Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 9:36 - Muslim Sindhi Bible

36 هنن موٽي وڃي ييهوءَ کي ٻڌايو. تنهن تي هن چيو تہ ”اهو ئي خداوند جو فرمان آهي جيڪو هن پنهنجي ٻانهي الياس تشبيءَ جي معرفت ٻڌايو هو تہ ’يزرعيل شهر جي زمين تي ايزبل جو ماس ڪتا کائيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

36 تنهنڪري هو موٽي آيا ۽ اچي هن کي اها خبر ڏنائون. ۽ هن چيو تہ اهو خداوند جو ڪلام آهي جو هن پنهنجي ٻانهي ايلياہ تشبيءَ جي واتان ڪيو، جو چيو هئائين تہ يزرعيل جي ڀاڱي ۾ ايزبل جو ماس ڪتا کائيندا:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 9:36
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ايزبل جي باري ۾ پڻ خداوند فرمائي ٿو تہ ’يزرعيل شهر جي ڪوٽ جي ڀرسان ايزبل جي لاش کي ڪتا چيري ڦاڙي کائي ڇڏيندا.


سو هارون ۽ سندس پٽن سڀيئي ڪم خداوند جي حڪمن موجب ڪيا جيڪي هن موسيٰ جي معرفت ڏنا هئا.


هن اسرائيل جا اڳيان علائقا وري فتح ڪيا، جيڪي اتر ۾ حمات لڪ کان وٺي ڏکڻ ۾ کاري سمنڊ تائين هئا. اهو ائين ئي ٿيو جيئن خداوند، بني اسرائيل جي خدا پنهنجي ٻانهي جات‌حفر شهر واري نبي يونس ولد اَمتيءَ جي معرفت فرمايو هو.


سو خداوند ناتن نبيءَ جي معرفت پيغام موڪليو، جنهن انهيءَ ٻار جو نالو خداوند خاطر يديدياہ رکيو.


رهيو سوال اخي‌اب جي زال ايزبل جو، تنهن جي لاش کي يزرعيل جي علائقي ۾ ڪتا کائيندا ۽ کيس ڪوبہ دفن ڪرڻ وارو ڪونہ هوندو.‘“ اهو ٻڌائي نبي دروازو کولي وٺي ڀڳو.


پر جڏهن هو کيس دفن ڪرڻ لاءِ ويا تڏهن کين هن جي کوپڙي، هٿن ۽ پيرن کان سواءِ ٻيو ڪي‌بہ هٿ ڪين آيو.


سو جيئن خدا الياس جي معرفت فرمايو هو تيئن ئي بادشاهہ اخزياہ مري ويو. جيئن تہ اخزياہ کي ڪو پٽ ڪونہ هو، انهيءَ ڪري يهوداہ جي بادشاهہ يهورام ولد يهوسفط جي بادشاهيءَ جي ٻئي سال ۾، اخزياہ جو ڀاءُ يورام سندس تخت تي ويٺو.


اهڙيءَ طرح خداوند جيڪو واعدو ييهوءَ سان ڪيو هو سو پورو ٿيو تہ ”تنهنجو اولاد چوٿين پيڙهيءَ تائين اسرائيل جي تخت تي ويهندو ايندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ