Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 8:3 - Muslim Sindhi Bible

3 ستن سالن جي پوري ٿيڻ کان پوءِ هوءَ فلستين جي ملڪ کان اسرائيل ملڪ ۾ موٽي آئي ۽ پنهنجي گھر ۽ پنهنجي زمين جي موٽي ملڻ واسطي عرض ڪرڻ لاءِ بادشاهہ ڏانهن رواني ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ۽ ستن ورهين کان پوءِ هيئن ٿيو تہ اُها زال فلستين جي ملڪ مان موٽي آئي: ۽ هوءَ پنهنجي گهر ۽ پنهنجي زمين لاءِ بادشاهہ وٽ فرياد ڪرڻ ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 8:3
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن تقوع شهر واري اها عورت بادشاهہ وٽ پهتي، تڏهن سندس اڳيان زمين تي منهن ڀر ڪري سندس تعظيم ڪري کيس چوڻ لڳي تہ ”اي بادشاهہ! منهنجي واهر ڪريو.“


بعد ۾ اليشع پنهنجي خدمتگار کي چيو تہ ”انهيءَ عورت کي چئُہ تہ ’تو جو اسان جي لاءِ هيتري ساري تڪليف ڪئي آهي، سو ٻڌاءِ تہ آءٌ تنهنجي لاءِ ڇا ڪريان؟ ڇا آءٌ بادشاهہ کي يا فوج جي سپهہ‌سالار کي اوهان جي سفارش ڪريان؟‘“ تنهن تي انهيءَ عورت وراڻيو تہ ”هتي پنهنجن جي وچ ۾ رهندي مون وٽ سڀ ڪجھہ آهي.“


هڪڙي ڏينهن اسرائيل جو بادشاهہ ڀت تي گھمندي لنگھيو ٿي ويو تہ هڪڙيءَ عورت کيس پڪاري چيو تہ ”اي منهنجا آقا بادشاهہ! منهنجي ڪا واهر ڪر.“


تڏهن اها عورت اُٿي ۽ جيئن خدا جي بندي چيو هئس تيئن ئي ڪيائين. هوءَ پنهنجي خاندان سميت اتان رواني ٿي ۽ فلستين جي ملڪ ۾ ستن سالن تائين وڃي رهي.


انهيءَ وقت بادشاهہ خدا جي بندي جي خدمتگار جيحازيءَ سان پئي ڳالهايو تہ ”مهرباني ڪري اليشع جيڪي وڏا ڪم ڪيا آهن سي مون کي ٻڌاءِ.“


بادشاهہ ان عورت کان اها ڳالهہ پڇي تہ هن اها بيان ڪري ٻڌايس. تڏهن بادشاهہ پنهنجي هڪڙي عملدار کي سڏي کيس حڪم ڏنو تہ ”هن عورت جي جيڪا بہ ملڪيت آهي سا کيس واپس ڏني وڃي ۽ جنهن ڏينهن کان هوءَ هي ملڪ ڇڏي هلي ويئي هئي تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين سندس ٻنيءَ جي جيڪا اپت آهي سا بہ کيس موٽائي ڏني وڃي.“


هن غريبن ۽ محتاجن جو طرف کڻي پنهنجي لاءِ ڀلو ڪيو. اهو ئي تہ خداوند کي سڃاڻڻ آهي.


سو هوءَ پنهنجين ننهن کي ساڻ ڪري رهڻ واري جاءِ کان نڪري يهوداہ جي ملڪ ڏانهن موٽي وڃڻ لاءِ پنڌ پيئي. پر رستي ۾


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ