2.بادشاهَہ 8:29 - Muslim Sindhi Bible29 سو يورام بادشاهہ يزرعيل شهر ۾ موٽي آيو انهيءَ لاءِ تہ جيڪي زخم کيس ارامين جي هٿان رسيا هئا تن جو علاج ڪرائي. تڏهن يهوداہ جو بادشاهہ اخزياہ ولد يهورام کانس پڇڻ لاءِ اتي آيو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible29 ۽ بادشاهہ يورام کي جيڪي زخم رامہ ۾ ارامين جي هٿان رسيا هئا، جڏهن هن حزائيل ارامين جي بادشاهہ سان جنگ ڪئي هئي، تن جي ڇُٽائڻ لاءِ هو موٽي يزرعيل ۾ آيو. ۽ يهوداہ جو بادشاهہ اخزياہ بن يهورام، يورام بن اخي آب کي يزرعيل ۾ ڏسڻ ويو، جو هو بيمار هو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پوءِ ييهوءَ يورام بادشاهہ جي خلاف منصوبو جوڙيو. هوڏانهن يورام يزرعيل شهر ۾ هو جتي هو انهن زخمن جي علاج لاءِ ويو هو جيڪي کيس اسرائيل جي لشڪر سان گڏ رامات شهر جي حفاظت ڪندي ارام جي بادشاهہ حزائيل خلاف جنگ ۾ رسيا هئا. سو ييهوءَ پنهنجي ساٿين کي چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين مون سان گڏ آهيو تہ پوءِ خيال ڪريو تہ متان ڪو ڪٿان نڪري وڃي يزرعيل شهر وارن کي اها خبر ٻڌائي.“