Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 5:23 - Muslim Sindhi Bible

23 نعمان وراڻيس تہ ”مهرباني ڪري ستر ڪلوگرام چانديءَ جا کڻي وڃ.“ هن جيحازيءَ تي زور ڀريو ۽ ستر ڪلوگرام چاندي ۽ ٻہ وڳا ڪپڙن جا ٻن ڳوٿرن ۾ وڌائين. هن اهي پنهنجي ٻن نوڪرن کي ڏنا ۽ اُهي جيحازيءَ جي اڳيان کڻي هليا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 تڏهن نعمان چيو تہ تون راضي ٿيءُ، ٻہ قنطار وٺ. ۽ زور ڪيائينس، ۽ ٻہ قنطار چانديءَ جا، ۽ ٻہ وڳا ڪپڙن جا ٻن ڳوٿرين ۾ ٻڌائين، ۽ اُهي پنهنجي ٻن نوڪرن جي مٿان رکيائين، جي هن جي اڳيان کڻي اُٿي هليا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 5:23
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مهرباني ڪري منهنجي سوکڙي جيڪا توهان وٽ آندي ويئي آهي سا قبول ڪريو، ڇو تہ خدا مون تي فضل ڪيو آهي ۽ مون وٽ سڀ ڪجھہ آهي.“ اهڙيءَ طرح يعقوب گھڻو زور ڪيس، سو عيسوءَ اها قبول ڪئي.


تڏهن اسرائيل جي بادشاهہ اخي‌اب ملڪ جي سڀني اڳواڻن کي گھرايو ۽ کين چيائين تہ ”ڏسو تہ هي ماڻهو ڪيڏي تہ شرارت تي لهي آيو آهي. هن ماڻهو موڪلي مون کان منهنجيون عورتون، منهنجا ٻار، منهنجي چاندي ۽ منهنجو سون گھريو ۽ مون سندس تابعداري مڃي.“


جڏهن بہ پيتي پئسن سان ڀرجي ويندي هئي، تڏهن بادشاهہ جو محرر ۽ سردار ڪاهن ايندا هئا ۽ اهي پئسا ڳڻي ڳوٿرين ۾ وجھي ڇڏيندا هئا.


جڏهن هنن گھڻو زور ڀريس تڏهن کيس وڌيڪ انڪار ڪندي شرم ٿي آيو، تنهنڪري کين چيائين تہ ”ڀلي وڃو.“ پوءِ اهي پنجاهہ ئي ڄڻا ويا ۽ ٽن ڏينهن تائين گھڻو ئي الياس کي ڳوليائون، پر کيس نہ لڌائون.


اليشع نبيءَ وراڻيس تہ ”خداوند جيئري جو قسم آهي جنهن جو آءٌ ٻانهو آهيان، تہ آءٌ تو کان ڪجھہ بہ نہ وٺندس.“ توڙي جو کڻي نعمان زور ڪيس تہ بہ هن انڪار ڪيو.


تڏهن بادشاهہ کيس وراڻيو تہ ”ڀلي وڃ. آءٌ تو کي اسرائيل جي بادشاهہ ڏانهن خط بہ ڏيان ٿو.“ سو نعمان پاڻ سان ٽي سؤ پنجاهہ ڪلوگرام چاندي، ستر ڪلوگرام سون ۽ ڏهہ جوڙا ڪپڙن جا کڻي روانو ٿيو.


انهن مان هڪڙي اليشع کي عرض ڪندي چيو تہ ”مهرباني ڪري توهين بہ اسان ٻانهن سان گڏجي هلو.“ تڏهن اليشع وراڻيو تہ ”هائو، آءٌ بہ هلان ٿو.“


ڏاکڻي بيابان جي جانورن بابت خداوند فرمائي ٿو تہ ”يهوداہ جا ايلچي اهڙي خطرناڪ ۽ مصيبت واري بيابان مان سفر ٿا ڪن، جنهن ۾ ببر شينهن ۽ ڪاريهر ۽ اڏامندڙ زهريلا نانگ آهن. اهي پنهنجي گڏهن ۽ اٺن جي پٺين تي قيمتي تحفا ۽ پنهنجا خزانا هڪڙي اهڙي قوم ڏانهن کڻي ٿا وڃن، جنهن مان کين ڪوبہ فائدو نہ رسندو.


انهيءَ لاءِ جو هنن وجھہ پئي ڳوليو تہ هو سندس چيل ڪا ڳالهہ پڪڙي وٺن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ