Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 4:43 - Muslim Sindhi Bible

43 سندس خدمتگار کانئس پڇيو تہ ”هي آءٌ هڪ سؤ ماڻهن جي اڳيان ڪيئن رکان؟“ پر اليشع وري بہ کيس چيو تہ ”ماڻهن کي ڏي تہ کائين، ڇاڪاڻ تہ خداوند فرمائي ٿو تہ هو اهو کائيندا ۽ بچائي بہ ڇڏيندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

43 ۽ هن جي نوڪر چيو تہ ڇا، هي آءٌ هڪ سؤ ماڻهن جي اڳيان رکان ڇا؟ پر هن چيو تہ ماڻهن کي ڏي تہ کائين؛ ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ هو اهو کائيندا ۽ بچائي بہ ڇڏيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 4:43
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو ميڪن ٿا پيا ۽ چون ٿا تہ ’اسان کي گوشت ڏي تہ اسين کائون.‘ ڀلا آءٌ هيترن ماڻهن لاءِ گوشت ڪٿان آڻيان؟


تنهن تي خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”ڇا مون خداوند جو هٿ ننڍو ٿي ويو آهي؟ هاڻ تون ڏسندين تہ جيڪي مون تو کي چيو آهي سو پورو ٿئي ٿو يا نہ.“


سڀني ماڻهن کائي ڍءُ ڪيو، تنهن جي باوجود جيڪي ٽڪر ڳڀا بچيا تن مان شاگردن ٻارهن کاريون ڀريون.


انهن سڀني کائي ڍءُ ڪيو، تڏهن بہ ٽڪر ڳڀا ايترا تہ بچيا جو شاگردن ست کاريون ڀريون.


عيسيٰ ٻيهر پڇين تہ ”وري جڏهن مون ست مانيون چار هزار ماڻهن ۾ ورهائي پوريون ڪيون هيون تہ اوهان ان وقت اوبر جي ٽڪرن جون ڪيتريون کاريون ڀريون هيون؟“ انهن جواب ڏنو تہ ”ست کاريون.“


شاگردن وراڻيس تہ ”هتي ويران هنڌ تي ايتري ماني ڪٿان اچي جو هنن ماڻهن جو پيٽ ڀرجي؟“


پر عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”اوهين ئي کائڻ لاءِ ڏيونِ.“ تنهن تي شاگردن وراڻيس تہ ”اسان وٽ تہ پنجن مانين ۽ ٻن مڇين کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ ڪونهي. باقي جيڪڏهن اوهين چئو تہ اسين هيڏي وڏي ميڙ لاءِ وڃي کاڌو خريد ڪري اچون.“


پوءِ تہ سڀني ماڻهن کائي ڍءُ ڪيو ۽ جيڪي ٽڪر ڳڀا بچيا تن جون شاگردن ٻارهن کاريون ڀريون.


”هتي هڪ ڇوڪرو آهي، جنهن کي جَوَن جون پنج مانيون ۽ ٻہ ڪُرڙيون آهن. پر ڇا اهي هنن سڀني ماڻهن ۾ پوريون پئجي سگھنديون؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ