2.بادشاهَہ 8:1 - Muslim Sindhi Bible1 اليشع جنهن عورت جي پٽ کي وري جيئرو ڪيو هو، تنهن کي چيائين تہ ”اُٿ، پنهنجي خاندان سميت ڪنهن ٻئي هنڌ وڃي رهہ، ڇاڪاڻ تہ خداوند هن ملڪ ۾ ڏڪار موڪلڻ وارو آهي، جيڪو هتي ستن سالن تائين هلندو.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible1 هاڻي اليشع جنهن زال جي پٽ کي وري جيئرو ڪيو هو، تنهن کي چيائين تہ اُٿ، تون پنهنجي گهراڻي سميت وڃ ۽ جتي رهي سگهين اُتي وڃي رهہ: ڇالاءِ جو خداوند ڏڪار کي سڏيو آهي؛ ۽ اُهو هن زمين تي ست ورهيہ رهندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تڏهن جاد دائود وٽ آيو ۽ کيس خداوند جو فرمان ٻڌايائين. پوءِ کانئس پڇيائين تہ ”ڇا اوهان جي ملڪ ۾ ٽن سالن تائين ڏڪار پوي؟ يا اوهين ٽن مهينن تائين پنهنجي دشمنن کان ڀڄندا رهو ۽ هو اوهان جو پيڇو ڪندا رهن؟ يا اوهان جي ملڪ ۾ ٽن ڏينهن تائين وبا جي بيماري پوي؟ هاڻي اوهين دل ۾ ويچار ڪري ٻڌايو تہ جنهن مون کي موڪليو آهي تنهن کي آءٌ ڪهڙو جواب ڏيان؟“