Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 7:8 - Muslim Sindhi Bible

8 جڏهن اهي ڪوڙهہ جهڙي بيماريءَ وارا ماڻهو خيمي‌گاهہ ۾ پهتا تڏهن هڪڙي تنبوءَ ۾ گھڙي ويا. هنن اتي کاڌو پيتو ۽ سون، چاندي ۽ ڪپڙا کڻي وڃي لڪايائون. هو اتان نڪري ٻئي تنبوءَ ۾ گھڙيا ۽ اتان بہ ڪجھہ شيون کڻي وڃي لڪايائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 ۽ جڏهن اهي ڪوڙهيا لشڪرگاهہ جي ٻاهرئين حصي وٽ آيا، تڏهن هڪڙي تنبوءَ ۾ گهڙي ويا ۽ اُتي وڃي کاڌائون پيتائون، ۽ اُتان چاندي، ۽ سون، ۽ ڪپڙا کڻي وڃي لڪايائون؛ پوءِ وري آيا ۽ ٻئي تنبوءَ ۾ گهڙيا، ۽ اُتان بہ اهي شيون کڻي وڃي لڪايائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 7:8
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن جيحازي ٽڪريءَ وٽ پهتو تڏهن هن اُهي نعمان جي نوڪرن کان ورتا ۽ پنهنجي گھر ۾ ئي رکي ڇڏيائين. پوءِ جيحازي انهن نوڪرن کي موڪل ڏني ۽ هو هليا ويا.


پوءِ هو هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”اسين اهو چڱو ڪم نہ ٿا ڪريون. اڄ خوشخبريءَ جو ڏينهن آهي پر اسين ڪنهن کي بہ ڪونہ ٿا ٻڌايون. جيڪڏهن ڏينهن ٿيڻ تائين هتي ترسنداسين تہ اسان کي سزا ملندي. تنهنڪري هاڻي هلي اها خبر شاهي محل ۾ ٻڌايون.“


تڏهن اسان کي وڏي ملڪيت حاصل ٿيندي، ڇاڪاڻ تہ دشمن جي جھنڊي جي ڪاٺي ڀڳل هوندي، ۽ سندن جھنڊو ڪريل هوندو. اسين دشمنن جي دولت مان جيڪي وڻندو، سو لٽي ڦري وٺنداسين. اها ايتري تہ گھڻي هوندي جو منڊو ماڻهو بہ ان مان لٽي وٺندو.


پر کين مارڻ وقت انهن مان ڏهن ڄڻن اسماعيل کي منٿون ڪيون تہ ”اسان کي نہ مار! اسان وٽ ڪڻڪ، جَوَ، زيتون جي تيل ۽ ماکي جو ذخيرو آهي جيڪي هڪ ٻنيءَ ۾ لڪائي رکيا اٿئون.“ تڏهن هن انهن ڏهن ئي ڄڻن کي ڇڏي ڏنو ۽ کين قتل نہ ڪيائين.


”آسمان جي بادشاهي انهيءَ خزاني مثل آهي جيڪو ٻنيءَ ۾ لڪل آهي. جڏهن ڪو ماڻهو اهو لهي ٿو تہ هو وري ان کي ڍڪي ڇڏي ٿو ۽ بيحد خوشيءَ وچان وڃي پنهنجو سڀ ڪجھہ وڪڻي اها ٻني خريد ڪري ٿو.


پر جنهن کي هڪ هزار سون جا سڪا مليا، تنهن زمين ۾ کڏ کوٽي پنهنجي مالڪ جا ڏنل سڪا پوري ڇڏيا.


لُٽ جي مال ۾ مون بابل ملڪ جي هڪڙي سهڻي پوشاڪ، اٽڪل ٻہ ڪلوگرام چاندي ۽ تقريباً اڌ ڪلو تور جي هڪ سوني سر ڏٺي. مون کي انهن جي لالچ ٿي، سو مون اهي کڻي ورتيون. هاڻي اهي منهنجي تنبوءَ ۾ زمين اندر پوريل آهن، چاندي سڀني جي هيٺان آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ