Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 9:1 - Muslim Sindhi Bible

1 هوڏانهن نبين جي ٽولي مان هڪڙي کي اليشع نبيءَ گھرائي چيو تہ ”تياري ڪر ۽ زيتون جي تيل جي هيءَ دنگي کڻي رامات شهر ڏانهن وڃ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 ۽ اليشع نبيءَ، نبين جي پٽن مان هڪڙي کي سڏي چيو تہ پنهنجي ڪمر ٻڌ ۽ هيءَ تيل جي ڪُپي پنهنجن هٿن ۾ کڻي رامات جلعاد ڏانهن وڃ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 9:1
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

صدوق ڪاهن خداوند جي عهد جي صندوق واري تنبوءَ مان جيڪو زيتون جي تيل وارو سڱ آندو هو تنهن مان تيل کڻي سليمان کي بادشاهہ ٿيڻ لاءِ مسح ڪيائين. تڏهن هنن نفيلون وڄايون ۽ سڀني ماڻهن وڏي آواز سان چيو تہ ”بادشاهہ سليمان زندہ آباد!“


خداوند جو هٿ الياس نبيءَ تي هو. سو هن چادر سان پنهنجو سندرو ٻڌو ۽ يزرعيل شهر تائين اخي‌اب جي گاڏيءَ اڳيان ڊوڙندو ويو.


نمشيءَ جي پوٽي ييهوءَ کي پڻ مسح ڪري اسرائيل جو بادشاهہ مقرر ڪر ۽ ابيل محولاہ واري اليشع ولد شافاط کي مسح ڪر تہ هو تنهنجي جاءِ تي نبي ٿئي.


نبين جي ٽولي مان هڪڙي ڄڻي خداوند جي حڪم سان ٻئي کي چيو تہ ”مون کي ڌڪ هڻي زخمي ڪر.“ پر انهيءَ ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو.


خداوند کانئن پڇيو تہ ’ڪير اسرائيل جي بادشاهہ اخي‌اب کي ڌُتاريندو تہ جيئن هو وڃي رامات شهر تي ڪاهہ ڪري ۽ اتي ماريو وڃي؟‘ پوءِ ڪن ڇا چيو تہ ڪن ڇا.


تڏهن هن يهوسفط کان پڇيو تہ ”ڇا توهان مون سان گڏجي رامات شهر تي ڪاهہ ڪرڻ لاءِ هلندا؟“ اسرائيل جي بادشاهہ کي يهوسفط ورندي ڏني تہ ”جڏهن اوهين چئو تہ آءٌ، منهنجو لشڪر ۽ منهنجا گھوڙي سوار اوهان سان هلڻ لاءِ تيار آهيون.


يريحو شهر جي نبين جي ٽولي، جن اتي اهو بيٺي ڏٺو تن چيو تہ ”الياس جو روح اليشع تي اچي پيو آهي.“ سو هو سندس استقبال ڪرڻ لاءِ وڌي آيا ۽ سندس اڳيان جھڪي کيس تعظيم ڏنائون.


جيڪي نبي بيت‌ايل ۾ رهندا هئا سي نڪري اليشع وٽ آيا ۽ کانئس پڇيائون تہ ”ڇا تو کي خبر آهي تہ خداوند اڄ تنهنجي مالڪ کي تو وٽان مٿي کڻي ڇڏڻ وارو آهي؟“ اليشع وراڻيو تہ ”هائو، مون کي خبر آهي. اوهين ماٺ رهو.“


تڏهن جيڪي نبي يريحو ۾ رهندا هئا سي اليشع وٽ آيا ۽ کانئس پڇيائون تہ ”ڇا تو کي خبر آهي تہ خداوند اڄ تنهنجي مالڪ کي تو وٽان مٿي کڻي ڇڏڻ وارو آهي؟“ اليشع وراڻيو تہ ”هائو، مون کي خبر آهي، پر اوهين ماٺ رهو.“


نبين مان پنجاهہ ڄڻا اردن درياءَ ڏانهن انهن جي پٺيان ويا. الياس ۽ اليشع اردن درياءَ جي ڀرسان بيهي رهيا ۽ اهي پنجاهہ نبي پرڀرو سندن سامهون بيهي رهيا.


هڪڙي عورت اليشع وٽ آئي جنهن جو مڙس نبين جي ٽولي مان هو ۽ مري ويو هو. انهيءَ عورت اليشع کي چيو تہ ”اوهان جو ٻانهو منهنجو مڙس مري ويو آهي! توهان کي خبر آهي تہ هو خدا جو خوف رکڻ وارو ماڻهو هو. پر هاڻ انهيءَ جو هڪڙو لهڻيدار آيو آهي، جيڪو پنهنجي قرض ۾ منهنجا ٻہ پٽ غلام ڪري وٺي وڃڻ چاهي ٿو.“


تنهن تي اليشع جيحازيءَ کي چيو تہ ”جلدي ڪر، منهنجي لٺ پنهنجي هٿ ۾ کڻ ۽ ڊوڙندو وڃ. جيڪڏهن ڪو ماڻهو تو کي گڏجي تہ انهيءَ کي سلام نہ ڪج ۽ جيڪڏهن ڪو تو کي سلام ڪري تہ انهيءَ کي سلام جو جواب نہ ڏج. سڌو هن عورت جي گھر وڃ ۽ وڃي منهنجي لٺ ٻار جي منهن تي رکج.“


سو اهو جوان نبي رامات شهر ڏانهن روانو ٿي ويو.


جيئن تہ عرب حملہ‌آور، جيڪي لشڪرگاهہ تي چڙهائي ڪري آيا هئا، تن بادشاهہ يهورام جي سڀني پٽن کي قتل ڪري ڇڏيو، پر سندس ننڍو پٽ اخزياہ بچي ويو. سو يروشلم جي رهاڪن اخزياہ کي يهورام جي جاءِ تي يهوداہ جو بادشاهہ بڻايو.


هو انهن جي صلاح تي هلندي اسرائيل جي بادشاهہ يورام ولد اخي‌اب سان اتحاد ڪري ارام جي بادشاهہ حزائيل سان جنگ ڪرڻ لاءِ رامات شهر ڏانهن ويو، جنهن ۾ ارامين يورام کي زخمي ڪري وڌو.


سو تون سندرو ٻڌي تيار ٿيءُ! جيڪو حڪم آءٌ تو کي ڏيان سو وڃي انهن کي ٻڌاءِ. انهن کان نہ ڊڄ، نہ تہ آءٌ تو کي انهن اڳيان گھڻو ڊنل بڻائيندس.


اتي جڏهن هو ماني کائي رهيو هو تہ هڪ عورت وٽس آئي جنهن کي سنگمرمر جي هڪ عطردانيءَ ۾ تمام قيمتي عطر هو. هن اهو عيسيٰ جي مٿي تي هاريو.


پوءِ موسيٰ بني اسرائيل جي ماڻهن کي چيو تہ ”اي بني اسرائيل! جيڪي قاعدا قانون آءٌ اوهان کي سيکاريان ٿو سي چڱيءَ طرح ٻڌي انهن تي عمل ڪريو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين جيئرا رهو ۽ جيڪو ملڪ خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جو خدا اوهان کي ڏئي ٿو، تنهن ۾ داخل ٿي مٿس قبضو ڪريو.


پعور واري بعل معبود جي واقعي ۾ جيڪي خداوند ڪيو، سو اوهان پنهنجين اکين سان ڏٺو. جيڪي ماڻهو انهيءَ معبود جي پٺيان لڳا، تن سڀني کي خداوند اوهان جي خدا اوهان جي وچ مان برباد ڪري ڇڏيو.


تنهنڪري اوهين سمجھہ جو سندرو ٻڌي هوشيار ٿيو ۽ ڇوٽڪاري واري انهيءَ فضل تي پوري اميد رکو جيڪو عيسيٰ مسيح جي وري ظاهر ٿيڻ وقت اوهان تي ڪيو ويندو.


پوءِ سموئيل تيل جي دنگي کڻي سائول جي مٿي تي هاري ۽ کيس چمي ڏيئي چيائين تہ ”خداوند ئي تو کي تيل سان مسح ڪرائي مخصوص ڪيو آهي تہ جيئن تون سندس قوم بني اسرائيل جو حڪمران ٿئين. تون ئي خداوند جي قوم تي حڪمراني ڪندي کين آس‌پاس جي دشمنن کان بچائيندين. خداوند تو کي تيل سان مسح ڪرائي پنهنجي قوم جو حڪمران مقرر ڪيو آهي. تو لاءِ انهيءَ ڳالهہ جي نشاني هيءَ آهي تہ


خداوند سموئيل کي چيو تہ ”تون ڪيستائين پيو سائول جي لاءِ افسوس ڪندين؟ جڏهن تہ مون پاڻ هن کان بني اسرائيل جي بادشاهي کسي ورتي آهي. سو هاڻي تون هڪڙي سڱ ۾ زيتون جو ڪجھہ تيل کڻ ۽ وڃ. آءٌ تو کي بيت‌لحم جي يسي نالي هڪڙي ماڻهوءَ ڏانهن موڪليان ٿو، ڇاڪاڻ تہ مون هن جي پٽن مان هڪڙي کي پنهنجي طرفان بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ