Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 6:26 - Muslim Sindhi Bible

26 هڪڙي ڏينهن اسرائيل جو بادشاهہ ڀت تي گھمندي لنگھيو ٿي ويو تہ هڪڙيءَ عورت کيس پڪاري چيو تہ ”اي منهنجا آقا بادشاهہ! منهنجي ڪا واهر ڪر.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 ۽ جڏهن اسرائيل جو بادشاهہ ڀت تان لنگهيو ٿي ويو تڏهن هڪڙيءَ زال هن کي سڏي چيو تہ اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ، واهر ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 6:26
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن تقوع شهر واري اها عورت بادشاهہ وٽ پهتي، تڏهن سندس اڳيان زمين تي منهن ڀر ڪري سندس تعظيم ڪري کيس چوڻ لڳي تہ ”اي بادشاهہ! منهنجي واهر ڪريو.“


انهن واڪا ڪري ٿي چيو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! مدد ڪريو. هي اهو ماڻهو آهي جيڪو جتي ڪٿي وڃي سڀني ماڻهن کي اسان جي قوم، شريعت ۽ هن هيڪل جي خلاف تعليم ڏئي ٿو. هاڻي وري هن ڪن غير قوم وارن کي هن مقدس هيڪل ۾ آڻي ان کي پليت ڪيو آهي.“


انهيءَ شهر ۾ هڪڙي رن‌زال رهندي هئي، جيڪا بار بار جج کي اچي چوندي هئي تہ ’جوابدار جي خلاف منهنجو انصاف ڪر.‘


سو اي اسرائيل جا اڳواڻؤ! اوهين پنهنجي سزا واري ڏينهن ڇا ڪندا؟ هائو، جڏهن ڪنهن ڏورانهين ملڪ جو لشڪر اچي اوهان تي ڪڙڪندو، تڏهن اوهين ڪيڏانهن ڀڄي سگھندا؟ اوهين پنهنجو شان وَ شوڪت ڪيئن بچائي رکندا؟


گھيري جي ڪري سامريہ ۾ اهڙو تہ اچي ڏڪار پيو جو هڪڙي گڏهہ جي سسي چانديءَ جي اسي سڪن تي وڪامڻ لڳي ۽ ٻہ سؤ گرام ٻٻرن جا پلڙا چانديءَ جي پنجن سڪن تي وڪامڻ لڳا.


بادشاهہ کيس وراڻيو تہ ”جيڪڏهن خداوند تنهنجي واهر نہ ٿو ڪري تہ پوءِ آءٌ ڪيئن تنهنجي واهر ڪري سگھندس؟ مون وٽ ڪا ڪڻڪ يا مئي رکي آهي ڇا؟“


پوءِ جڏهن مصر جا ماڻهو بک ۾ پاهہ ٿيڻ لڳا تڏهن کاڌي لاءِ فرعون وٽ اچي دانهون ڪرڻ لڳا. فرعون انهن کي چيو تہ ”اوهين يوسف وٽ وڃو ۽ جيڪي هو اوهان کي چوي سو ڪريو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ