Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 6:22 - Muslim Sindhi Bible

22 هن ورندي ڏنس تہ ”نہ، هنن کي نہ ماراءِ. ڇا تون جيڪر انهن کي مارائي ڇڏيندين جن کي تون مقابلي دوران پڪڙي اچين؟ بلڪ هنن جي اڳيان ماني ۽ پاڻي رکراءِ تہ جيئن اهي کائن پيئن. پوءِ هنن کي موڪل ڏي تہ ڀلي پنهنجي مالڪ وٽ موٽي وڃن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 ۽ هن ورندي ڏني تہ تون هنن کي نہ ماريندين: تون جيڪر انهن کي مارين ڪيئن جن کي تو پنهنجي ترار سان ۽ پنهنجي ڪمان سان قيد ڪيو آهي؟ هنن جي اڳيان ماني ۽ پاڻي رک تہ کائين ۽ پيئن، ۽ پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ وٽ وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 6:22
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ٻيو تہ آءٌ تنهنجي ڀائرن کان تو کي هڪڙي واڌاري حصي طور زمين جي اُها پٽي ڏيان ٿو جيڪا مون جنگ وسيلي امورين کان کسي هئي.“


آءٌ پنهنجي تيرڪمان تي ڀروسو نہ ٿو رکان، ۽ نہ وري منهنجي تلوار ئي ڪو مون کي بچائي ٿي سگھي،


پر يهوداہ وارن تي آءٌ رحم ڪري کين بچائيندس. اهي نڪي تيرڪمان، تلوار، گھوڙن يا گھوڙي سوارن جي وسيلي، نہ وري ڪنهن ٻئي جنگي هٿيار جي وسيلي بچي نڪرندا، بلڪ آءٌ خداوند سندن خدا پنهنجي قدرت جي ئي وسيلي کين بچائيندس.“


انهيءَ ڏينهن آءٌ جھنگلي جانورن، پکين ۽ سرندڙ جيتن کي حڪم ڪندس تہ اهي منهنجي قوم کي ڪوبہ نقصان نہ پهچائين. آءٌ سڄي اسرائيل ملڪ مان جنگ جا هٿيار نيست وَ نابود ڪري ڇڏيندس. هائو، تيرڪمان توڙي تلوارون سڀيئي ناس ڪري ڇڏيندس. اهڙيءَ طرح آءٌ پنهنجي قوم کي سندن ملڪ ۾ امن وَ امان سان رهڻ ڏيندس.


پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجن دشمنن سان بہ پيار ڪريو ۽ جيڪي اوهان کي ستائين تن لاءِ دعا گھرو،


مون اوهان جي اڳيان اڳيان ٻن اموري بادشاهن ۾ ٽاڪوڙو وجھي ڇڏيو ۽ اهي اوهان جي اڳيان وٺي ڀڳا. انهن کي اوهان جي تلوار يا تيرڪمان ڪونہ ڀڄايو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ