2.بادشاهَہ 7:18 - Muslim Sindhi Bible18 هائو، اليشع بادشاهہ کي ٻڌايو هو تہ سڀاڻي سامريہ جي دروازي تي هن وقت ڌاري ميدي جا ٽي ڪلوگرام ۽ جَوَن جا ڇهہ ڪلوگرام هڪ هڪ چانديءَ جي سڪي تي وڪاڻبا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible18 ۽ ائين ئي ٿيو جيئن انهيءَ خدا جي مرد فرمايو هو، جو چيو هئائين تہ سڀاڻي سامريہ جي دروازي تي هن وقت ڌاري جَوَن جا ٻہ ماڻ هڪڙي شيڪل تي وڪامندا، ۽ ميدي جو هڪڙو ماڻ هڪ شيڪل تي وڪامندو؛ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پوءِ هن اليشع کي وٺي اچڻ لاءِ هڪ ماڻهو موڪليو. هوڏانهن اليشع گھر ۾ ڪن اڳواڻن سان گڏ ويٺو هو. بادشاهہ جي قاصد جي پهچڻ کان اڳ اليشع انهن اڳواڻن کي چيو تہ ”هن خوني بادشاهہ منهنجي سسي لهرائڻ لاءِ هڪ ماڻهو موڪليو آهي. هاڻ جڏهن هو هتي پهچي تہ دروازو بند ڪري ڇڏجو ۽ کيس اندر اچڻ نہ ڏجو. بادشاهہ پاڻ بہ هن جي پٺيان اچي پيو.“