Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 9:13 - Muslim Sindhi Bible

13 تڏهن انهن مان هر هڪ تڙ تڪڙ ۾ پنهنجي پنهنجي چادر لاهي سندس هيٺان ڏاڪڻ تي وڇائي. پوءِ هنن نفيلون وڄائي وڏي واڪي چيو تہ ”ييهو بادشاهہ آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 تڏهن اُنهن مان هرهڪ ماڻهوءَ تڪڙو ٿي پنهنجو پنهنجو ڪپڙو کڻي سندس هيٺان ڏاڪڻ تي وڇايو، ۽ قرناءِ وڄائي چوڻ لڳا تہ ياهو بادشاهہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 9:13
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هن بني اسرائيل جي سڀني قبيلن ڏانهن ڳجھا قاصد موڪلي کين چوايو تہ ”جڏهن اوهين نفيلن جو آواز ٻڌو تڏهن نعرا هڻي چئجو تہ ’ابي‌سلوم حبرون ۾ بادشاهہ ٿيو آهي.‘“


ڇاڪاڻ تہ هن اڄ وڃي گھڻي تعداد ۾ ڏاند، متارا وهڙا ۽ رڍون قربان ڪيون آهن. هن سڀني شهزادن، تنهنجي لشڪر جي سپهہ‌سالار ۽ ابي‌ياتر ڪاهن جي دعوت ڪئي آهي. هينئر هو ساڻس گڏ کائن پيئن ٿا ۽ چون ٿا تہ ’ادونياہ بادشاهہ زندہ آباد.‘


اُتي صدوق ڪاهن ۽ ناتن نبي سليمان کي بني اسرائيل جي مٿان بادشاهہ بڻجڻ لاءِ مسح ڪن. پوءِ اوهين نفيلون وڄائي چئجو تہ ’بادشاهہ سليمان زندہ آباد!‘


صدوق ڪاهن خداوند جي عهد جي صندوق واري تنبوءَ مان جيڪو زيتون جي تيل وارو سڱ آندو هو تنهن مان تيل کڻي سليمان کي بادشاهہ ٿيڻ لاءِ مسح ڪيائين. تڏهن هنن نفيلون وڄايون ۽ سڀني ماڻهن وڏي آواز سان چيو تہ ”بادشاهہ سليمان زندہ آباد!“


تنهن کان پوءِ يهويدع ڪاهن بادشاهہ جي پٽ يوآس کي ٻاهر وٺي آڻي مٿس تاج رکيو ۽ بادشاهي ڪرڻ جي قاعدن قانونن جو ڪتاب سندس حوالي ڪيو. پوءِ يوآس کي مسح ڪري بادشاهہ مقرر ڪيو ويو ۽ ماڻهن تاڙيون وڄائي چيو تہ ”خدا شل بادشاهہ کي سلامت رکي!“


هن نهاري ڏٺو تہ نئون بادشاهہ دستور موجب ٿنڀي جي پاسي ۾ بيٺو هو. سالار ۽ توتارا وڄائڻ وارا بادشاهہ جي ڀر ۾ بيٺا هئا. سڀيئي ماڻهو خوشيون پيا ڪن ۽ شرنايون پيا وڄائين. تڏهن عتلياہ جوش وچان پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي رڙيون ڪري چوڻ لڳي تہ ”غداري! غداري! غداري!“


هنن کيس وراڻيو تہ ”نہ، اسان کي خبر ناهي. تون ٻڌاءِ تہ هن ڇا چيو.“ تڏهن ييهوءَ انهيءَ ماڻهوءَ جي چيل هي ڳالهہ کين ٻڌائي تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’مون تو کي مسح ڪري اسرائيل تي بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.‘“


اوهين شرنايون ۽ نفيلون وڄائي، خداوند بادشاهہ جي آڏو خوشيءَ جا نعرا هڻو.


پوءِ جيئن عيسيٰ ان تي سوار ٿي هلندو ٿي رهيو، تيئن ماڻهو پنهنجيون چادرون کڻي رستي تي وڇائيندا ٿي رهيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ