Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 5:12 - Muslim Sindhi Bible

12 نہ تہ دمشق جون نديون ابانہ ۽ فرفر اسرائيل جي سڀني ندين کان بهتر نہ آهن ڇا؟ آءٌ انهن ۾ غسل ڪري پاڪ نہ ٿو ٿي سگھان ڇا؟“ سو هو ڪاوڙ ۾ اتان موٽيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 دمشق جون نديون ابانہ ۽ فرفر اسرائيل جي سڀني پاڻين کان بهتر نہ آهن ڇا؟ اُنهن ۾ آءٌ غسل ڪري پاڪ نہ ٿيان ڇا؟ انهيءَ طرح هو ڦري ڪاوڙ ۾ هليو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 5:12
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هن الياس جي چادر جھلي پاڻيءَ تي هنئي ۽ چيائين تہ ”خداوند، الياس جو خدا ڪٿي آهي؟“ جڏهن هن پاڻيءَ کي ڌڪ هنيو تڏهن پاڻي چيرجي ٻہ حصا ٿي پيو ۽ اليشع پار لنگھي ويو.


الياس پنهنجي چادر لاٿي ۽ ويڙهي سيڙهي پاڻيءَ تي هنيائين تہ پاڻي ٻہ حصا ٿي پيو. پوءِ هو ٻيئي ڄڻا اتان سڪيءَ مان لنگھي درياءَ جي هُن ڀر ويا.


پر نعمان کي ڪاوڙ لڳي ۽ چيائين تہ ”مون سوچيو هو تہ هو ضرور مون وٽ ٻاهر نڪري ايندو ۽ بيهي خداوند پنهنجي خدا جو نالو وٺي، انهيءَ بيماريءَ جي مٿان پنهنجو هٿ ڦيري مون کي چڱو ڀلو ڪندو.


تڏهن نعمان کيس چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين تحفو نہ ٿا وٺو تہ پوءِ هڪڙي مهرباني ڪريو جو مون پنهنجي ٻانهي کي اجازت ڏيو تہ آءٌ هتان ٻہ خچر مٽيءَ جا ڀري پاڻ سان پنهنجي گھر کڻي وڃان، ڇاڪاڻ تہ آءٌ توهان جو ٻانهو اڄ کان وٺي اڳتي ڪنهن بہ ٻئي معبود جي اڳيان نہ ساڙڻ واري قرباني پيش ڪندس ۽ نہ وري ڪا ٻي قرباني، پر رڳو خداوند جي حضور ۾ قرباني پيش ڪندس.


جذباتي ماڻهو بي‌وقوفي ڪريو وجھي، ۽ سازش ڪندڙن کان ماڻهو نفرت ٿا ڪن.


وڏو زورآور ٿيڻ کان اهو بهتر آهي جو اوهين پنهنجي غصي کي ضابطي ۾ رکو، ڇاڪاڻ تہ شهرن تي قبضو ڪرڻ کان پنهنجو پاڻ تي ضابطو رکڻ بهتر آهي.


غصي کي قابوءَ ۾ رکڻ عقلمندي آهي، ۽ خطا کي درگذر ڪرڻ ۾ مان مرتبو آهي.


اي منهنجي ڪنوار! تون لبنان جي جابلو علائقي کي ڇڏي مون وٽ هلي اچ، هائو، اتان جي امانا، سنير ۽ حرمون جبلن جي چوٽين کي، جتي غارن ۾ شينهن ۽ چيتا رهندا آهن، تن کي ڇڏي مون وٽ هلي اچ.


دمشق بابت خداوند فرمائي ٿو تہ ”حمات ۽ ارفاد شهرن جا رهاڪو فڪرمند ٿيندا، اهي پريشان ٿي ويندا، ۽ سندن دلين ۾ بي‌قرار سمنڊ وانگر هلچل مچي ويندي، ڇاڪاڻ تہ اهي هيءَ بري خبر ٻڌندا تہ


انهيءَ ڏينهن دائود جي گھراڻي ۽ يروشلم جي رهاڪن کي سندن گناهن ۽ ناپاڪائيءَ کان ڌوئي پاڪ ڪرڻ لاءِ هڪڙو چشمو جاري ٿيندو.


انهيءَ ڏينهن يروشلم مان آبِ‌حيات جو چشمو وهي نڪرندو، جنهن جو اڌ اوڀر طرف کاري سمنڊ ڏانهن وهندو ۽ اڌ اولهہ طرف ڀونوچ سمنڊ ڏانهن. اهو چشمو اونهاري توڙي سياري وهندو رهندو.


انهن ڏينهن ۾ عيسيٰ گليل جي ڳوٺ ناصرت کان يحيٰ وٽ آيو ۽ يحيٰ کيس اردن درياءَ ۾ بپتسما ڏني.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ