Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 9:24 - Muslim Sindhi Bible

24 تڏهن ييهوءَ پنهنجو تيرڪمان ڪڍي يورام کي تير هنيو جيڪو سندس پٺيءَ ۾ وڃي لڳو ۽ دل منجھان پار هليو ويس. يورام پنهنجي گاڏيءَ ۾ ئي ڪري مري ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 ۽ ياهوءَ پنهنجي سڄي زور سان ڪمان ڪشي يورام جي ٻنهي ٻانهن جي وچ ۾ تير هنيو، جو هن جي دل منجهان لنگهي ويو، ۽ هو پنهنجي رٿ منجهہ ڪِري پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 9:24
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو حزائيل جي تلوار کان بچي نڪرندو تنهن کي ييهو ماريندو ۽ جيڪو ييهوءَ جي تلوار کان بچي نڪرندو تنهن کي اليشع ماريندو.


”ڏس، اخي‌اب ڪيئن نہ منهنجي اڳيان عاجزيءَ ۾ ٿو رهي. جيئن تہ هو منهنجي اڳيان عاجزيءَ ۾ ٿو رهي تنهنڪري هن جي ڏينهن ۾ آءٌ اها مصيبت نہ آڻيندس، پر آءٌ اها مصيبت سندس گھراڻي تي هن جي پٽ جي ڏينهن ۾ آڻيندس.“


هوڏانهن اوچتو ئي ارام جي هڪڙي سپاهيءَ ائين ئي کڻي پنهنجي تيرڪمان سان تير هنيو جيڪو زرهہ جي جوڙن مان لنگھي وڃي اسرائيل جي بادشاهہ اخي‌اب کي لڳو. بادشاهہ پنهنجي جنگي گھوڙي گاڏي هلائڻ واري کي چيو تہ ”جنگ مان گاڏي ڪڍي مون کي ٻاهر وٺي هل، ڇاڪاڻ تہ آءٌ زخمي ٿي پيو آهيان.“


انهيءَ ڏينهن وڏي گھمسان جي جنگ لڳي. زخمي هوندي بہ اسرائيل جي بادشاهہ اخي‌اب کي ارامين جي سامهون جنگي گھوڙي گاڏي ۾ سنڀالي بيهاريو ويو. پر سندس زخم مان رت وهي گاڏيءَ جي تري ۾ ڀرجي ويو ۽ هو شام جو مري ويو.


پر سامريہ شهر وارا ڏاڍا ڊڄي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”جڏهن تہ ٻہ بادشاهہ يورام ۽ اخزياہ هن کي منهن نہ ڏيئي سگھيا تہ پوءِ اسين ڪيئن هن سان وڙهنداسون؟“


ٻئي ڏينهن صبح جو ييهو شهر جي ٻاهرين دروازي ڏانهن نڪري ويو. هو اتي بيهي موجود ماڻهن کي چوڻ لڳو تہ ”اوهين بي‌گناهہ آهيو. مون پنهنجي مالڪ يورام جي خلاف سٽ سٽي ۽ ان کي ماريم، پر هنن سڀني کي ڪنهن ماريو؟


اي اوهين! جيڪي مون خدا کي وساريو ٿا، سي هڪ ڳالهہ تي غور ڪريو، نہ تہ ائين نہ ٿئي جو آءٌ اوهان کي چيري ڦاڙي ڇڏيان، ۽ اوهان کي ڪو ڇڏائڻ وارو بہ نہ هجي. اها ڳالهہ هيءَ آهي تہ


جيڪڏهن خداوند ڪنهن جي خلاف آهي تہ ڪابہ ڏاهپ، سوچ سمجھہ يا صلاح مصلحت ڪم نہ ٿي اچي.


جيڪڏهن ڪو کانئس پڇندو تہ ’تنهنجي جسم تي نبين جهڙا هي زخم ڇا جا آهن؟‘ تہ هو جواب ڏيندو تہ ’هي اُهي زخم آهن جيڪي مون کي پنهنجي دوستن جي گھر ۾ رسيا آهن.‘“


جنهن وقت ماڻهو چوندا هوندا تہ ”ڪو ڊپ ڪونهي، اسين محفوظ آهيون،“ انهيءَ وقت اوچتو ئي اوچتو مٿن تباهي ائين اچي نازل ٿيندي جيئن پيٽ واري عورت کي سور ٿيڻ لڳندا آهن. تڏهن اهي هرگز نہ بچندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ