Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 5:26 - Muslim Sindhi Bible

26 اليشع چيس تہ ”منهنجو روح ان وقت تو سان نہ هو ڇا جڏهن اهو ماڻهو تو سان گڏجڻ لاءِ پنهنجي گاڏيءَ تان هيٺ لٿو هو؟ هي ڪو چاندي وٺڻ، ڪپڙن وٺڻ، يا زيتون ۽ انگورن جي باغن، ڍورن ڍڳن، رڍن ٻڪرين، ٻانهن يا ٻانهين جي وٺڻ جو وقت آهي ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 ۽ هن چيس تہ منهنجي دل انهيءَ وقت توسان نہ هئي ڇا، جنهن وقت اُهو ماڻهو توسان گڏجڻ لاءِ پنهنجيءَ گاڏيءَ تان لهي تو وٽ موٽي آيو؟ هي ڪو پئسن وٺڻ، ۽ ڪپڙن وٺڻ، ۽ زيتون ۽ ڊاک جي باغن، ۽ رڍن، ۽ ڏاندن، ۽ ٻانهن، ۽ ٻانهين جي وٺڻ جو وقت آهي ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 5:26
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ تنهنجي ڪابہ شيءِ نہ رکندس، توڙي جو هڪڙو ڌاڳو يا جتيءَ جي ڪهي هجي، ڇو تہ متان تون ائين چوين تہ ’آءٌ ئي اهو واحد شخص آهيان، جنهن ابرام کي شاهوڪار ڪيو.‘


اليشع نبيءَ وراڻيس تہ ”خداوند جيئري جو قسم آهي جنهن جو آءٌ ٻانهو آهيان، تہ آءٌ تو کان ڪجھہ بہ نہ وٺندس.“ توڙي جو کڻي نعمان زور ڪيس تہ بہ هن انڪار ڪيو.


سندس سالارن مان هڪڙي وراڻيو تہ ”اي منهنجا آقا بادشاهہ! اسان مان ڪوبہ ناهي. پر اليشع نبي جيڪو اسرائيل ملڪ ۾ رهي ٿو، سو اسرائيل جي بادشاهہ کي اُهي بہ ڳالهيون ٻڌائي ٿو جيڪي توڙي جو توهين پنهنجي سمهڻ واري ڪمري ۾ اڪيلائيءَ ۾ ڪنهن سان ڪريو ٿا.“


خدا جي انهيءَ سوڀ ڏيڻ تي آءٌ بادشاهہ خوشيون ڪندس. بيشڪ جيڪو خدا جو قسم کڻي ٿو، سو سندس واکاڻ ڪندو، جڏهن تہ ڪوڙ ڳالهائڻ وارن جو وات بند ڪيو ويندو.


ڪوڙ جي حياتي پاڻيءَ جي ڦوٽي مثل آهي، مگر سچ هميشہ تائين قائم ٿو رهي.


ڪوڙ ڳالهائيندڙن کان خداوند کي نفرت آهي، مگر جنهن جي قول وَ فعل ۾ ڪو فرق ناهي، تنهن کان هو خوش ٿو ٿئي.


تہ پوءِ اي باروڪ! ڇو تون پنهنجي لاءِ عمديون شيون ڳوليندو ٿو وتين؟ ياد رک، انهن پٺيان نہ پَئُہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اعلان ٿو ڪريان تہ هر بني بشر تي آفت آڻيندس. پر تون جتي بہ ويندين اتي تو کي جيئدان ملندو.‘“


’اي منهنجي قوم! ڇا اهو مناسب آهي جو اوهين تہ هن وقت عاليشان گھرن ۾ رهو ٿا، جڏهن تہ منهنجي هيڪل اڃا مٽيءَ جا دڙا لڳي پيئي آهي؟


بيمارن کي شفا ڏجو ۽ مئلن کي جيارجو، ڪوڙهہ جهڙي مرض وارن کي ڇٽائي پاڪ صاف ڪجو ۽ ماڻهن مان ڀوت ڪڍجو. آءٌ هي اوهان کي مفت ۾ ڏيان ٿو، تنهنڪري اوهين بہ مفت ۾ ڏجو.


مون ڪنهن کان بہ سون، چانديءَ يا ڪپڙي جي لالچ نہ رکي.


سڀني ڳالهين بابت مون خود عمل ڪري پاڻ کي نمونو بڻائي اوهان کي سمجھايو آهي تہ ڪيئن محنت ڪري ڪمزورن جي مدد ڪرڻ گھرجي ۽ خداوند عيسيٰ جي تعليم ياد رکڻ گھرجي، جنهن پاڻ فرمايو آهي تہ ’وٺڻ کان ڏيڻ وڌيڪ برڪت ڀريو آهي.‘“


تنهن تي پطرس کيس چيو تہ ”اها ڪهڙي ڳالهہ آهي جو تو ۽ تنهنجي مڙس گڏجي خداوند جي پاڪ روح کي آزمائڻ لاءِ ائين ڪيو؟ ڏس، جن ماڻهن تنهنجي مڙس کي دفن ڪيو آهي، سي هاڻي دروازي تي اچي پهتا آهن. اهي تو کي بہ ٻاهر کڻي ويندا.“


جيتوڻيڪ آءٌ جسم جي لحاظ کان اوهان وٽ حاضر نہ آهيان، تڏهن بہ روح جي لحاظ کان حاضر آهيان. سو مون ڄڻ تہ موجودگيءَ واري حالت ۾ اهڙي ڪم ڪرڻ واري لاءِ گنهگار هئڻ جي فتويٰ ڏئي ڇڏي آهي.


ڏسو، جيتوڻيڪ آءٌ جسماني طور اوهان وٽ موجود نہ آهيان، تڏهن بہ روحاني طور اوهان وٽ موجود آهيان. آءٌ اوهان جي باقاعدگيءَ واري چال چلت ۽ مسيح تي اوهان جو پختو ايمان ڏسي خوش ٿو ٿيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ