Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 8:7 - Muslim Sindhi Bible

7 اليشع جڏهن دمشق ڏانهن آيو، تڏهن ارام جو بادشاهہ بن‌هدد بيمار هو. سو بادشاهہ کي ٻڌايو ويو تہ خدا جو بندو هتي آيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 پوءِ اليشع دمشق ۾ آيو؛ ۽ ارام جو بادشاهہ بن هدد بيمار هو؛ انهيءَ کي وڃي ٻڌايائون تہ خدا جو مرد اتي آيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 8:7
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اتي هن پنهنجي ماڻهن جون جدا جدا ٽوليون ٺاهيون ۽ رات جي وقت هنن تي حملو ڪري کين شڪست ڏنائين. هو حوبہ تائين، جيڪو دمشق شهر جي اتر ۾ آهي، هنن جي پٺيان پيو.


هن آس‌پاس جا ماڻهو پاڻ سان گڏ ڪيا ۽ ان ٽولي جو سردار بڻيو. جڏهن دائود ضوباہ جي ماڻهن کي قتل ڪيو تڏهن رزون پنهنجي ماڻهن سان دمشق ڏانهن هليو ويو ۽ اتي ئي رهڻ لڳو. پوءِ رزون کي ارام جو بادشاهہ بڻايو ويو.


تڏهن خدا جو هڪڙو ٻانهو خداوند جي حڪم سان يهوداہ مان بيت‌ايل ۾ آيو. ان وقت يربعام قربان‌گاهہ جي پاسي ۾ بيٺي قربانيون پيش ڪري رهيو هو.


تڏهن هيڪل ۾ ۽ شاهي محل ۾ جيڪو سون ۽ چاندي بچيو هو، سو آسا پنهنجي عملدارن جي هٿ ارام جي بادشاهہ بن‌هدد، جيڪو طابرمون جو پٽ ۽ حزيون جو پوٽو هو تنهن ڏانهن دمشق شهر ۾ ڏياري موڪليو. هي نياپو پڻ موڪليائينس تہ


ارام جي بادشاهہ بن‌هدد پنهنجو سڄو لشڪر گڏ ڪيو. ٻين ٻٽيهن حاڪمن جي حمايت سان، جن کي جنگي گاڏيون ۽ گھوڙا هئا، هن سامريہ شهر تي چڙهائي ڪري مٿس حملي ڪرڻ لاءِ ان کي گھيرو ڪيو.


بن‌هدد اخي‌اب کي چيو تہ ”جيڪي شهر منهنجي پيءُ تنهنجي پيءُ کان کسيا هئا سي آءٌ اوهان کي موٽائي ڏيندس ۽ پوءِ توهين ڀلي دمشق شهر ۾ واپار لاءِ بازاريون ٺهرايو جيئن منهنجي پيءُ سامريہ شهر ۾ ٺهرايون هيون.“ تڏهن اخي‌اب کيس چيو تہ ”انهن شرطن تي آءٌ تو کي ڇڏي ڏيندس.“ سو بن‌هدد اخي‌اب سان اهو معاهدو ڪيو، پوءِ اخي‌اب کيس موڪل ڏني.


اخزياہ جيڪو پنهنجي پيءُ اخي‌اب جي وفات کان پوءِ بادشاهہ ٿيو، سو سامريہ شهر ۾ پنهنجي ماڙيءَ جي ڄاريدار پلويڙي تان هيٺ ڪري پيو ۽ سخت زخمي ٿي پيو. سو هن ڪن قاصدن کي موڪليو تہ وڃي فلستين جي شهر عقرون ۾ معبود بعل‌زبوب کان پڇي اچن تہ ”آءٌ وري چڱو ڀلو ٿيندس يا نہ؟“


يريحو شهر جي نبين جي ٽولي، جن اتي اهو بيٺي ڏٺو تن چيو تہ ”الياس جو روح اليشع تي اچي پيو آهي.“ سو هو سندس استقبال ڪرڻ لاءِ وڌي آيا ۽ سندس اڳيان جھڪي کيس تعظيم ڏنائون.


خدا جي ٻانهي اليشع جي خدمتگار جيحازيءَ پنهنجيءَ دل ۾ چيو تہ ”منهنجي مالڪ هن نعمان اراميءَ کي ائين ئي ڇڏي ڏنو ۽ جيڪي هن آندو هو سو کانئس نہ ورتائين. جيئري خداوند جو قسم آهي تہ آءٌ هن جي پٺيان ڊوڙي وڃي کانئس ڪجھہ نہ ڪجھہ وٺندس.“


سندس سالارن مان هڪڙي وراڻيو تہ ”اي منهنجا آقا بادشاهہ! اسان مان ڪوبہ ناهي. پر اليشع نبي جيڪو اسرائيل ملڪ ۾ رهي ٿو، سو اسرائيل جي بادشاهہ کي اُهي بہ ڳالهيون ٻڌائي ٿو جيڪي توڙي جو توهين پنهنجي سمهڻ واري ڪمري ۾ اڪيلائيءَ ۾ ڪنهن سان ڪريو ٿا.“


ڪجھہ وقت کان پوءِ ارام جي بادشاهہ بن‌هدد پنهنجو سڄو لشڪر گڏ ڪيو ۽ چڙهائي ڪري وڃي سامريہ شهر کي گھيري هيٺ آندائين.


بادشاهہ ان عورت کان اها ڳالهہ پڇي تہ هن اها بيان ڪري ٻڌايس. تڏهن بادشاهہ پنهنجي هڪڙي عملدار کي سڏي کيس حڪم ڏنو تہ ”هن عورت جي جيڪا بہ ملڪيت آهي سا کيس واپس ڏني وڃي ۽ جنهن ڏينهن کان هوءَ هي ملڪ ڇڏي هلي ويئي هئي تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين سندس ٻنيءَ جي جيڪا اپت آهي سا بہ کيس موٽائي ڏني وڃي.“


ڇاڪاڻ تہ ارام ملڪ جي طاقت ان جي شهر دمشق کان وڌيڪ ناهي، ۽ دمشق جي طاقت رڳو ان جي بادشاهہ رضين ۾ آهي. ساڳيءَ طرح اسرائيل ملڪ جي طاقت ان جي شهر سامريہ کان وڌيڪ ناهي، ۽ سامريہ جي طاقت رڳو ان جي بادشاهہ فقحہ ۾ آهي. جڏهن تہ پنجهٺ سالن اندر اسرائيل وارا ڀڄي اهڙا تہ ڀورا ڀورا ٿيندا، جو هڪڙي قوم ٿي نہ رهندا. پر اي آخز بادشاهہ! جيڪڏهن مون سان تنهنجي وفاداري قائم نہ رهي، تہ تون پاڻ بہ قائم نہ رهندين.‘“


آءٌ اڃا اتان روانو ئي نہ ٿيو هئس تہ نبوزرادان مون کي وڌيڪ چيو تہ ”چڱو تہ ائين آهي جو تون موٽي جِدلياہ ولد اخيقام ولد سافن وٽ وڃ، جنهن کي بابل جي بادشاهہ يهوداہ جي شهرن تي گورنر مقرر ڪيو آهي. تون پنهنجي قوم منجھہ ئي وٽس وڃي رهہ، يا جتي تو کي وڻي اتي وڃي رهہ.“ پوءِ انهيءَ سالار مون کي کاڌو ۽ سوکڙيون ڏيئي روانو ڪيو.


جڏهن اهي اتي نہ ملين تڏهن ياسون ۽ ڪن ٻين ايمان وارن کي گهلي شهر جي عملدارن وٽ وٺي آيا ۽ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”جن ماڻهن سڄيءَ دنيا ۾ گڙٻڙ مچائي آهي سي هتي بہ آيا آهن


خدا جي ٻانهي موسيٰ پنهنجي مرڻ کان اڳ ۾ بني اسرائيل کي برڪت لاءِ جيڪا دعا ڪئي سا هيءَ آهي.


غزہ جي ماڻهن کي جڏهن خبر پيئي تہ سمسون هتي آيو آهي، تڏهن هنن انهيءَ جاءِ کي گھيري ۾ آندو ۽ سڄي رات شهر جي ٻاهرين دروازي وٽ هن جي لاءِ ترسي ويٺا. رات جو هنن ڪابہ چرپر ڪانہ ڪئي جو چيائون تہ ”پرهہ ڦٽيءَ مهل هن کي ماري ڇڏينداسون.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ