2.بادشاهَہ 8:18 - Muslim Sindhi Bible18 جيئن تہ يهورام اخياب جي ڌيءَ سان شادي ڪئي هئي، سو هُو بہ بدڪردار اخياب جي گھراڻي وانگر اسرائيل جي بادشاهن جي رستي تي هليو ۽ اهي ئي ڪم ڪيائين جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible18 ۽ هو اسرائيل جي بادشاهن جي رستي تي هليو، جيئن ڪ اخي آب جو گهراڻو هليو هو: ڇالاءِ جو اخي آب جي ڌيءَ هن جي زال هئي: ۽ هن اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اي يروشلم وارؤ! اهو سڀ انهيءَ ڪري ٿيندو، جو اوهان اسرائيل ملڪ جي بادشاهہ عمري ۽ سندس پٽ بادشاهہ اخياب جي گناهن وارن عملن جي پيروي ڪئي آهي. جيئن تہ اوهين انهن جي رستي تي هلندا رهيا آهيو، تنهنڪري هاڻ، آءٌ اوهان کي ۽ اوهان جي شهر يروشلم کي تباهہ وَ برباد ڪري ڇڏيندس. پوءِ هر قوم جا ماڻهو اوهان تي ٺٺوليون ڪندا، ۽ اوهين خوار خراب ڪيا ويندا.“