Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 7:13 - Muslim Sindhi Bible

13 سندس عملدارن مان هڪڙي چيو تہ ”هن شهر جي ماڻهن جي حالت اهڙي ئي ٿي ويئي آهي، جيئن ڪي مئل ماڻهو هجن. سو هاڻ ڇونہ باقي وڃي بچيل گھوڙن مان پنجن گھوڙن تي ڪجھہ ماڻهو موڪليون تہ وڃي معلوم ڪري اچن تہ ٿيو ڇا آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ۽ هن جي نوڪرن مان هڪڙي ورندي ڏيئي چيو تہ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ شهر ۾ رهيل گهوڙن مان ڪي ماڻهو پنج گهوڙا کڻن (ڏس، اهي انهيءَ ساري اسرائيل جي جماعت وانگر آهن جي اُنهيءَ ۾ رهجي ويا آهن؛ ڏس، اهي اُنهيءَ ساري اسرائيل جي جماعت وانگر آهن جي مري کپي ويا آهن:) ۽ انهن کي اسين موڪلي ڏيون ۽ سماءُ لهون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 7:13
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن نعمان جا نوڪر وٽس آيا ۽ کيس چيائون تہ ”اي سائين! جيڪڏهن نبي اوهان کي ڪنهن وڏي ڪم ڪرڻ لاءِ چوي ها تہ اوهين اهو نہ ڪريو ها ڇا؟ تہ پوءِ ڇو توهين هن جي چوڻ مطابق غسل نہ ٿا ڪريو، تہ ڇٽي چڱا ڀلا ٿي پئو؟“


اڃا هن انهن سان ڳالهايو ئي پئي تہ اهو قاصد وٽس آيو ۽ اچي کيس چيو تہ ”بادشاهہ چوي ٿو تہ ’هيءَ آفت تہ خداوند ئي موڪلي آهي. پوءِ آءٌ ڇو وڌيڪ خداوند جي مدد جو انتظار ڪريان؟‘“


تڏهن اڃا رات ئي هئي جو بادشاهہ اٿيو ۽ پنهنجي عملدارن کي چيائين تہ ”آءٌ اوهان کي ٻڌايان تہ ارامين ڇا رٿيو آهي! هنن کي خبر آهي تہ هتي اسان وٽ ڏڪار آهي، تنهنڪري هو خيمي‌گاهہ مان نڪري جھنگ ۾ وڃي لڪا آهن. سندن خيال آهي تہ پڪ اسان کاڌي جي تلاش ۾ شهر مان نڪرنداسين، تڏهن هو اچي اسان کي جيئرو پڪڙيندا ۽ شهر تي قبضو ڪندا.“


سو هنن ڪجھہ ماڻهو چونڊيا جن کي بادشاهہ ٻن گھوڙي گاڏين ۾ موڪليو تہ وڃي ارامين جي لشڪر بابت جاچ لهي اچن.


جيڪڏهن شهر ۾ ٿا هلون تہ اتي تہ اڳ ۾ ئي ڏڪار آهي، سو اسين بک سبب مري وينداسين، پر جي هتي ماٺ ڪيو ويٺا هونداسين تہ بہ مري وينداسين. تنهنڪري هاڻي هلي ٿا ارامين جي خيمي‌گاهہ ۾ گھڙون. جيڪڏهن هنن اسان کي جيئرو ڇڏيو تہ ٺيڪ آهي، نہ تہ بہ ماري ڇڏيندا ٻيو ڇا.“


جڏهن آءٌ ٻهراڙيءَ ڏانهن نڪري ٿو وڃان تہ آءٌ انهن کي ڏسان ٿو جيڪي جنگ ۾ ماريا ويا آهن. جڏهن آءٌ شهر ۾ اچان ٿو تہ ڏڪار سبب مرڻ ڪنڌيءَ تي پهتلن کي ڏسان ٿو. نبي سڏائيندڙ ۽ ڪاهن وائڙن وانگر پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ رڌل آهن، کين ڪابہ خبر نہ ٿي پوي تہ قوم سان هي ڇا ٿي رهيو آهي.“


سڀاڳا هئا اهي جيڪي جنگ ۾ قتل ٿي ويا. ويل آهي انهن باقي بچيلن لاءِ! جيڪي بک وگھي آهستي آهستي مريو وڃن ٿا، ڇاڪاڻ تہ کين کاڌو نہ ملڻ ڪري اهي سڙندا ڳرندا پيا وڃن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ