Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 5:25 - Muslim Sindhi Bible

25 تنهن بعد هو اندر اچي پنهنجي مالڪ اليشع جي اڳيان بيٺو. اليشع کانئس پڇيو تہ ”اي جيحازي! تو ڪيڏانهن ويو هئين؟“ جيحازيءَ وراڻيو تہ ”اوهان جو ٻانهو ڪيڏانهن بہ ڪين ويو هو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 پر هو اندر وڃي پنهنجي ڌڻيءَ جي اڳيان بيٺو، ۽ اليشع هن کي چيو تہ اي جيحازي، تون ڪٿان ٿو اچين؟ ۽ هن چيو تہ تنهنجو ٻانهو ڪيڏانهن بہ ڪين ويو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 5:25
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن کيس چيو تہ ”اي سارائيءَ جي ٻانهي هاجرہ! تون ڪٿان ٿي اچين ۽ ڪيڏانهن ٿي وڃين؟“ هن وراڻيو تہ ”آءٌ پنهنجي مالڪياڻي سارائيءَ وٽان ڀڄي نڪتي آهيان.“


تڏهن خداوند قابيل کان پڇيو تہ ”تنهنجو ڀاءُ هابيل ڪٿي آهي؟“ قابيل وراڻيو تہ ”مون کي خبر ناهي، آءٌ ڪو پنهنجي ڀاءُ جو سنڀاليندڙ آهيان ڇا؟“


تڏهن يسعياہ نبي حزقياہ بادشاهہ وٽ آيو ۽ کانئس پڇيائين تہ ”اهي ماڻهو ڪٿان آيا هئا ۽ تو کي ڇا چيائون؟“ حزقياہ وراڻيو تہ ”اهي تمام ڏورانهين ملڪ بابل کان آيا هئا.“


جيحازيءَ وراڻيو تہ ”هائو، ٻيو سڀ خير آهي. منهنجي مالڪ مون کي موڪليو آهي ۽ چوايو اٿس تہ ’بلڪل هينئر، افرائيم جي جابلو علائقي مان مون وٽ نبين جي جماعت مان ٻہ ڄڻا آيا آهن. مهرباني ڪري انهن جي لاءِ پنجٽيهہ ڪلوگرام چاندي ۽ ٻہ وڳا ڪپڙن جا ڏي.‘“


تڏهن عُزياہ کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. هو ان وقت خداوند جي گھر ۾ لوبان ساڙڻ واري قربان‌گاهہ جي ڀرسان بيٺو هو ۽ لوبان ساڙڻ وارو ٿانوَ هٿ ۾ هئس. سو جيئن ئي هو ڪاهنن تي ڇوهہ ڇنڊي رهيو هو تيئن اوچتو ڪاهنن جي موجودگيءَ ۾ سندس پيشاني تي ڪوڙهہ جهڙي چمڙيءَ جي بيماري ظاهر ٿي.


زناڪار عورت جو طريقو ڪهڙو نہ عجيب آهي. هوءَ زناڪاري تہ ڪري ٿي، پر پوءِ وهنجي سهنجي چوي ٿي تہ ”مون تہ ڪا بڇڙائي ڪئي ئي ڪونهي.“


سو اهي سڀ ٽولا ٽولا ٿي تو وٽ اچن ٿا ۽ تنهنجيون ڳالهيون ٻڌن ٿا. پر هو تنهنجي ٻڌايل ڳالهين تي عمل نہ ٿا ڪن. اهي هميشہ شهوت‌پرستيءَ جون ڳالهيون ڪندا ٿا رهن ۽ ٺڳيءَ ذريعي ٻين کي لٽڻ ڦرڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا.


ماني کائيندي عيسيٰ چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اوهان مان هڪڙو مون کي پڪڙائيندو.“


عيسيٰ ۽ سندس شاگرد رات جي ماني کائي رهيا هئا. انهيءَ وقت کان اڳ ئي شمعون جي پٽ يهوداہ اسڪريوتيءَ جي دل ۾ ابليس اها ڳالهہ وجھي ڇڏي هئي تہ هو عيسيٰ سان دغا ڪري.


جڏهن سائول جي چاچي سائول ۽ سندس نوڪر کي ايندي ڏٺو، تڏهن کانئن پڇيائين تہ ”اوهين ڪيڏانهن ويا هئا؟“ هنن وراڻيس تہ ”گڏهہ ڳولڻ. پر جڏهن اهي اسان کان نہ لڌا تڏهن اسين سموئيل وٽ وياسين.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ