Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 5:18 - Muslim Sindhi Bible

18 پر خداوند شال مون کي رڳو هن هڪڙي ڳالهہ جي معافي ڏئي جو جڏهن آءٌ بادشاهہ سان گڏجي سندس معبود رمون آڏو وڃان ۽ کيس سهارو ڏيندي سندس آڏو جھڪان، تڏهن شل خداوند توهان جي هن ٻانهي کي انهيءَ ڳالهہ جي معافي ڏئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 انهيءَ ڳالهہ ۾ شل خداوند تنهنجي ٻانهي کي معاف ڪري؛ جڏهن منهنجو ڌڻي رمون جي گهر ۾ عبادت ڪرڻ لاءِ وڃي ۽ منهنجي هٿ تي ٽيڪ ڏئي، ۽ آءٌ رمون جي گهر ۾ سجدو ڏيان، جڏهن آءٌ پاڻ رمون جي گهر ۾ سجدو ڏيان تڏهن شل خداوند تنهنجي ٻانهي کي انهيءَ ڳالهہ ۾ معافي ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 5:18
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ هوندي بہ آءٌ پنهنجي لاءِ اسرائيل ملڪ ۾ ست هزار ماڻهو ڇڏيندس يعني اهي سڀيئي جن جا گوڏا بعل اڳيان سجدي ڪرڻ لاءِ نہ جھڪيا آهن ۽ جن جي چپن سندس بت کي نہ چميو آهي.“


جڏهن خداوند بني اسرائيل سان عهد ٻڌو هو تڏهن کين خداوند جو حڪم ٻڌايو ويو هو تہ ”اوهان غير معبودن جي پوڄا نہ ڪجو، نہ انهن اڳيان سر نوائجو ۽ نہ انهن لاءِ قرباني پيش ڪجو.


بادشاهہ پنهنجي انهيءَ ذاتي خدمتگار کي شهر جي دروازي تي مقرر ڪيو هو جيڪو اتي ماڻهن جي پيرن ۾ لتاڙجي مري ويو، جيئن خدا جي بندي اليشع اڳڪٿي ڪندي چيو هو، جڏهن بادشاهہ ساڻس ملڻ آيو هو.


تنهن تي بادشاهہ جي ماڻهوءَ خدا جي بندي کي چيو تہ ”جيڪڏهن خداوند آسمان جون دريون کولي ڇڏي تہ بہ ائين ٿي نہ سگھندو.“ تنهن تي اليشع کيس وراڻيو تہ ”تون اهو پنهنجين اکين سان ڏسندين پر انهيءَ مان کائيندين ڪين.“


اوهين انهن جي پوڄا نہ ڪريو، نڪي جھڪي انهن کي ڪو سجدو ئي ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا، غيرت وارو خدا آهيان. جيڪي مون سان دشمني رکندا آهن، تن جي اولاد کي ٽينءَ ۽ چوٿينءَ پيڙهيءَ تائين آءٌ سندن ابن ڏاڏن جي بدڪارين جي سزا ڏيندو آهيان.


انهن ڏينهن ۾ اسرائيل توڙي يهوداہ وارن ۾ ڪو گناهہ ڳوليو بہ نہ لڀندو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ انهن مان جن کي باقي بچائي وٺندس، تن جو هر گناهہ ۽ هر خطا معاف ڪري ڇڏيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


انهن برساتي نهرن جون لاهيون پڻ، جيڪي عار شهر تائين آهن، بلڪ موآب جي ملڪ واري سرحد تائين ٿيون پهچن.“


جيڪي قومون اوهان منجھہ باقي وڃي بچيون آهن، تن سان رِلي‌مِلي نہ وڃجو، نڪي انهن جي معبودن جو نالو زبان تي آڻجو ۽ نہ وري سندن قسم کڻجو. اوهين انهن جي معبودن جي پوڄا نہ ڪجو، نڪي انهن کي سجدو ڪجو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ