Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 6:2 - Muslim Sindhi Bible

2 سو اسان کي اجازت ڏيو تہ اسين اردن درياءَ ڏانهن وڃون ۽ اتان هڪڙو هڪڙو پڃر کڻي اتي پنهنجي رهڻ لاءِ هڪڙي جاءِ ٺاهيون.“ هن کين وراڻيو تہ ”ڀلي وڃو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 اسين منٿ ٿا ڪريون، تہ اسان کي ڇڏ تہ اسين يردن ڏي وڃون ۽ اُتان هرڪو هڪڙي ڪام کڻي، ۽ پوءِ اُتي اسين پنهنجي رهڻ لاءِ هڪڙي جاءِ جوڙيون. تڏهن هن ورندي ڏيئي چيو تہ ڀلي وڃو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 6:2
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اليشع جي نبين جي جماعت کيس چيو تہ ”هيءَ جاءِ جتي اسين توهان سان ملندا آهيون سا تمام سوڙهي آهي.


انهن مان هڪڙي اليشع کي عرض ڪندي چيو تہ ”مهرباني ڪري توهين بہ اسان ٻانهن سان گڏجي هلو.“ تڏهن اليشع وراڻيو تہ ”هائو، آءٌ بہ هلان ٿو.“


تڏهن شمعون پطرس ٻين کي چيو تہ ”آءٌ مڇي مارڻ وڃان ٿو.“ تنهن تي ٻين شاگردن چيس تہ ”اسين بہ تو سان گڏجي ٿا هلون.“ پوءِ اهي وڃي ٻيڙيءَ ۾ چڙهيا، پر انهيءَ رات ڪابہ مڇي هٿ نہ لڳن.


۽ جيئن تہ ٻنهي جو تنبن ٺاهڻ وارو ساڳيو ئي ڌنڌو هو، تنهنڪري پولس انهن سان گڏ رهيو ۽ اهي گڏجي ڪم ڪرڻ لڳا.


ڇا رڳو منهنجي ۽ برنباس جي لاءِ ئي ضروري آهي تہ اسين پورهيو ڪري گذارو ڪريون؟


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان کي ضرور ياد هوندو تہ جڏهن اسان اوهان کي خدا جي خوشخبري پئي ٻڌائي، تڏهن اسان رات ڏينهن محنت ۽ سخت پورهيو بہ ٿي ڪيو تہ جيئن ڪنهن تي بہ بار نہ ٿيون.


اسان مفت جي ماني نہ کاڌيسين، بلڪ رات ڏينهن محنت ۽ سخت پورهيو ڪيوسين، انهيءَ لاءِ تہ اوهان مان ڪنهن تي بہ بار نہ ٿيون.


بيشڪ دينداري وڏي فائدي واري آهي، بشرطيڪ ان سان گڏ پاڻ وٽ جيڪي ڪجھہ بہ هجي تنهن تي راضي رهجي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ