Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 5:20 - Muslim Sindhi Bible

20 خدا جي ٻانهي اليشع جي خدمتگار جيحازيءَ پنهنجيءَ دل ۾ چيو تہ ”منهنجي مالڪ هن نعمان اراميءَ کي ائين ئي ڇڏي ڏنو ۽ جيڪي هن آندو هو سو کانئس نہ ورتائين. جيئري خداوند جو قسم آهي تہ آءٌ هن جي پٺيان ڊوڙي وڃي کانئس ڪجھہ نہ ڪجھہ وٺندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 پر خدا جي مرد اليشع جي نوڪر جيحازيءَ چيو تہ ڏس، منهنجي ڌڻيءَ هن نعمان اراميءَ کي ائين ئي ڇڏي ڏنو، جو جيڪي هن آندو هو سو انهيءَ جي هٿان نہ ورتائين: خداوند جيئري جو قسم آهي تہ آءٌ هن جي پٺيان ڊوڙندس ۽ هن کان ڪي ڪجهہ وٺندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 5:20
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

الياس تشبي جيڪو جِلعاد علائقي جو رهاڪو هو، تنهن بادشاهہ اخي‌اب کي چيو تہ ”جيئري خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو قسم آهي جنهن جو آءٌ ٻانهو آهيان تہ ايندڙ ڪجھہ سالن ۾ نہ ماڪ پوندي ۽ نہ ئي وري مينهن وسندو جيستائين آءٌ نہ چوان.“


تنهن تي خدا جو بندو مٿس ڪاوڙيو ۽ کيس چوڻ لڳو تہ ”تو کي اهي پنج يا ڇهہ ڀيرا زمين تي هڻڻ گھربا هئا، پوءِ تون ارامين کي پوريءَ طرح تباهہ ڪري ڇڏين ها. پر هاڻي تون ارامين کي رڳو ٽي ڀيرا شڪست ڏيندين.“


هن پنهنجي خدمتگار جيحازيءَ کي چيو تہ ”انهيءَ شونيمي عورت کي سڏي اچ.“ هو انهيءَ عورت کي سڏي آيو ۽ اها سندس خدمت لاءِ اچي حاضر ٿي.


سو هوءَ رواني ٿي ۽ ڪرمل جبل تي انهيءَ خدا جي ٻانهي وٽ آئي. جڏهن انهيءَ خدا جي ٻانهي هن کي پري کان ايندو ڏٺو تڏهن پنهنجي خدمتگار جيحازيءَ کي چيائين تہ ”ڏس، هوءَ شونيمي عورت پيئي اچي.


جيحازي هنن کان اڳ ۾ هليو ويو ۽ وڃي ٻار جي منهن تي اها لٺ رکيائين، پر ٻار نہ ڪو آواز ڪڍيو نہ ئي وري ڪا چرپر ڪيائين. سو جيحازي موٽندي اليشع سان گڏيو ۽ کيس ٻڌايائين تہ ”ٻار تہ ڪين اٿيو.“


اليشع جيحازيءَ کي سڏي چيو تہ ”انهيءَ شونيمي عورت کي سڏ ڪر.“ هن کيس سڏ ڪيو. جڏهن هوءَ آئي تڏهن اليشع کيس چيو تہ ”پنهنجو پٽ کڻ.“


اليشع نبيءَ وراڻيس تہ ”خداوند جيئري جو قسم آهي جنهن جو آءٌ ٻانهو آهيان، تہ آءٌ تو کان ڪجھہ بہ نہ وٺندس.“ توڙي جو کڻي نعمان زور ڪيس تہ بہ هن انڪار ڪيو.


سو جيحازي نعمان جي پٺيان ويو. جڏهن نعمان کيس پنهنجي پٺيان ڊوڙندو ايندي ڏٺو، تڏهن هو پنهنجي گاڏيءَ تان هيٺ لهي پيو ۽ کانئس پڇيائين تہ ”ٻيو تہ سڀ خير آهي؟“


تڏهن بادشاهہ چيو تہ ”جيڪڏهن اڄ اليشع ولد سافط جي سسي نہ لهرايان تہ خدا شل مون سان ائين ئي ڪري بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ.“


انهيءَ وقت بادشاهہ خدا جي بندي جي خدمتگار جيحازيءَ سان پئي ڳالهايو تہ ”مهرباني ڪري اليشع جيڪي وڏا ڪم ڪيا آهن سي مون کي ٻڌاءِ.“


اليشع جڏهن دمشق ڏانهن آيو، تڏهن ارام جو بادشاهہ بن‌هدد بيمار هو. سو بادشاهہ کي ٻڌايو ويو تہ خدا جو بندو هتي آيو آهي.


بڇڙا پنهنجي نفساني خواهشن تي فخر ٿا ڪن. لالچي خداوند کي ڇڏي ٿا ڏين ۽ ان جي توهين ٿا ڪن.


اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ جي گھر جي لالچ نہ ڪريو، نہ سندس زال جي لالچ ڪريو، نڪي سندس ٻانهي، سندس ٻانهيءَ، سندس ڍڳن، سندس گڏهہ ۽ نڪي پنهنجي پاڙيسريءَ جي ڪنهن ٻيءَ شيءِ جي لالچ ڪريو.“


اوهين منهنجو نالو خراب مقصدن لاءِ استعمال نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا هر انهيءَ کي سزا ڏيندس جيڪو منهنجو نالو خراب مقصدن لاءِ استعمال ڪري ٿو.


سُست ماڻهو ستن ڏاهن ماڻهن کان بہ وڌيڪ پاڻ کي داناءُ ٿو سمجھي.


اي اوهين! جيڪي بني اسرائيل جي نالي سان سڏجو ٿا، ۽ يهوداہ جي قبيلي مان آهيو. اوهين فخر ڪندي چئو ٿا تہ ”اسين پاڪ شهر يروشلم جا رهاڪو آهيون، ۽ بني اسرائيل جي خدا، قادرِمطلق خداوند تي ڀروسو ٿا رکون.“ هاڻ جيتوڻيڪ اوهين خداوند جي نالي جو قسم کڻو ٿا، ۽ بني اسرائيل جي خدا جي عبادت ڪرڻ جي دعويٰ ٿا ڪريو، تہ بہ ڏسو، اوهين رياڪار آهيو ۽ ڪوڙ ٿا ڳالهايو. اي يعقوب جا گھراڻؤ! ٻڌو.


پر تنهنجيون اکيون ۽ تنهنجي دل رڳو حرام جي مال، بي‌گناهہ جي رت وهائڻ ۽ ظلم ۽ زبردستي ڪرڻ تي کتل آهن.


ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي ناجائز ڪمائيءَ سان پنهنجا گھر ٿا ڀريو، ۽ پنهنجا آکيرا تمام اوچي هنڌ ٿا اڏيو، تہ جيئن مصيبت جي چنبي کان بچي سگھو.


شمعون قوم‌پرست ۽ يهوداہ اسڪريوتي، جنهن بعد ۾ دغا ڪري عيسيٰ کي پڪڙايو.


هي عطر وڏيءَ رقم ۾ وڪامجي سگھيو ٿي ۽ اهي پئسا غريبن کي ڏجن ها.“


پوءِ هن سڀني کي چيو تہ ”خبردار ٿجو ۽ پاڻ کي هر طرح جي لالچ کان بچائجو، ڇاڪاڻ تہ ڌن ۽ دولت جي گھڻائي ماڻهوءَ جي حياتيءَ کي نہ ٿي سنواري.“


اهو ڏسي سندس مالڪ بي‌ايمان منشيءَ جي تعريف ڪئي، انهيءَ ڪري جو هن هوشياريءَ کان ڪم ورتو هو. اهڙيءَ ئي طرح هن زماني جا ماڻهو هڪٻئي سان هلت چلت ۾ خدا جي بادشاهيءَ جي ماڻهن کان وڌيڪ هوشيار آهن.“


عيسيٰ ۽ سندس شاگرد رات جي ماني کائي رهيا هئا. انهيءَ وقت کان اڳ ئي شمعون جي پٽ يهوداہ اسڪريوتيءَ جي دل ۾ ابليس اها ڳالهہ وجھي ڇڏي هئي تہ هو عيسيٰ سان دغا ڪري.


تڏهن عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”جيتوڻيڪ مون اوهان ٻارهن کي چونڊيو آهي، تنهن هوندي بہ اوهان ۾ هڪ اهڙو آهي جيڪو ابليس آهي.“


پر حننياہ ڪجھہ پئسا پنهنجي لاءِ رکي ڇڏيا، جنهن جي سندس زال کي بہ خبر هئي. باقي پئسا کڻي هن رسولن جي قدمن ۾ آڻي رکيا.


ڇاڪاڻ تہ ديماس هن دنيا جي چاهت ۾ ڦاسي مون کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ ٿِسلُنيڪي شهر ڏانهن هليو ويو آهي. ان کان علاوہ ڪريسڪينس گلتيا صوبي ڏانهن هليو ويو آهي ۽ طيطس دلمتيا علائقي ڏانهن.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ نگهبان کي جيئن تہ ڪليسيا ۾ خدا جي وس هيٺ ذميواري سونپي ويئي آهي، تنهن لاءِ لازمي آهي تہ هن تي ڪا تهمت نہ هجي. هو نہ هٺيلو هجي، نہ چيڙاڪ، نہ نشئي هجي، نہ مار ڪٽ ڪندڙ ۽ نہ وري لالچي هجي.


خدا جو ڌڻ جيڪو اوهان جي سار سنڀال هيٺ آهي تنهن جي نگهباني ڪندي انهيءَ کي چاريندا رهو. هي ڪم جيئن خدا چاهي ٿو تيئن خوشيءَ سان ڪريو، نڪي لاچاريءَ سبب، دل جي شوق سان ڪريو، نڪي ذاتي لالچ جي ڪري.


مون کي انهيءَ جيئري خداوند جو قسم آهي، جنهن بني اسرائيل کي بچايو آهي، تہ جيڪڏهن اهو گناهہ منهنجي پٽ يونتن بہ ڪيو هوندو تہ اهو ضرور ماريو ويندو.“ پر ماڻهن مان ڪنهن بہ هن کي ورندي ڪانہ ڏني.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ