Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 5:27 - Muslim Sindhi Bible

27 تنهنڪري نعمان واري ڪوڙهہ جهڙي چمڙيءَ جي بيماري تو کي ۽ تنهنجي اولاد کي هميشہ لاءِ لڳندي.“ پوءِ جيحازي جڏهن وٽانئس نڪتو تہ کيس اهڙي ئي بيماري اچي لڳي ۽ سندس کل بلڪل اڇي ٿي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 تنهنڪري نعمان جو ڪوڙهہ توکي ۽ تنهنجي اولاد کي هميشہ لاءِ چُهٽندو؛ ۽ هو هن وٽان ڪوڙهيو ٿي نڪتو، اهڙو اڇو جهڙي برف.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 5:27
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڀلي تہ اهو ڏوهہ يوآب جي سر تي ۽ سندس پيءُ جي سڄي گھراڻي تي پوي. ڀلي تہ يوآب جي گھراڻي ۾ ڪونہ ڪو اهڙو ماڻهو رهندو اچي جنهن کي جريان يا ڪوڙهہ جهڙي بيماري هجي، يا جيڪو لٺ تي هلي، يا جيڪو تلوار سان قتل ٿئي يا جيڪو مانيءَ لاءِ محتاج هجي.“


خداوند عُزياہ بادشاهہ کي ڪوڙهہ جهڙي بيماريءَ سان سٽي وڌو، جيڪا باقي سڄي زندگي کيس لڳي رهي. هو ڌار گھر ۾ رهندو هو ۽ سندس پٽ يوتام شاهي محل جو ڪاروبار سنڀاليندو هو ۽ ملڪ جو انتظام هلائيندو هو.


ارام جي بادشاهہ جو هڪڙو سپهہ‌سالار هو جنهن جو نالو نعمان هو. پنهنجي مالڪ جي نظر ۾ هو وڏو ڳُڻن ڀريو ماڻهو هو ۽ سندس وڏي عزت هئي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ جي وسيلي خداوند ارام ملڪ کي فتح ڏني هئي. هو هڪ بهادر سپاهي هو، پر کيس ڪوڙهہ جهڙي چمڙيءَ جي بيماري هئي.


اوهين انهن جي پوڄا نہ ڪريو، نڪي جھڪي انهن کي ڪو سجدو ئي ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا، غيرت وارو خدا آهيان. جيڪي مون سان دشمني رکندا آهن، تن جي اولاد کي ٽينءَ ۽ چوٿينءَ پيڙهيءَ تائين آءٌ سندن ابن ڏاڏن جي بدڪارين جي سزا ڏيندو آهيان.


خداوند وري چيس تہ ”هاڻي پنهنجو هٿ چولي جي اندر پنهنجي سيني تي رک.“ هن پنهنجو هٿ چولي جي اندر پنهنجي سيني تي رکيو ۽ جڏهن اهو ٻاهر ڪڍيائين تہ ڇا ڏسي تہ سندس هٿ ڪوڙهہ جي بيماريءَ وانگر بلڪل اڇو ٿي پيو هو.


پر اوهان بدڪاري پوکي ۽ ناانصافي لڻي اٿوَ، اوهان ڪوڙ جي ميوي سان پنهنجو پيٽ ڀريو آهي. اوهان پنهنجي گھوڙي گاڏين، ۽ بهادرن جي گھڻائيءَ تي ڀروسو رکيو.


ڪاهن انهيءَ ماڻهوءَ کي چڪاسي ڏسي. جيڪڏهن سندس چمڙيءَ تي اڇي سوڄ هجي، انهيءَ جا وار بہ اڇا ٿي ويا هجن ۽ سوڄ واري هنڌ جو ماس ڏکندڙ ۽ ڪچو ٿي پيو هجي،


تہ پوءِ ڪاهن هن کي چڪاسي ڏسي. جيڪڏهن انهيءَ چمڪندڙ داغ جا وار اڇا ٿي ويا هجن ۽ اهو مرض چمڙيءَ کان اونهو ڏسڻ ۾ اچي تہ اهو وچڙندڙ مرض آهي جيڪو انهيءَ داغ ۾ پيدا ٿيو آهي، سو ڪاهن انهيءَ ماڻهوءَ کي ناپاڪ قرار ڏئي.


سندس وڃڻ سان ئي اهو ڪڪر خيمي تان هٽي ويو تڏهن مريم ڪوڙهہ جهڙي بيماريءَ سان بلڪل اڇي ٿي ويئي. جڏهن هارون مريم ڏانهن نهاريو تہ ڇا ڏسي تہ هوءَ ڪوڙهہ جهڙي بيماريءَ ۾ وٺجي ويئي آهي.


انهيءَ دم هوءَ بہ سندس پيرن وٽ ڪري پيئي ۽ مري ويئي. جوان ماڻهو اندر آيا ۽ هن کي مئل ڏسي کيس ٻاهر کڻي ويا ۽ سندس مڙس جي ڀرسان وڃي دفن ڪيائونس.


حننياہ اهو ٻڌڻ شرط هيٺ ڪري پيو ۽ مري ويو. جن بہ اهو ٻڌو تن سڀني کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو.


تنهن تي پطرس جواب ڏنس تہ ”شل تون ۽ تنهنجا پئسا ٻئي دوزخ ۾ پئو، جو تون سمجھين ٿو تہ خدا جي بخشش پئسن سان ملي سگھي ٿي.


ياد رکو، پئسي سان پيار رکڻ هر قسم جي برائيءَ جي پاڙ آهي. ڪي ماڻهو دولت جي خواهش ۾ پئجي ايمان کان ڀٽڪي ويا آهن ۽ پاڻ کي طرح طرح جي تڪليفن ۾ وڪوڙي ڇڏيو اٿائون.


يشوع چيو تہ ”تو اسان تي هيءَ مصيبت ڇو آندي آهي؟ اڄ خداوند تو تي مصيبت آڻيندو.“ پوءِ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن هن کي ۽ سندس خاندان کي سنگسار ڪيو ۽ بعد ۾ ملڪيت سميت کين ساڙي ڇڏيائون.


اهي لالچ جي ڪري بناوٽي ڳالهيون ٻڌائي اوهان مان ناجائز فائدو حاصل ڪندا. گھڻو وقت اڳي خدا سندن خلاف فتويٰ جاري ڪئي هئي، جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ هو تيار رهي ٿو ۽ کين برباد ڪرڻ لاءِ سجاڳ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ