Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 9:27 - Muslim Sindhi Bible

27 جڏهن يهوداہ جي بادشاهہ اخزياہ اهو حال ڏٺو تہ باغ واري گھر جو رستو ڏيئي وٺي ڀڳو. ييهو ان جو پيڇو ڪيو ۽ رڙيون ڪندي چوندو ٿي ويو تہ ”انهيءَ کي بہ ماريو.“ تڏهن جُور جي چاڙهي، جيڪا ابليعام شهر جي ڀرسان آهي، تنهن وٽ ماڻهن هن کي زخمي ڪري وڌو پر هو مجدو شهر ڏانهن ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ اتي ئي مري ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 پر جڏهن يهوداہ جي بادشاهہ اخزياہ اهو حال ڏٺو، تڏهن باغ واري گهر جو رستو ڏيئي اُٿي ڀڳو. ۽ ياهو اُنهيءَ جي پٺيان پيو ۽ چوندو ويو تہ انهيءَ کي بہ رٿ تي ماري وجهو. تڏهن جُور جي چاڙهي، جا ابلعام جي ڀرسان آهي، تنهن وٽ ماڻهن هن کي ڌڪ هنيو، ۽ هو مجدو ڏي ڀڳو ۽ اُتي وڃي مئو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 9:27
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هڪڙي ڏينهن اخي‌اب نابوت کي چيو تہ ”جيئن تہ تنهنجو انگورن جو باغ منهنجي محل جي لڳو لڳ آهي، سو اهو مون کي ڏي تہ انهيءَ کي ڀاڄين جو باغ بڻايان. انهيءَ جي عيوض آءٌ تو کي انهيءَ کان بهتر انگورن جو باغ ڏيندس، يا جيڪڏهن تون چاهين تہ آءٌ تو کي انهيءَ جي رقم ڏيان.“


اخيلود جو پٽ بعنہ: تعناڪ ۽ مجدو شهرن ۾ ۽ بيت‌شان جي ڀرسان واري انهيءَ سڄي علائقي مٿان، جيڪو ضرتان ڳوٺ جي ويجھو، يزرعيل ڳوٺ جي ڏکڻ ۾ ويندي ابيل محولہ ۽ يقمعام شهرن تائين آهي.


پر سامريہ شهر وارا ڏاڍا ڊڄي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”جڏهن تہ ٻہ بادشاهہ يورام ۽ اخزياہ هن کي منهن نہ ڏيئي سگھيا تہ پوءِ اسين ڪيئن هن سان وڙهنداسون؟“


جڏهن اخزياہ جي ماءُ عتلياہ ڏٺو تہ سندس پٽ ماريو ويو آهي تڏهن هن دائود جي سڄي شاهي گھراڻي کي ماري ڇڏڻ جو حڪم ڏنو.


اسرائيل جي بادشاهہ ييهوءَ جي بادشاهيءَ جي ستين سال، يوآس يهوداہ تي بادشاهہ بڻيو ۽ هن اٽڪل چاليهہ سال يروشلم ۾ رهي بادشاهي ڪئي. هن جي ماءُ جو نالو ضبياہ هو، جيڪا بيرسبع شهر جي هئي.


جن عملدارن هن کي قتل ڪيو سي يوسڪار ولد سماعت ۽ يهوزبد ولد شومير هئا. سندس لاش کي دائود جي شهر ۾ سندس ابن ڏاڏن سان گڏ دفن ڪيو ويو. پوءِ سندس پٽ امصياہ سندس جاءِ تي بادشاهہ مقرر ٿيو.


يروشلم ۾ امصياہ جي خلاف سازش ڪئي ويئي، تنهنڪري هو ليڪس شهر ڏانهن ڀڄي ويو. پر دشمنن اوڏانهن بہ سندس پيڇو ڪيو ۽ اتي کيس قتل ڪري ڇڏيائون.


امُون جي عملدارن هن جي خلاف سازش ڪري کيس سندس ئي محل ۾ قتل ڪري ڇڏيو.


سو يورام بادشاهہ يزرعيل شهر ۾ موٽي آيو انهيءَ لاءِ تہ جيڪي زخم کيس ارامين جي هٿان رسيا هئا تن جو علاج ڪرائي. تڏهن يهوداہ جو بادشاهہ اخزياہ ولد يهورام کانس پڇڻ لاءِ اتي آيو.


ڏاهن سان گڏ رهڻ سان ڏاهپ حاصل ٿئي ٿي، جڏهن تہ بي‌وقوفن جي صحبت جو برو نتيجو نڪري ٿو.


هن ماڻهن کي چيو تہ ”اوهين هنن شرير ماڻهن جي تنبن وٽان نڪري پري ٿيو ۽ هنن جي ڪنهن بہ شيءِ کي هٿ نہ لايو، نہ تہ اوهين بہ هنن سان گڏ سندن سڀني گناهن سبب چٽ ٿي ويندءُ.“


تنهنڪري ئي خداوند جو فرمان آهي تہ ”اوهين انهن مان نڪري الڳ ٿي رهو، ۽ ڪنهن بہ پليت شيءِ کي هٿ نہ لايو، تڏهن آءٌ اوهان کي قبول ڪندس.


اِسڪار ۽ آشر جي حدن اندر هي شهر آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت منسيءَ جي ملڪيت هئا: بيت‌شان، ابليعام، عين‌دور، تعناڪ، مجدو ۽ ڀونوِچ سمنڊ جي ڪناري وارو دور.


منسي قبيلي شهر بيت‌شان، تعناڪ، دور، ابليعام ۽ مجدو ۽ انهن جي آس‌پاس ۾ رهندڙ ڪنعانين کي هڪالي نہ ڪڍيو، ڇو تہ هنن اتي ئي رهڻ پسند ڪيو.


تڏهن ڪنعان جا بادشاهہ اسان تي حملو ڪرڻ آيا. هو تعناڪ شهر جي ڀرسان مجدو جي چشمن وٽ اچي وڙهيا. پر اسان کي لُٽڻ‌ڦرڻ سندن نصيب ۾ ئي نہ هو،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ