Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 4:8 - Muslim Sindhi Bible

8 هڪڙي ڏينهن اليشع شونيم ڳوٺ ڏانهن ويو. اتي هڪڙي شاهوڪار عورت رهندي هئي جنهن اليشع تي زور ڀريو تہ ”اسان جي دعوت کاءُ.“ انهيءَ کان پوءِ جڏهن بہ اليشع شونيم ڳوٺ ڏانهن ويندو هو تہ انهيءَ عورت وٽ ماني کائيندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 ۽ هڪڙي ڏينهن هيئن ٿيو تہ اليشع لنگهي شونيم ڏي ويو، جتي هڪڙي امير زال رهندي هئي؛ ۽ هن زور ڪيس تہ ماني کاءُ. ۽ ائين ئي ٿيو، تہ جڏهن ڪڏهن هو اُتان لنگهندو هو تڏهن ڦري اچي اُتي ماني کائيندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 4:8
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هن گھڻو زور ڪين ۽ نيٺ هو ساڻس گڏجي انهيءَ جي گھر آيا. هن انهن مهمانن لاءِ بي‌خميري ماني تيار ڪئي ۽ انهن کاڌي.


برزلي اسي سالن جي عمر جو تمام پوڙهو ماڻهو هو. جيئن تہ هو تمام دولتمند ماڻهو هو، سو جڏهن بادشاهہ محنايم شهر ۾ رهيل هو تڏهن هن بادشاهہ کي کاڌخوراڪ پهچائي هئي.


پوءِ هنن سڄي بني اسرائيل ۾ خوبصورت ڇوڪريءَ جي ڳولا ڪئي ۽ شونيم ڳوٺ ۾ اِبي‌شاگ نالي هڪ ڇوڪري لهي هٿ ڪيائون جنهن کي بادشاهہ وٽ آڻي پيش ڪيائون.


جڏهن اهو ٻار وڏو ٿيو تڏهن هڪڙي ڏينهن هو پنهنجي پيءُ ڏانهن ٻنيءَ تي ويو جتي سندس پيءُ لاباري ڪندڙن سان گڏ ڪم پئي ڪيو.


هو ست هزار رڍن ٻڪرين، ٽي هزار اٺن، پنج سؤ ڏاندن جي جوڙن ۽ پنج سؤ گڏهن جو مالڪ هو. کيس تمام گھڻا نوڪر چاڪر هئا. هو اوڀر جي رهاڪن ۾ سڀني کان وڏو ماڻهو هو.


اهو ضروري ناهي تہ وڏي عمر وارا ئي ڏاها هجن، يا پيرسن ماڻهو ئي حق سچ جي سمجھہ رکندا هجن.


مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪري هن کيس موهي وڌو ۽ پنهنجي چاپلوسيءَ وارين ڳالهين سان کيس ڌتاري ورتائين.


اهڙيءَ طرح جنهن کي ٻہ هزار سون جا سڪا مليا، تنهن بہ ٻيا ٻہ هزار ڪمايا.


خداوند جي حضور ۾ هو عظيم هوندو. هو نہ مئي پيئندو ۽ نڪو شراب واپرائيندو. هو ماءُ جي پيٽان ئي پاڪ روح سان ڀريل هوندو.


تنهن تي گھر جي مالڪ نوڪر کي چيو تہ ’سڙڪن ۽ پسگردائيءَ ۾ وڃ ۽ ماڻهن کي مجبور ڪري وٺي اچ تہ جيئن منهنجو گھر ڀرجي وڃي،


پر انهن کيس ترسڻ لاءِ ڏاڍو زور ڀريندي چيو تہ ”اسان سان رهي پئو، ڇو تہ سانجھي ٿيڻ واري آهي ۽ ڏينهن لڙي ويو آهي.“ تڏهن هو انهن سان رهڻ لاءِ گھر اندر ويو.


پوءِ جڏهن انهيءَ عورت پنهنجي گھر جي ڀاتين سميت بپتسما ورتي، تڏهن اسان کي منٿون ڪندي چوڻ لڳي تہ ”جيڪڏهن اوهين مون کي خداوند عيسيٰ تي ايمان رکندڙ ڪري سمجھو ٿا تہ مهرباني ڪري منهنجي گھر هلي رهو.“ نيٺ هوءَ زور ڀري اسان کي پنهنجي گھر وٺي ويئي.


سندن سرحد اندر هي شهر هئا: يزرعيل، ڪسولوت، شونيم،


تڏهن ان پوڙهي مرد چيس تہ ”اوهين منهنجي گھر هلو. اوهان کي جيڪي گھربو سو آءٌ اوهان کي ڏيندس. رڳو ايترو ڪريو جو رستي تي رات نہ گذاريو.“


پوءِ جڏهن فلستي گڏ ٿيا ۽ اچي شونيم ڳوٺ جي ڀرسان خيما کوڙيائون، تڏهن سائول بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي گڏ ڪري جِلبوعہ جي جابلو علائقي ۾ اچي خيما کوڙيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ