Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 9:11 - Muslim Sindhi Bible

11 جڏهن ييهو پنهنجي ساٿين وٽ موٽي آيو، تڏهن هڪڙي کانئس پڇيو تہ ”ٻيو تہ خير آهي؟ اهو چريو ماڻهو تو وٽ ڇو آيو هو؟“ تنهن تي ييهوءَ کين وراڻيو تہ ”ڇا اوهان کي انهيءَ ماڻهوءَ جي ۽ جيڪي هن چيو تنهن جي خبر آهي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 تڏهن ياهو پنهنجي ڌڻيءَ جي نوڪرن وٽ موٽي آيو: ۽ هڪڙي چيس تہ ٻيو تہ خير آهي؟ اهو ديوانو ماڻهو ڇو تو وٽ آيو هو؟ ۽ هن اُنهن کي چيو تہ اوهان کي انهيءَ ماڻهوءَ جي، ۽ جيڪي هن چيو، تنهن جي خبر آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 9:11
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڊوڙي وڃي گڏجينس ۽ پڇينس تہ ’تو ڏانهن، تنهنجي مڙس ڏانهن ۽ تنهنجي پٽ ڏانهن تہ خير آهي؟‘“ تنهن تي انهي عورت ورندي ڏيئي چيو تہ ”سڀ خير آهي.“


سو جيحازي نعمان جي پٺيان ويو. جڏهن نعمان کيس پنهنجي پٺيان ڊوڙندو ايندي ڏٺو، تڏهن هو پنهنجي گاڏيءَ تان هيٺ لهي پيو ۽ کانئس پڇيائين تہ ”ٻيو تہ سڀ خير آهي؟“


هنن کيس وراڻيو تہ ”نہ، اسان کي خبر ناهي. تون ٻڌاءِ تہ هن ڇا چيو.“ تڏهن ييهوءَ انهيءَ ماڻهوءَ جي چيل هي ڳالهہ کين ٻڌائي تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’مون تو کي مسح ڪري اسرائيل تي بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.‘“


يزرعيل ۾ ٺُلهہ تي بيٺل هڪڙي پهريدار جڏهن ييهوءَ جي لشڪر کي ايندي ڏٺو، تڏهن پڪاري چيائين تہ ”هڪڙو لشڪر ايندو ڏسڻ ۾ اچي ٿو.“ تڏهن يورام حڪم ڏنو تہ ”هڪڙي گھوڙي سوار کي گھرايو. کيس موڪليو تہ وڃي واٽ تي انهن سان ملي کانئن پڇي تہ ’ڇا توهان جو اچڻ خيري آهي؟‘“


سو بادشاهہ وري ٻيو گھوڙي سوار موڪليو. جڏهن هو وٽن آيو تڏهن کين چيائين تہ ”بادشاهہ چوي ٿو تہ ’ڇا توهان جو اچڻ خيري آهي؟‘“ ييهوءَ کيس وراڻيو تہ ”تنهنجو خير سان ڪهڙو واسطو؟ منهنجي پٺيان ٿي هل.“


جڏهن تون اتي پهچين تڏهن نمشيءَ جي پوٽي ييهو ولد يهوسفط کي ڳولي هٿ ڪج. پوءِ وٽس وڃي کيس ساٿين کان اٿاري اندرين ڪوٺيءَ ۾ وٺي وڃجانءِ.


جڏهن يورام ييهوءَ سان مليو تڏهن کانئس پڇيائين تہ ”اي ييهو! خير سان تہ آيو آهين؟“ تنهن تي ييهوءَ وراڻيس تہ ”جيستائين تنهنجي ماءُ ايزبل جي بت‌پرستي ۽ جادوگري ايتريون وڌيل هونديون تيستائين خير ڇا جو.“


هائو، سچائي گم ٿي ويئي آهي. هاڻ جيڪو بديءَ کان پري ڀڄڻ جي ڪوشش ٿو ڪري، سو انهيءَ جو شڪار بڻجيو وڃي.“ جڏهن خداوند اهو سڀ ڏٺو تہ سندس قوم سان انصاف نہ ٿو ٿئي، تڏهن سندس نظر کي اهو برو لڳو.


”خداوند تو کي يهويدع ڪاهن جي جاءِ تي ڪاهن مقرر ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ تون خداوند جي گھر جو نگران بڻجي هر انهيءَ چرئي ماڻهوءَ کي جيڪو پاڻ کي نبي چوائي، تنهن کي ڪاٺ ۾ وجھي زنجيرن سان جڪڙي ڇڏين.


هاڻي سزا جا ڏينهن اچي پهتا آهن. هائو، بدلي جا ڏينهن اچي ويجھا ٿيا آهن. تڏهن اسرائيل وارا ڄاڻي وٺندا تہ اهو سڀ ڪجھہ سندن بدڪاريءَ جي گھڻائيءَ ۽ خداوند جي خلاف بغض جي ڪري آهي. هو چون ٿا تہ ”هي نبي بي‌عقل آهي،“ اهي هيئن بہ چون ٿا تہ ”جنهن ۾ روح آهي سو ماڻهو چريو آهي.“


هوڏانهن جڏهن عيسيٰ جي مائٽن کي خبر پيئي تہ هو ڇا ڇا ڪندو پيو وتي ۽ ماڻهو کيس ديوانو پيا سمجھن، تڏهن سندس مائٽ کيس پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ لاءِ آيا.


هنن مان ڪيترائي چوڻ لڳا تہ ”هن ۾ ڀوت آهي، بلڪ هي چريو آهي. اوهين ڇو سندس ڳالهين تي ڌيان ڏيو ٿا؟“


جيئن تہ پولس عيسيٰ ۽ سندس وري جيئري ٿي اٿڻ جي خوشخبريءَ جي منادي ڪري رهيو هو، سو اتي ڪي اِپڪور ۽ ستوئيڪ فلسفي جا عالم ساڻس بحث ڪرڻ لڳا. ڪن چيو تہ ”هي واتوڙي ماڻهو ڇا ٿو چوي؟“ ٻين وري چيو تہ ”هيءُ ڌارين ديوتائن جي خبر ڏيڻ وارو ٿو ڏسجي.“


جيئن ئي پولس هن نموني پنهنجي صفائي پيش ڪري رهيو هو تہ فيستس وڏي واڪي چيس تہ ”پولس تون ديوانو آهين. گھڻو پڙهي پڙهي تون چريو ٿي پيو آهين.“


اسين تہ مسيح جي خاطر بي‌وقوف ٿا سڏجون، پر اوهين مسيح ۾ سياڻا ٿا ليکجو. اسين هيڻا پر اوهين طاقتور، اوهين عزت وارا پر اسين بي‌عزت ٿا ليکجون.


پوءِ جيڪڏهن ڪي سمجھن ٿا تہ اسين ديوانا آهيون تہ خدا جي خاطر آهيون، پر جيڪڏهن ٺيڪ دماغ سان آهيون تہ اوهان جي خاطر آهيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ