Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 9:25 - Muslim Sindhi Bible

25 ييهو پنهنجي لشڪر جي سالار بدقر کي چيو تہ ”هن کي کڻي نابوت يزرعيليءَ جي ٻنيءَ ۾ اڇلائي ڇڏ. تو کي ياد هوندو تہ جڏهن آءٌ ۽ تون يورام جي پيءُ اخي‌اب جي پٺيان گڏ پئي وياسين، تڏهن خداوند اخي‌اب جي خلاف هي لفظ چيا هئا تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 تڏهن ياهو پنهنجي لشڪر جي سردار بدقر کي چيو تہ هن کي کڻي نبوت يزرعيليءَ جي ٻنيءَ ۾ اُڇلائي ڇڏ: ڇالاءِ جو ياد هوندءِ تہ جڏهن آءٌ ۽ تون هن جي پيءُ اخي آب جي پٺيان گڏ چڙهيا پئي وياسين، تڏهن خداوند هي بار هن تي رکيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 9:25
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو حزائيل جي تلوار کان بچي نڪرندو تنهن کي ييهو ماريندو ۽ جيڪو ييهوءَ جي تلوار کان بچي نڪرندو تنهن کي اليشع ماريندو.


نابوت نالي هڪ شخص جو هڪڙو انگورن جو باغ هو، جيڪو يزرعيل شهر ۾ بادشاهہ اخي‌اب جي محل جي لڳو لڳ هو.


انهيءَ کي وڃي مون خداوند جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’تو ماڻهوءَ جو خون ڪيو آهي ۽ ان جي ملڪيت بہ ڦري اٿيئي. سو هاڻ آءٌ خداوند چوان ٿو تہ جنهن جاءِ تي نابوت جو رت ڪتن چٽيو آهي، انهيءَ ساڳي جاءِ تي تنهنجو رت بہ ڪتا چٽيندا.‘“


اهڙيءَ طرح خداوند جيڪو واعدو ييهوءَ سان ڪيو هو سو پورو ٿيو تہ ”تنهنجو اولاد چوٿين پيڙهيءَ تائين اسرائيل جي تخت تي ويهندو ايندو.“


’مون ڪالهہ نابوت ۽ سندس پٽن جو خون ڏٺو. سو آءٌ بہ واعدو ٿو ڪريان تہ تو کان بہ هن ساڳي ئي هنڌ تي بدلو وٺندس.‘“ ييهوءَ پنهنجي ساٿيءَ کي وڌيڪ چيو تہ ”سو هاڻي هن جو لاش کڻي انهيءَ زمين ۾ اڇلائي ڇڏ تہ جيئن جيڪي خداوند فرمايو هو سو پورو ٿئي.“


هي پيغام بابل بابت آهي، جيڪو يسعياہ ولد آموص کي خدا رويا ۾ ڏنو.


تڏهن تون انهن کي چئُہ تہ ’اهو خداوند خدا جي طرفان يروشلم جي بادشاهہ ۽ اتي رهندڙ بني اسرائيل بابت هڪڙو پيغام آهي.


هي القوش ڳوٺ جي رهاڪو ناحوم جي ڏٺل رويا جو ڪتاب آهي، جنهن ۾ نينواہ شهر بابت پيغام ڏنل آهي.


هي پيغام خدواند جي طرفان، ملاڪي نبيءَ جي معرفت بني اسرائيل ڏانهن آهي.


ڇاڪاڻ تہ منهنجي پاڃاري فضل واري آهي ۽ منهنجو بار هلڪو آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ