِ عبرت جو مثال آهي.


جيڪو حيوان اڳي هو ۽ هاڻي ڪونهي، سو اٺون بادشاهہ آهي ۽ انهن ستن مان ئي هڪ آهي. هو پڻ برباد ڪيو ويندو.


اهو حيوان جيڪو تو ڏٺو، سو اڳي هو ۽ هاڻي ڪونهي. پر اوڙاهہ مان نڪري اچڻ تي آهي ۽ پوءِ برباد ڪيو ويندو. زمين جا اهي رهاڪو جن جا نالا دنيا جي شروعات کان وٺي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهن، سي انهيءَ حيوان جو وري ظاهر ٿيڻ ڏسي عجب ۾ پئجي ويندا، ڇاڪاڻ تہ اهو حيوان اڳي هو ۽ هاڻي ڪونهي.


تڏهن مون هڪڙو وڏو اڇو تخت ۽ انهيءَ تي ويٺل هستيءَ کي ڏٺو. انهيءَ جي موجود هئڻ ڪري زمين ۽ آسمان گم ٿي ويا ۽ وري نظر نہ آيا.


پوءِ مون هڪڙو نئون آسمان ۽ هڪڙي نئين زمين ڏٺي، ڇاڪاڻ تہ پهريون آسمان ۽ پهرين زمين ڪانہ رهي ۽ نہ وري ڪو سمنڊ هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ