Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 9:14 - Muslim Sindhi Bible

14-15 پوءِ ييهوءَ يورام بادشاهہ جي خلاف منصوبو جوڙيو. هوڏانهن يورام يزرعيل شهر ۾ هو جتي هو انهن زخمن جي علاج لاءِ ويو هو جيڪي کيس اسرائيل جي لشڪر سان گڏ رامات شهر جي حفاظت ڪندي ارام جي بادشاهہ حزائيل خلاف جنگ ۾ رسيا هئا. سو ييهوءَ پنهنجي ساٿين کي چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين مون سان گڏ آهيو تہ پوءِ خيال ڪريو تہ متان ڪو ڪٿان نڪري وڃي يزرعيل شهر وارن کي اها خبر ٻڌائي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 پوءِ ياهو بن يهوسفط بن نمسي، يورام جي برخلاف منصوبو ڪيو. (هاڻي يورام سڄي اسرائيل سان گڏجي ارام جي بادشاهہ حزائيل جي سببان رامات جلعاد جي حفاظت پئي ڪئي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 9:14
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بعشا ولد اخياہ جيڪو اِسڪار جي گھراڻي مان هو تنهن ندب جي خلاف سازش سِٽي ۽ جڏهن ندب ۽ سندس لشڪر فلستين جي شهر جِبتون کي گھيرو ڪيو ويٺا هئا، تڏهن بعشا اُتي ئي کيس ماري ڇڏيو.


انهيءَ لشڪر جڏهن ٻڌو تہ زمريءَ بادشاهہ ايلہ جي خلاف بغاوت ڪري کيس ماري ڇڏيو آهي، تڏهن هنن ساڳئي ڏينهن خيمي‌گاهہ ۾ پنهنجي سپهہ‌سالار عمريءَ کي اسرائيل جو بادشاهہ بڻايو.


بعشا ۽ سندس خاندان خلاف ييهو نبيءَ جي معرفت خداوند اهو انهيءَ ڪري فرمايو هو جو بعشا خداوند جي نظر ۾ گھڻا ئي برا ڪم ڪيا هئا. هن خداوند کي نہ رڳو پنهنجي برن ڪمن ڪري ڪاوڙايو هو، جيئن کانئس اڳي بادشاهہ يربعام ڪيو هو، بلڪ هن ڪري بہ جو بعشا يربعام جي سڄي خاندان کي مارائي ڇڏيو هو.


تڏهن هن جو سالار جنهن جو نالو زمري هو ۽ جيڪو جنگي گھوڙي گاڏين مان اڌ حصي جو نگران هو، تنهن هن خلاف بغاوت ڪئي. هڪ ڏينهن ترضہ ۾ ايلہ پنهنجي محل جي نگران ارضہ جي گھر ۾ گھڻي پيئڻ ڪري نشي ۾ ٻڏو پيو هو.


اسرائيل جي بادشاهہ اخي‌اب يهوسفط جي روبرو پنهنجي عملدارن کي چيو تہ ”اوهان کي خبر ناهي ڇا تہ جِلعاد علائقي جو رامات شهر اسان جو آهي؟ پر انهيءَ هوندي بہ اسين ماٺ ڪيو ويٺا آهيون ۽ اهو ارام جي بادشاهہ جي قبضي مان نہ ٿا ڇڏايون.“


ٻئي ڏينهن صبح جو ييهو شهر جي ٻاهرين دروازي ڏانهن نڪري ويو. هو اتي بيهي موجود ماڻهن کي چوڻ لڳو تہ ”اوهين بي‌گناهہ آهيو. مون پنهنجي مالڪ يورام جي خلاف سٽ سٽي ۽ ان کي ماريم، پر هنن سڀني کي ڪنهن ماريو؟


جن عملدارن هن کي قتل ڪيو سي يوسڪار ولد سماعت ۽ يهوزبد ولد شومير هئا. سندس لاش کي دائود جي شهر ۾ سندس ابن ڏاڏن سان گڏ دفن ڪيو ويو. پوءِ سندس پٽ امصياہ سندس جاءِ تي بادشاهہ مقرر ٿيو.


پوءِ فقحہ ولد رملياہ خلاف هوسيع ولد ايلہ سازش ڪئي ۽ کيس قتل ڪري ڇڏيائين. يوتام ولد عُزياہ جي بادشاهيءَ جي ويهين سال هوسيع پاڻ اسرائيل جو بادشاهہ بڻيو.


هو يورام ولد اخي‌اب سان گڏجي ارام جي بادشاهہ حزائيل سان جنگ ڪرڻ لاءِ جِلعاد جي علائقي ۾ رامات شهر ڏانهن ويو، جتي يورام جنگ ۾ زخمي ٿي پيو.


سو يورام بادشاهہ يزرعيل شهر ۾ موٽي آيو انهيءَ لاءِ تہ جيڪي زخم کيس ارامين جي هٿان رسيا هئا تن جو علاج ڪرائي. تڏهن يهوداہ جو بادشاهہ اخزياہ ولد يهورام کانس پڇڻ لاءِ اتي آيو.


جڏهن تون اتي پهچين تڏهن نمشيءَ جي پوٽي ييهو ولد يهوسفط کي ڳولي هٿ ڪج. پوءِ وٽس وڃي کيس ساٿين کان اٿاري اندرين ڪوٺيءَ ۾ وٺي وڃجانءِ.


جيئن ئي ييهو در مان اندر داخل ٿيو تہ هن کانئس پڇيو تہ ”اي زمري! پنهنجي مالڪ جا قاتل، خير تہ آهي؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ