Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 7:15 - Muslim Sindhi Bible

15 هو ارامين جي پٺيان اردن درياءَ تائين ويا ۽ ڏٺائون تہ سڄي واٽ ۾ ڪپڙا ۽ ٿانوَ ٽڙيا پکڙيا پيا هئا جيڪي ارامين کان تڙ تڪڙ ۾ ڪري پيا هئا. سو قاصدن موٽي اچي بادشاهہ کي ٻڌايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ۽ هو اُنهن جي پٺيان يردن تائين ويا: ۽ ڏس، سارو رستو ڪپڙن ۽ ٿانوَن سان ڀريو پيو هو جي ارامين تڪڙ ۾ اُڇلائي ڇڏيا هئا. ۽ قاصدن موٽي اچي بادشاهہ کي ٻڌايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 7:15
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو هنن ڪجھہ ماڻهو چونڊيا جن کي بادشاهہ ٻن گھوڙي گاڏين ۾ موڪليو تہ وڃي ارامين جي لشڪر بابت جاچ لهي اچن.


تنهن کان پوءِ سامريہ جا ماڻهو ارامين جي خيمي‌گاهہ ڏانهن ڪاهي پيا ۽ ان کي وڃي لٽيائون. هنن ايترو تہ مال هٿ ڪيو جو جيئن خداوند فرمايو هو تيئن ئي ٿيو ۽ ميدي جا ٽي ڪلوگرام ۽ جَوَن جا ڇهہ ڪلوگرام هڪ هڪ چانديء جي سڪي تي وڪاڻا.


جن سونن پيالن ۾ مئي ورهائي پئي ويئي، سي هڪٻئي کان مختلف شڪلين جا هئا. شاهي مئي شهنشاهہ جي سخاوت جي ڪري بي‌انداز هئي


تڏهن شيطان خداوند کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”بيشڪ، انسان پنهنجي حياتي بچائڻ جي عيوض ۾ جيڪي ڪجھہ وٽس آهي سو سڀ ڏيئي بہ ڇڏي تہ اها ڪا وڏي ڳالهہ ناهي.


ڳولي لهڻ جو وقت هجي توڙي وڃائڻ جو، سانڍي رکڻ جو وقت هجي توڙي اڇلائي ڇڏڻ جو،


سو اي اسرائيل جا اڳواڻؤ! اوهين پنهنجي سزا واري ڏينهن ڇا ڪندا؟ هائو، جڏهن ڪنهن ڏورانهين ملڪ جو لشڪر اچي اوهان تي ڪڙڪندو، تڏهن اوهين ڪيڏانهن ڀڄي سگھندا؟ اوهين پنهنجو شان وَ شوڪت ڪيئن بچائي رکندا؟


انهيءَ ڏينهن ماڻهو پنهنجيون سون ۽ چانديءَ جون ٺهيل مورتيون، جيڪي هنن پنهنجي پوڄڻ لاءِ بڻايون هيون، سي ويرانن ۾ اڇلائي ڇڏيندا، جن ۾ ڪوئا ۽ چمڙا پنهنجا گھر ڪري ويهندا.


الياقيم جو اولاد توڙي مٽ مائٽ سڀيئي سندس محتاج بڻبا. هائو، اهي مٿس ائين ٽنگيل هوندا، جيئن ننڍا وڏا ٿانوَ پيالن کان مٽڪن تائين ڪليءَ ۾ ٽنگيل هوندا آهن.


ڏسو، اهو ڏينهن ايندو جڏهن اوهين پنهنجي گنهگار هٿن سان ٺاهيل سون ۽ چانديءَ وارن بتن کي کڻي اڇلائي ڇڏيندا.


جن گناهن ڪرڻ ڪري اوهين گنهگار بڻيا آهيو، تن سڀني کان پاڻ کي پري رکو. اوهين پنهنجي سوچ بدلائي نئين دل ۽ نئون ذهن پيدا ڪريو. اي بني اسرائيل! ڇو اوهين مرڻ ٿا گھرو؟


ڀلا ماڻهوءَ کي انهيءَ مان ڪهڙو فائدو جو سڄي دنيا تہ هٿ ڪري پر پنهنجي جان وڃائي ڇڏي؟ ماڻهو ڪجھہ بہ ڏيئي پنهنجي جان وري حاصل ڪري نہ ٿو سگھي.


جيئن تہ اسين بيان ڪيل شاهدن جي ايڏي وڏي ڪڪر جي گھيري ۾ آهيون، تنهنڪري اچو تہ اسين بہ هر رڪاوٽ ۽ ڦاسائيندڙ هر گناهہ کي هٽائي ثابت قدميءَ سان انهيءَ ڊوڙ ۾ ڊوڙون جيڪا اسان جي اڳيان آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ