Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.پطرس 2:5 - Muslim Sindhi Bible

5 يا هي ڏسو تہ خدا پراڻي زماني جي ماڻهن کي نہ بخشيندي انهن بي‌دينن جي دنيا تي ٻوڏ آندي ۽ رڳو سچائيءَ جي منادي ڪندڙ نوح کي ٻين ستن ڄڻن سميت بچايائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 ۽ قديم دنيا کي بہ ڪين ڇڏيائين، پر انهيءَ بي دين دنيا تي طوفان آڻي، رڳو راستبازيءَ جي منادي ڪندڙ نوح ۽ ٻين ستن ڄڻن کي بچايائين:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 يا هي ڏسو تہ ايشور پراڻي زماني جي ماڻهن کي نہ بخشيندي انهن بي‌ڌرمين جي سنسار تي ٻوڏ آندي ۽ رڳو سچائيءَ جي پرچار ڪندڙ نوح کي ٻين ستن ڄڻن سميت بچايائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 خدا پراڻي زماني جي ماڻھن کي بہ نہ بخشيو، بلڪ انھيءَ بدڪار دنيا تي طوفان آندائين ۽ رڳو سچائيءَ جي تبليغ ڪندڙ نوح ۽ ٻين ستن ڄڻن کي بچايائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.پطرس 2:5
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ ڌرتيءَ تي هڪ ٻوڏ موڪليندس، تہ جيئن سڀ ساهوارا برباد ٿي وڃن. پوءِ جيڪي بہ ڌرتيءَ تي آهي سو سڀ ناس ٿي ويندو.


نوح جو واقعو هن ريت آهي: نوح کي سِم، حام ۽ يافت نالي ٽي پٽ هئا. نوح پنهنجي زماني ۾ اڪيلو ئي سچار هو. هو خدا جي رفاقت ۾ رهندو هو.


تڏهن آءٌ تو کي هيٺ پاتال ۾ لاهي ڇڏيندس، جتي تون قديم زماني جي ماڻهن ۽ گھڻو اڳي ناس ٿي ويل شهرن سان وڃي گڏبين. تون وري ڪڏهن بہ مٿي اچي آباد نہ ٿيندين ۽ جيئرن جي دنيا ۾ تو لاءِ ڪابہ جاءِ ڪانہ هوندي.


ايمان جي ڪري ئي نوح اهي ڳالهيون مڃيون جيڪي اڃا ڏسڻ ۾ نہ آيون هيون، جن بابت خدا کيس خبردار ڪيو هو. هن خدا جو خوف رکي پنهنجي خاندان کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ هڪڙو ٻيڙو ٺاهيو. اهڙيءَ طرح نوح دنيا کي ڏوهي قرار ڏنو ۽ انهيءَ سچائيءَ جو وارث ٿيو، جيڪا ايمان جي ڪري حاصل ٿئي ٿي.


پاڻيءَ جي ئي وسيلي سڀ ڪجھہ چٽ ٿي ويو، جڏهن قديم زماني جي دنيا تي ٻوڏ آئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ