Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 5:7 - Muslim Sindhi Bible

7 جيئن ئي اسرائيل جي بادشاهہ خط پڙهيو تيئن ئي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي چيائين تہ ”آءٌ ڪو خدا آهيان ڇا جو ماريان ۽ جياريان! هي بادشاهہ ڇو هڪڙي ڪوڙهہ جهڙي چمڙي جي بيماريءَ ۾ ورتل ماڻهوءَ کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ لاءِ مون ڏانهن ٿو موڪلي؟ ڏسو تہ ڪيئن نہ هو مون سان جنگ ڪرڻ لاءِ وجھہ ٿو ڳولي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اسرائيل جي بادشاهہ خط پڙهيو، تڏهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي چوڻ لڳو تہ آءٌ ڪو خدا آهيان ڇا جو ماريان ۽ جيئاريان، جو هي ماڻهو هڪڙي ڪوڙهئي کي ڇُٽائي چڱي ڀلي ڪرڻ لاءِ مون ڏانهن ٿو موڪلي؟ پر ڀلائي ڪري ويچار ڪريو ۽ ڏسو تہ ڪيئن هو مون سان جهيڙي ڪرڻ لاءِ وجهہ ٿو ڳولي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 5:7
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يعقوب انهيءَ ڳالهہ تي راخل سان ڏاڍو ڪاوڙيو. کيس چيائين تہ ”آءٌ ڪو خدا آهيان ڇا جو تو کي ٻارن ڄڻڻ کان روڪي رکيو اٿم؟“


جڏهن روبن موٽي کوهہ وٽ آيو ۽ جيئن جو ڏٺائين تہ يوسف تہ منجھس آهي ئي ڪونہ! تڏهن هن وٺي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا.


پر يوسف کين چيو تہ ”ڊڄو نہ، آءٌ ڪو خدا آهيان ڇا؟


تڏهن دائود ڏک وچان وٺي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ جيڪي ٻيا ماڻهو ساڻس گڏ هئا تن بہ ائين ئي ڪيو.


تڏهن اسرائيل جي بادشاهہ اخي‌اب ملڪ جي سڀني اڳواڻن کي گھرايو ۽ کين چيائين تہ ”ڏسو تہ هي ماڻهو ڪيڏي تہ شرارت تي لهي آيو آهي. هن ماڻهو موڪلي مون کان منهنجيون عورتون، منهنجا ٻار، منهنجي چاندي ۽ منهنجو سون گھريو ۽ مون سندس تابعداري مڃي.“


هن نهاري ڏٺو تہ نئون بادشاهہ دستور موجب ٿنڀي جي پاسي ۾ بيٺو هو. سالار ۽ توتارا وڄائڻ وارا بادشاهہ جي ڀر ۾ بيٺا هئا. سڀيئي ماڻهو خوشيون پيا ڪن ۽ شرنايون پيا وڄائين. تڏهن عتلياہ جوش وچان پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي رڙيون ڪري چوڻ لڳي تہ ”غداري! غداري! غداري!“


پوءِ الياقم، شبناہ ۽ يوآخ ڏک ۾ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ اچي بادشاهہ حزقياہ کي عملدار اعليٰ واريون ڳالهيون ٻڌايون.


جيڪو خط هن اسرائيل جي بادشاهہ ڏانهن آندو هو تنهن ۾ لکيل هو تہ ”هن خط سان آءٌ پنهنجي نوڪر نعمان کي موڪليان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ توهين کيس ڪوڙهہ جهڙي چمڙيءَ جي بيماريءَ مان ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرايو.“


پر بادشاهہ توڙي ان جي عملدارن کي خداوند جون اهي ڳالهيون ٻڌي نہ ڪو خوف ٿيو، نہ ئي وري ڪو ڏک جو اظهار ڪيائون.


جيڪا ڳالهہ بادشاهہ پڇي ٿو سا تمام مشڪل ڳالهہ آهي. اهڙو ڪوبہ انسان ڪونهي جيڪو بادشاهہ جي اڳيان اها بيان ڪري سگھي، سواءِ معبودن جي، جيڪي انسان سان گڏ نہ ٿا رهن.“


اچو تہ خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿيون، ڇاڪاڻ تہ هن ئي چيريو ڦاڙيو آهي، ۽ هو ئي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندو، هائو، هن ئي ڌڪ رسايا آهن ۽ هو ئي مرهم پٽي ڪندو.


تڏهن نون جو پٽ يشوع ۽ يفنہ جو پٽ ڪالب، جيڪي انهيءَ ملڪ جو حال احوال معلوم ڪرڻ وارن مان هئا، تن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا.


انهيءَ تي وڏي سردار ڪاهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيندي چيو تہ ”هن شخص ڪفر بڪيو آهي. بس! هاڻي اسان کي وڌيڪ شاهد نہ کپن، ڇو تہ اوهان پاڻ هن جا ڪفر وارا لفظ ٻڌا آهن.


انهيءَ لاءِ جو هنن وجھہ پئي ڳوليو تہ هو سندس چيل ڪا ڳالهہ پڪڙي وٺن.


پر جڏهن انهن ٻنهي تبليغ ڪندڙن کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر پيئي، تڏهن هو پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي ڊوڙي وڃي ماڻهن جي وچ ۾ بيٺا ۽ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ


ڪاش! تون داناءِ هجين ها تہ اهو سمجھي وڃين ها، ۽ پوءِ پنهنجي انجام تي ڪو غور ڪرين ها.


هاڻي ڏسو! آءٌ، رڳو آءٌ ئي خدا آهيان، مون کان سواءِ ٻيو ڪو معبود ڪونهي، آءٌ ماريان ۽ آءٌ ئي جياريان ٿو، آءٌ ڦٽيان ۽ آءٌ ئي ڇٽايان ٿو، اهڙو ڪوبہ ڪونهي جيڪو منهنجي هٿان ڇڏائي سگھي.


بيشڪ خداوند ئي ماري ٿو ۽ هو ئي جياري ٿو، هو ئي قبر ۾ داخل ڪري ٿو ۽ هو ئي ٻاهر ڪڍي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ