2.بادشاهَہ 9:23 - Muslim Sindhi Bible23 تڏهن يورام پويان پير ڪري وٺي ڀڳو ۽ ڀڄندي اخزياہ کي چيو تہ ”اخزياہ! بغاوت ٿي ويئي آهي!“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible23 تڏهن يورام پنهنجا هٿ ڦيرائي اُٿي ڀڳو، ۽ اخزياہ کي چوڻ لڳو تہ اي اخزياہ، بغاوت ٿي آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
هن نهاري ڏٺو تہ نئون بادشاهہ هيڪل جي دروازي وٽ بادشاهن واري ٿنڀي جي ڀرسان بيٺو آهي ۽ لشڪر جا سالار ۽ توتارا وڄائڻ وارا بادشاهہ جي ڀرسان بيٺا آهن. هن ڏٺو تہ سڀيئي ماڻهو خوشيءَ وچان نعرا هڻي رهيا هئا ۽ شرنايون پئي وڄايائون ۽ ڳائڻ وارا بہ ساز وڄائي واکاڻ جا گيت ڳائڻ ۾ ماڻهن جي رهنمائي ڪري رهيا هئا. تڏهن عتلياہ راڻي جوش وچان پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي رڙيون ڪري چوڻ لڳي تہ ”غداري! غداري! غداري!“